لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ز

ز
393. زتیم روئے نے ہلھے ہونے۔ (کہاوت)
يتيم؛ ڇورو، جنھن تان پيءُ جو سايو لھي ويو ھجي، ٻين کي ڪا شيءِ ڏسي پيو اندر ۾ جھڄندو ۽ ھڄندو آ. احساس محروميءَ ۾ رھڻ سبب، روئڻ کي ئي وڪيل ۽ ھٿيار طور استعمال ڪندو آ. آخرڪار، روئڻ ۽ ٽمجھڻ جو عادي ٿي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. يتيم، روئڻ جا عادي ھوندا آھن.
۲. یتیم رویا ہلے نے۔ (کہاوت)
۳. يتيم، روئڻ جا ھيراڪ.

394. زہر کی زہر ژے مارنی۔ (کہاوت)
دنيا جي اندر، ھر شيءِ جو علاج ۽ ترياق آ. زھريلي شيءِ جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ ترياق طور، زھريلي يا لوڻياٺي شيءِ جو سھارو وٺڻو پوندو آ. نانگ جي زھر جو علاج، وري به نانگ جي زھر مان جڙندو آ.
مطلب؛ ۱. زھر کي زھر، ماري.
۲. زور کي زور، ڀِچي.
۳. لوھ کي لوھ، ڪپي.
۴. طاقت سان طاقت، منھن ڏئي.

395. زیدے لوڑنیاں لوڑنیاں، تھوڑی تھی ویں گشناں پیناں۔ (کہاوت)
قانع ۽ شاڪر جي روزي رزق ۾ برڪت پوي ۽ کوٽي نه ٿئيس. لالچي، ھٻڇي ۽ ناشڪرو، گھڻي جي ڪڍ پوي، جنھن سبب پوري نه پويس. روزي رزق منجھان، ناشڪريءَ سبب، برڪت کڄي ويندي اٿس.
مطلب؛ ۱. گھڻو ڳوليندي ڳوليندي، ٿورڙو به ھليو ويندو آ.
۲. جيڪي گھڻي جي ڪڍ ويا، سي موٽيا ئي ڪو نه.
۳. اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پويان ڏوئي، سڄي ته وڃائي پر اڌ تان به ھٿ ڌوئي.