لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ب

ب
54. بادشاں روی، اے ٹیم اشناں۔ (کہاوت)
ٹیم اشناں؛ ٽائيم اچڻو آ، تڪليف پھچڻي آ، آزمائش اچڻي آ.
تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ، ڪو نه ڪو حل آ. گھڻا معاملا، پئسي ۽ پاور جي زور سان نبرن ٿا. ڌن دولت، جنھن سان زندگي آسائش واري گذري، سا ھٿ ايندي آ محنت/ حڪومت سان. آزمائش، اچڻ جي حساب سان پئسي وارن/ حاڪمن تي به اچي ٿي. اھي به مصيبتن جي منھن ۾ وڃن ٿا.
تڪليف جو اچڻ، رب جي طرفان آ. ان کي ڪير روڪي نه ٿو سگھي. وٽس امير توڙي غريب، ھڪجھڙا آھن. غريبن وٽ تڪليف ڳولي پھچي ٿي ۽ اميرن کي سنگھي کانئن پاسو ڪري وڃي ٿي؛ ائين ھرگز ناھي. ڏکيا ڏينھن، بادشاھن تي به اچن ٿا، تنھنڪري گھٻرائڻ نه گھرجي، بلڪ ھمت ڪجي ۽ ان سان گڏ رب پاڪ کي به مدد لاءِ ٻاڏائيندو رھجي.
مطلب؛ ۱. بادشاھن تي به اھا مھل اچڻي آ.
۲. مھلون، بادشاھن تي به اچڻيون آھن.

55. باہرے نی ساری کولا، کہرے نی ادھی چنگی۔ (کہاوت)
ڄم واري ھنڌ جون حالتون تنگ ڏسي، ھر ڪو ٻين ھنڌن تي روزگار لاءِ ھٿ پير ھڻي ٿو. ڪي ته گھڻي جي لالچ ۾ پرديس جا ڏاکڙا به ڪاٽين ٿا. تنگي دور ڪرڻ واسطي، وطن اندر، ھٿ پير ھڻڻ ته ٺيڪ آ. گھڻي جي ھوس ۾ وطن ڇڏڻ واري جو، نه ديس پنھنجو ٿو رھي ۽ نه پرديس. ديس جي بک برداشت ڪرڻ سولي، پرديس جي پئسي سان سک ۽ سانت، عزت ۽ آبرو حاصل ڪري نه سگھبي. وس ويندي، ديس نه ڇڏجي.
مطلب؛ ۱. ٻاھر جي سڄيءَ کان، گھر جو اڌڙ چڱو.
۲. باءر نی پوری کولا، کہرے نی ادھی چنگی۔ (کہاوت)
۳. پرديس جي پوريءَ کان، ديس جو کن چڱو.
۴. توڙي وڃين ولايت، توڙي رھين منجھ روم،
ملندئي ڍوڍي مٿان ٿوم، جو لکيو لوح قلم ۾.

56. بٹیا توں گول کس طرحے وا ایں؟ اخے؛ رڑی رڑی طہ۔ (کہاوت)
پٿر، جسامت ۾ نھرو ۽ کھرو ھئڻ سبب، جنھن کي لڳي، تنھن کي زخمي ڪري. زماني جي گردشن سبب، اھو به رلي ته چھنبون گسيو، لسيون ٿيو وڃنس. پوءِ، ڪم ڪڍڻ واسطي، ھٿ وجھجيس ته ڀؤ ڪو نه ٿئي.
زماني جي بٺيءَ ۾ گسي پچي، راس ٿي نڪرڻ پڄاڻان، ماڻھوءَ جي کھرائپ به ختم ٿيو وڃي. نرمائپ اچڻ بعد، ھر ڪو ساڻس ربط قائم ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. پٿر تون لسو ۽ گول ڪيئن ٿئين؟ چي؛ رلي رلي.
۲. کھري ماڻھوءَ سان معاملو رکڻ ۾ ھر ڪو پيو لھرائيندو آ.

57. بٹیا کنی، کھوڈیا کانیاں،
پٹیا گنی، ریسو مانیاں۔ (کہاوت)
بٹیا؛ بڻايا، بنايا، ٺاھيو. کنی؛ ڪنھن. کھوڈیا؛ لنگڙي، منڊي. کانیاں؛ ڪاڻيءَ، ھڪ-اکيءَ. پٹیا؛ وڃايو، ڊاٺو. ریسو؛ حسد، ساڙ. مانیاں؛ نافرماني، بي ادبي.
انساني ھٿ سان ٺھيل شيءِ به محبت سان ڪيل محنت سان جڙي آ. محنت، دل ڪندي آ. دل و جان سان ڪيل ڪم، راس به ٿئي ۽ نظر به اچي. ٻانھن-ڀڳو/ ٽنگ-ڀڳو ڪم ڪري، دل-ڀڳو ڪم نه ڪري. دنيا جي محنت ۾ اھڙن دل-وارن جو به حصو آ، جيڪي ظاھري طور انڌا، منڊا ۽ ٽنڊا ھيا پر دل-ڀڳا نه ھيا. ان جي ابتڙ، نڪمن، ٽوٽين، ساڙولن ٺھيل ڪم به بگاڙي ڇڏيا.
مطلب؛ ۱. ٽنگ ڀڳو ڪري، ٻانھن ڀڳو ڪري، دل ڀڳو ڪم نه ڪري.
۲. ٺاھيو ڪنھن؟ چي؛ ”منڊيءَ/ڪاڻيءَ“.
وڃايو ڪنھن؟ چي؛ ”سڙ-پچ ۽ نافرمانيءَ“.
۳ . اندر ٺريي سان ’نه ٿيڻ جھڙا ڪم‘ به ٿين ٿا.
اندر سڙيي سان ’ٿيڻ جھڙا ڪم‘ به رليو وڃن.

58. بچہ روئے ناں ماء دھدھ وی نئی دینی۔ (کہاوت)
پٽ، ڌيءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيارو ھوندو آ. ان کي به ماءُ تڏھن ٿي ٿڃ ڏئي، جڏھن روئي گھري ٿو. بنا گھرج ۽ گھرڻ جي، ٿڃ نه ٿي ڏئيس ته متان بيمار ٿي پوي. ٻار کي ڳالھائڻ ۽ گھرڻ ڏانءُ ڪو نه ٿو اچي. احتياج جو اطلاع، روئڻ جي صورت ۾ ڏئي ٿو. سندس روئڻ جي مقصد/ مطلب کي، ڄڻيندڙ ماءُ ئي ڄاڻي ٿي؛ بک کان ٿو ٻاڪاري يا پيٽ-سور کان.
مطلب؛ ۱. ٻار روئي نه، ماءُ ٿڃ ئي نه ڏئيس.
۲. گھرڻ ڌاران، ماءُ به ڄڻيي پٽ کي ببو نه ٿي ڌارائي.
۳. پٽ کي رني بنا، ماءُ به ٿڃ نه پياري.

59. بچہ طہ بڈھا ہیک بروور۔ (کہاوت)
ٻار، پنھنجي گھرج، روئڻ سان، پوري ڪرائي. کاڌ-خوراڪ کائڻ، لٽي ڪپڙي پائڻ، وھنجڻ سھنجڻ، گونھ-مٽ ڌوئڻ ۾ ٻين جو محتاج. ٻڍو پڻ، ٻين جو محتاج ھوندو آ. ڳالھائڻ ۾ ٻئي گونگن وانگر. گونگن جون آڃون؛ يا گونگا سمجھن، يا مالڪ سمجن. ٻار جي ٻولي؛ يا ٻارُ سمجھي، يا مائٽ سمجھن. جھوني جي ڳالھ؛ يا جھونڙا سمجھن، يا پونئير سمجھن.
کائڻ پيئڻ ۾ ٻئي بيمارن وانگر. بيمار جو کاڌو؛ يا بيمار کائي يا ڪتو لڪي. ٻار جو کاڌو؛ يا ٻار کائي، يا ڪتو چٽي. ڪراڙن لاءِ رڌل کاڌو؛ يا ڪراڙا کائين، يا ڪتا لُٻين.
ھنگن مٽن، ٻئي ڪپڙن ۾. ٻار جا ڪپڙا؛ يا ماءُ مَٽي يا آيا. ڪراڙي جا لٽا؛ يا زال مٽي يا خاص نوڪرياڻي. طبعًا؛ ٻئي چيڙاڪ. ٿوري دير ٿي ته آسمان مٿي تي. ٻاڪاري، ڪِنُ ڪندا. ڳالھائڻ ۾ انڌي وانگر اوسي پاسي نه ڏسندا. جو زبان تي آيو، ڦھڪائي ڪڍندا. لَھُ لحاظ نه ڪندا.
مطلب؛ ۱. ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي ھڪ آچار.
۲. ٻڍي ۽ ٻار جو لاچار ۾، آچار ساچار ساڳيو.

60. بچے پیار نیں ہونیں۔ (کہاوت)
ٻار، جسماني/ دماغي طور تي ڪمزور ھئڻ سان گڏ، زبان جي ٻولي سمجھڻ کان قاصر ھوندو آ. اشارن سمجھڻ جي خاصيت، وديعت ٿيل ھوندي اٿس، جيڪا سمجھندو آ. منھن ۾ پيل سونڊ کي اڳلي جي ڪاوڙ سمجھي کانئس ڇرڪندو آ. ڀاڪر کي پيار ۽ پنھنجائپ سمجھندو آ. جيترو قرب/ پيار ڏبس اوترو ڀروسو ڪندو. اک ڏيکاربس، ارواح کڻي ويندو.
مطلب؛ ۱. ٻار، پيار جا آھن.
۲. ٻار ته پيار.
۳. بچے ساریاں نیں سانژے ہونیں۔ (کہاوت)
۴. ٻچا، مڙني کي ھڪجھڙا آھن.
۵. ٻچا، ڪنھن کي پيارا ناھن.
۶. ٻچا، ڪانون کي به پيارا آھن.

61. بچھا کلے نے زورے رتا نغنا۔ (کہاوت)
بچھا؛ وڇ، مينھن جي ڄائي. کلے نے؛ ڪلي تي. رتا؛ آھر. نغنا؛ ڪڏڪارون ڏئي.
وڇ کي ڪِلي سان ڇڪي ٻڌبو آ ته جيئن مينھن ڌاپڻ کان بچي وڃي. کير ڌائڻ، وڇ/ ڦر جو فطري حق آ. تنگ پئي ڇنائيندي. ڳچيءَ ۾ پيل رسي جي ڊيگھ سارو، ڪلي کان ماءُ تائين ويندي. وڌيڪ وڃي نه سگھندي. محدود دائري اندر پئي ڦيراٽا ڏيندي. ڍلو ڪلو، وڇ جي زور لائڻ تي پاڙان اکڙي اچي. مضبوط کتل ڪلو، وڇ کي سوڙھو رکندو ۽ اتي پئي ولھوٽا کائيندي.
مطلب؛ ۱. وڇ ڪلي آھر ڪڏي.
۲. مینج اپنے کلے تہاوانی۔ (کہاوت)
۳. مینج؛ مينھن. تہاوانی؛ زور لائي.
۴. مينھن، پنھنجي ڪلي تي ڪڏي.
۵. نوڪر چاڪر، مالڪن جي مضبوطيءَ سارو، کينس/ خصومت ڪندا آھن.

62. بخشش سو نی، لیخا تہلے ناں۔ (کہاوت)
سنگت/ مائٽ سان ليکو ڪرڻ وقت، اکين ۾ حياءُ لھي ايندو آ. وڏيون ضرورتون مُنھن ڪڍن ته مروت ۽ مريادا، مري وڃن. اڻ-ڪيل ڪمن ۽ اڻ-واپرايل شين جو حساب ڪتاب به، اکين آڏو تري بيھي. چڱا ڀلا به، بي شناس/ بي حياءَ ٿي بيھندا آھن. اکيون اکين ۾ وجھي، نرڙ تي سونڊ چاڙھي ڏسندا آھن ته پيرن ھيٺان زمين نڪري ويندي آ. اھا نوبت اچڻ کان اڳ، پاڻ منجھ حساب ڪتاب رکڻ واري روايت وجھجي. شرمائجي/ ڪيٻائجي نه. پوءِ جي ڦڪت کان، ليکي رکڻ ۾ ئي چڱائي آ.
مطلب؛ ۱. بخشش سو جي، ليکو آڌيلي جو.
۲. حساب کتاؤ پائی پائی ناں، بخشیش سو نی۔ (کہاوت)
۳. حساب ڪتاب پائيءَ پائيءَ جو، بخشش سونَ جي.
۴. حساب کتاؤ پیو پترے ناں وی آ۔ (کہاوت)
۵. حساب ڪتاب، پيءُ پٽ جو به ھوندو آ.
۶. حساب ککھے ناں تہ بخشش لکھے نی۔ (کہاوت)
۷. حساب ڪک جو، بخشش لَک جي.
۸. لیخا پائی پائی ناں، بخشیش سوئےنی۔ (کہاوت)
۷. ليکو؛ پائيءَ پائيءَ جو، بخشش؛ سون جي.

63. بد کولا، بدناں برا۔ (کہاوت)
برائي ڪرڻ سان، اڳلو بڇان ۽ نفرت ڪري. برائي ڪندڙ جي نيت جي اڳواٽ خبر نه ھئڻ سبب ڪير به کيس خراب ناھي سمجھندو. ساڻس ورتاءُ چڱو رکيو ھلندو آ. بدنام ماڻھو، برائي ڪري يا ڀلائي، سندس ھر ڪم شڪ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي. کيس ڏسندي، ھر ڪو پيو پاسو ڪندو.
مطلب؛ ۱. بد کان بدنام برو.

64. بدخوئی، چھپی نئی رہنی۔ (کہاوت)
نيڪي/ بديءَ کي بوءِ آ. نيڪيءَ جي مھڪ ۽ برائيءَ جي بانس سالن تائين وائرجندي آ. پنھنجو روپ/ وجود برقرار رکيو ايندي آ. ڪٿان نه ڪٿان، ليئو پائي، ڏيکاري ڏئي وٺندي آ.
مطلب؛ ۱. بدخوئي، ڪين لڪي.

65. بدل برہے عین گلے، تلاٹ ساندیاس۔ (کہاوت)
بدل؛ بادل،ڪڪر. برہے؛ وسي. عین گلے؛ عين گلو، راولاڪوٽ ويجھو علائقي جو نالو. تلاٹ؛ چڪ، گپ. ساندیاس؛ ساندياس، پوٺيءَ جو ھڪ ميداني علائقو.
جابلو علائقن منجھ، ھيٺ-مٿانھيون ھونديون آھن. مٿانھين ۾ پيل برساتي پاڻي، ليٽي پيٽي ھيٺانھين جا کڏا کوٻا پيو ڀريندو آ. عين گلو، گلي يا جبل جي مٿان لھندڙ نئن جي ڇاڙھ. منجھس پيل برسات، سِڌُ ڪري، ساندياس نالي جي ترائيءَ منجھ لھي ڪٺي ٿئي ته اتي ٻوڏار ٿيو وڃي.
مطلب؛ ۱. مينھن وسي عين گلي ۾، چڪ ٿئي ساندياس ۾.
۲. ھڪ جاءِ تي ٿيل ڪم جو اثر، ٻئي ھنڌ به ٿئي.
۳. واقعو ھڪ ھنڌ ٿئي، ان جا اثرات ٻئي ھنڌ تي نمودار ٿين.
۴. دليريءَ ۾ دھل وڄي، ڊيگاڻ ۾ ڍيڍ نچي. (ٿر)

66. بدلی ناں دیہوں، روئی زمیاناں ترہپا، ماتریائو ناں تہپھانی چہلنوں ناں۔ (کہاوت)
بدلی؛ بادل، ڪڪر. دیہوں؛ ڏينھن، اس. روئی؛ آلي، گپ. زمیاناں؛ زمين. ترہپا؛ ترڪڻ، سلپ ٿيڻ. ماتریائو؛ ويڳي ماءُ، ماسي. تہپھانی؛ ٿڦڙ، چپاٽ. چہلنوں؛ جھلڻ، سھڻ.
ڪڪر، منجھند ڌاري به سج جي اُس/ تک کي ڍڪي ڇڏين ته موسم جھڙالي ٿيو پوي. ھوائن جي ھلڻ سان، ڪڪر ھٽن ته وٿين مان تکي اس، ليئا پائي ۽ لڱ تپائي. ان اوچتي اس جي سٽ سھڻ، ڏاڍي ڏکي.
ڏاڍيري زمين تي وسيل برساتي پاڻيءَ سبب، ترڪڻ جو انديشو رھي ٿو، جو مٿيون تھ، ھيٺئين سخت تھ مٿان، گريس وارو ڪم ڪندو آ. تڪڙو پير، مٿس پيو ناھي، لڱن جي وزن اچڻ کان اڳ، زمين جي آلاڻ سبب، اتان کسڪڻ شروع ٿيو ناھي. جيسين ٻيو پير کڄي، تيسين پھريون پير جسم جو توازن کڙيءَ تي سنڀالڻ بجاءِ ترڪيو وڃي. ھلندڙ کي سخت زمين تي ڌڪ لڳي.
ماءُ، غلط ڪم تان ماري. سندس ڌڪ/ پٽ، بي اثر ھوندا آھن. ماٽيلي ماءُ/ ماسي ڌڪ ھڻي ته زمائتو ۽ جوکائتو محسوس ٿئي ۽ دل تي اثر ڪري.
مطلب؛ ۱. جھڙ جي ڌپ، ويڳي ماءُ جي مڪ، جاتي لڳي، تاتي سڪ.
۲. جھڙ جي اوس، گنجي جي ڦوس، پاڙي جي ھُوس؛ ٽيئي خراب.
۳. جھڙ جي ڌپ، آلي زمين جي گپ،
ويڳي ماءُ جي مُڪ، جھلي سو جنھن ۾ ھجي سھپ.
۴. اونھاري جي وسندي مينھن، آرھڙ جي تتي ڏينھن،
سياري جي آڌي رات، شل نه پوي ھنگڻ تات.

67. بدھو پڑھیا فارسی، سولا دونے آٹھ۔ (کہاوت)
پڙھڻ، پاس ٿيڻ ۽ استاد جي ادب لاءِ، عقل ۽ فھم جي ضرورت آ. بي عقل پڙھي ته نه تدريسي علم پرائي، نه تاديبي. ائين جيئن بنجر/ ٺوٺ زمين ۾ زرعي صلاحيت نه رھي. ھر ڪو پيو ٽوڪيندس؛ ”استاد کي بِھ ڏئي پڙھيو ھئين ڇا؟“ يا؛ ”پڙھڻ ڪو اَڪ جي ماکي آ ڇا جو تو لاھي ورتي.“ يا؛ ”ڀَريون ڍوئي پڙھيو آھين ڇا؟“
مطلب؛ ۱. بيوقوف پڙھيو فارسي؛ سورھن ڏون، اٺ.
۲. ھڪ مڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏھ مڻ عقل پڻ کپي.

68. برائی کی، جڑے چا پٹو۔ (کہاوت)
برائي، نصيحت/ واعظ سان ختم نه ٿيندي. پاڙان پٽي اڇلڻ سان ختم ٿيندي. جيستائين جڙ پاڙ پٽي نه اڇلبس، تيستائين ختم نه ٿيڻ جو نالو نه وٺندي.
مطلب؛ ۱. برائيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏجي.
۲. برائيءَ کي پاڙان پٽي اڇلجي.

69. برے کی، کہرے توڑی پوچاؤ۔ (کہاوت)
برو، بڇڙو، چور ۽ ڪوڙو، منھن تي برائي ڪن/ ڪوڙ ھڻن. کين ڏسي/ ٻڌي، اندر سڙي. کين برو يا چور چوڻ بجاءِ، دليلن سان کٽائجي. ڳالھين ۾ منجھائي، بيزار ڪجين. ڀڄن يا غلطي باسين. ڇوٽ نه ڇڏجين، جو ٻين لاءِ ڏچو ڪن. کين ڇڏبو يا مٿن پردو رکبو ته ٻين لاءِ پيا عذاب پيدا ڪندا.
مطلب؛ ۱. بري کي، گھر تائين پھچائي اچجي.
۲. برے نیں کہرے توڑیں گشناں۔ (کہاوت)
۳. برے نے کہرے توڑی پوہچنا۔ (کہاوت)
۴. بري کي گھر تائين پڄائي اچجي.

70. برے ناں پلاہ وی برا۔ (کہاوت)
برو؛ نه دشمن چڱو، نه دوست چڱو. دشمن ٿئي ته جان وڃائي، دوست ٿئي ته ايمان وڃائي. سندس صحبت کان ڀڄجي ۽ رابطي ۾ ئي نه اچجيس.
مطلب؛ ۱. بري جو پلو به برو.
۲. صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند. (فارسي)
۳. جھڙي صحبت، تھڙو اثر.

71. بڑا اخاناں سخلا، بڑا بنناں اوخا۔ (کہاوت)
وڏو ٿيڻ سان، ذميواريون/ بار ڪلھن تي اچيو وڃن. وڏن جي عزت ۽ احترام، شان ۽ شوڪت ڏسي، دل ھرکي ته جيڪر وڏو ٿجي. جنھن محنت/ اورچائيءَ سان وڏڙن، اھو مرتبو حاصل ڪيو، سا نه پڄندي آ. مفت ۽ شارٽ ڪٽ سان مليل گادي/ اختيارات سنڀالڻ جي صلاحيت نه ھئڻ ڪري، وڏپ جا بار کڻڻ اوکا. وڏو ٿيڻ سولو، ذميواريون نباھڻ ڏکيون ٿيو وڃن.
مطلب؛ ۱. وڏو سڏائڻ سھنجو، وڏو ٿيڻ اھنجو.
۲. پے بنانا سان، پے آخاناں اوخا۔ (کہاوت)
۳. پيءُ ٺاھڻ سولو، پيءُ سڏائڻ اولو.

72. بڑا بول ناں بولو، اللہ نے قہرے کولا ڈرو۔ (کہاوت)
بول؛ ٻول؛ دعويٰ، مان ڪرڻ.
ڊاڙي/ لٻاڙي ماڻھو، رعب ۽ دٻدٻو وجھڻ خاطر، وڏي لاڦ ۽ ھام ھڻندو آ. اگر پڇجيس؛ ”اڄ جو ٿئي ٿو سو اگر تو طرفان آ ته اڳي جو ٿيو آ، سو ڪنھن طرفان ھو؟ سڀاڻي تون نه ھوندين ۽ جيڪو ٿيندو سو ڪنھن طرفان ھوندو؟“ جواب ڏيڻ کان اڳ، ’مان ڪرڻ واري ڳالھ‘ ختم ٿي ويندس.
مطلب؛ ۱. وڏو ويڻ نه ڪڍجي، الله جي قھر ڀئه ڊڄجي.
۲. بڑا بول، اگیں اشناں۔ (کہاوت)
۳. وڏو ٻول، اڳيان اچي.

73. بڑا بیری کن؟ اپنا پیٹ۔ (کہاوت)
پيٽ منجھ ويلي کان ويلي تائين جو کاڌو ذخيرو ٿئي، جنھن مان جسم، قوت حاصل ڪري زندھ رھي. پيٽ، سڻڀي کاڌي جو ھيراڪ ٿئي ته پيو مال مليدا طلبيندو. سندس طلب ۾ لڳي وڃبو ته وچٿري زندگي گھارڻ ڏکي ٿي پوندي. پيٽ، جائز ناجائز/ حرام حلال جو ھيرڪو ٿي بيمارين جو ڳڙھ ۽ ٻوجھ ٿي پوندو.
ننڍا ڀائر، پيءُ مئي پڄاڻان، وڏي ڀاءُ تي اعتبار ڪن. وڏو ڀاءُ، سندن پورائو ڪري ته پاڻ ھڏ-حرام ٿي، وڏي ڀاءُ لاءِ عذاب ٿي پون.
مطلب؛ ۱. وڏو ويري ڪير؟ پنھنجو پيٽ.
۲. بڑا دشمن/ شریک کن ڑ؟ ماؤ ناں پیٹ۔ (کہاوت)
۳. بڑا شریک؛ اپنا ٹھڈھ / سکا پہراء۔ (کہاوت)
۴. وڏو ڀائيوار؛ پنھنجو ڍڍ/ سڳو ڀاءُ.
۵. پہراء بڑا شریک ہونا۔ (کہاوت)
۶. ڀاءُ؛ وڏو شراڪت دار.
۷. پيٽ ۽ ڀاءُ جھڙو؛ نه ڪو حصيدار، نه دشمن.
۸. شيطان نہين ديکھا؛ نائي کو ديکھ، دشمن نہين ديکھا؛ بھائی کو ديکھ.

74. بڑا کرے طہ نکا پہرے۔ (کہاوت)
وڏن جي ڇڏيل مال تي پونئير؛ يا سک وٺن، يا وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿين. وڏن جي ڪمائي، ننڍا کائين. مٺو ھپو ھپو ته پوءِ ڪؤڙو ٿؤ ٿؤ ڇو؟ اھو به وارثن اندر ورھائبو. مزا به اھي ماڻين ته لوڙَ به اھي لوڙين.
مطلب؛ ۱. وڏو ڪري، ننڍا ڀرين.
۲. وڏن جي ڪمائي، ننڍا کائيندا آھن.
۳. ڪرڻي ڀرڻيءَ جو جھان آ.

75. بڑا ناں، اللہ ناں۔ (کہاوت)
وڏائي، رب جي چادر آ. ان ۾ ڪنھن کي به اچڻو ناھي. ايندو، سٽجي ويندو. اڪبر/ وڏو، فقط ڌڻي سڳورو آ. ٻيا سمورا ننڍا آھن. نالو/ اسم به سندس ئي وڏو ٿيندو. الله جو اسم ئي ’اسم اعظم‘ آ. سندس نالي وٺڻ سان ئي ٻيڙا پار ٿين ٿا. ٻين نالن وٺڻ سان، ٻيڙا پار نه ٿيندا.
مطلب؛ ۱. وڏو نانءُ؛ الله جو.
۲. بڑی ذات، خدا نی۔ (کہاوت)
۳. وڏي ذات، خدا جي.

76. بڑی پہرجھائی، مائو نی جائی۔ (کہاوت)
پہرجھائی؛ ڀاڄائي، وڏي ڀاءُ جي زال. مائو نی جائی؛ ماءُ جي جاءِ تي، ماءُ وانگر.
وڏو ڀاءُ، ڪن صورتن ۾ ايترو وڏو ھوندو آ جو، کيس پيءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي پٽ پيو سمجھبو آ. ان صورت ۾، وڏي ڀاءُ جي زال، ماءُ جي جاءِ تي پئي نظر ايندي. ننڍي ڀاءُ تي به واجب ٿئي ٿو ته مشابھت وارن رشتن جو ساڳيو احترام/ تعظيم ڪندي. وڏي ڀاءُ کي پيءُ ۽ وڏي ڀاڄائيءَ کي ماءُ جي جاءِ تي سمجھندي، سندن اوترو ادب/ احترام ڪري.
مطلب؛ ۱. وڏي ڀاڄائي، ماءُ جي جاءِ تي.
۲. وڏي ڀاءُ جي گھرواري، ماءُ جھڙو احترام لھڻي.

77. بڑے سر، بڑیاں پگاں۔ (کہاوت)
پڳ/ پڳڙي، سر/ مٿي تي، مٿي جي بڻاوت آھر ٻڌبي آ. ننڍي ٻار جو مٿو ننڍو ۽ منجھس وزن کڻڻ جي سگھ ناھي. ھلڪو پٽڪو ٻڌبس ته به منھن ئي لڪي ويندس. وڏي مرد جو مٿو وڏو ۽ وزن کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ آ. ست ھٿ/ ٿانُ مٿي تي ٻڌي ھلندو ته پيو ٺھندو ۽ اوچي ڳاٽ پيو ايندو.
پڳ؛ سربراھي به وڏو بار آ. ان جي بار کڻڻ ۽ نباھڻ جي صلاحيت به خاندان جي وڏي ۾ ھوندي آ. جو سندس وڏي مٿي ۾، مغز به وڏو ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. وڏا سر، وڏيون پڳون.
۲. وڏن تي، وڏا بار.
۳. مڙس ٿئي ڀاڙي؛ پٽڪو به بار.
78. بڑے کہراں نے، بڑے در۔ (کہاوت)
بڑے کہراں؛ وڏا گھر، اميرن جا گھر.
امير ماڻھو، پڪا ۽ پڪ-سراوان گھر ٺھرائي، منجھن سُک سان رھندا آھن. رھڻ جي ھر سھوليت کان علاوھ منجھن حفاظت لاءِ، لوھاوان دروازا پڻ رکرائيندا آھن. وڏن ڪوٽن جي اندر، دروازا پڻ اوچا رکڻا پوندا آھن ته جيئن منجھانئن اٺ ۽ ھاٿي لنگھي سگھن.
اميرن جي گھران، سوالين کي دان پڃ ملي، جنھن سبب وڏا در سڏجن.
مطلب؛ ۱. وڏن گھرن جا، وڏا در.
۲. اميرن جي دروازن تان، وڏو دان ملڻ جا امڪان ھوندا آھن.

79. بڑیاں شہریاں ناں، بڑیاں گلاں۔ (کہاوت)
ننڍن ڳوٺن ۾ غريب ۽ بي پھچ ماڻھو، ٿوري مال، ڪمائيءَ ۽ پئسي مان، پنھنجو وقت گذر ڪري ويندا آھن. وڏن شھرن ۾ ھر شيءِ پئسي سان آھي. اتي وڏيون ڳالھيون ۽ وڏا معاملا آھن، جن کي سمجھڻ لاءِ، وڏا مغز کپن. جيترو وڏو شھر، منجھس مسئلا، اوترا ججھا. جنھن معاملي ۾ ھٿ وجھ، اھو ايڏي ته اينگھ کائيندو، جو حل واسطي وڏن مغزن ۽ تجربيڪار ماھرن جي ٽيم ويھارڻي پوي.
مطلب؛ ۱. وڏن شھرن جون، وڏيون ڳالھيون.
۲. بڑیاں نی گل، بڑی ہونی۔ (کہاوت)
۳. وڏن جون، ڳالھيون وڏيون.
۴. وڏن شھرن جي معاملن کان، پاسو ڪجي ته بھتر.

80. بڑیاں نی مت، آملیاں ناں سواد؛ بعد وچ اشناں۔ (کہاوت)
آملیاں؛ آمله، آئرا.
آئرا، ڪچا يا پڪا، کائڻ ۾ ڪؤڙا ۽ ڪسارا ھوندا آھن. حڪيم، پيٽ جي خرابيءَ کان، علاج طور ڏس ڏيندا آھن. آئرا، مربو ٺاھي ئي، کائي سگھبا. کائڻ پڄاڻان، منجھن رکيل ھاضمي درست ڪرڻ واري صلاحيت، ڪم ڪندي آ. ھاضمو درست ٿيندو آ ته آنڊا قرار ۽ ھيانءَ کي فرحت ايندي آ. معدو ٺرڻ سبب، فرحت بخش اوڳرايون ۽ سواد پيو محسوس ڪبو آ.
وڏڙن جي نصيحت شروع ۾ ڪؤڙي لڳندي آ. دل تي پٿر رکي، جڏھن مٿس عمل ڪبو آ ته نڪتل نتيجا بيحد فرحت بخش محسوس ٿيندا آھن. نصيحت جي ڪؤڙاڻ جو ذائقو، نڪتل نتيجي جي سرھاڻ سان مٺاس ۾ بدليل محسوس ٿيندو آ، جنھن سببان، جيءَ کي فرحت اچي ويندي آ.
مطلب؛ ۱. وڏڙن جي ڏاھپ جو اثر، آئرن جو سواد؛ پوءِ ظاھر ٿيندا آھن.

81. بڑیاں نیاں گلاں، بڑے جانن۔ (کہاوت)
وڏڙن جون ڳالھيون، ننڍن کي جلد سمجھ ۾ نه اينديون آھن. ننڍا ھر ڳالھ جي رمز کي جاچي نه سگھندا آھن. ان کي سمجھڻ واسطي، سوال مٿان سوال پيا پڇندا آھن. معاملي جي نزاڪت، وائکي ٿيڻ سان مُنجھڻ جو امڪان ھوندو آ. وڏڙا پردو رکي، معاملي کي سلجھائڻ جو تدارڪ ڪندا آھن. ننڍا، پلو لاھي، معاملو بگاڙڻ جي ڪندا آھن، جيتوڻيڪ وڏڙن جو ادب ڪرڻ ۽ چيو مڃڻ ۾ ئي مصلحت ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. وڏن جون ڳالھيون، وڏا ڄاڻن.
۲. وڏڙن جون ڳالھيون آھن، وڏڙا ئي سلجھائين.

82. بڑیاں نیاں گلطیاں، نیا پوڑنیا۔ (کہاوت)
پوڑنیا؛ کوٽ کوٽ ڪرڻ، وائرڻ.
وڏن جي ڳالھين ۾، رب طرفان، حڪمت رکيل ھوندي آ. اگر اھي غلطي به ڪري وجھن ته وري به ان ڪيل غلطيءَ مان ھڙ حاصل ٿئي، جو کانئن ٿيل غلطيون، بدنيتيءَ تي مبني نه ھونديون آھن. ھچر پچر، وائر يا ڍنڍورو نه ڪجين، نه ته منجھانئن رکيل حڪمت ۽ برڪت کڄي ويندي.
مطلب؛ ۱. وڏن جون غلطيون، ڍنڍورڻ نه گھرجن.

83. بڑھے تھیں پہلیاں، نکلے ناں راء دھیکھی کہنو۔ (کہاوت)
تھیں؛ ٿيڻ. پہلیاں؛ پھريان، اڳي. نکلے ناں راء؛ نڪرڻ جي راھ، ڀڄڻ جي واٽ. دھیکھی کہنو؛ ڏسي وٺو، تڪي ڇڏيو.
وڏو ٿبو ته سر تي بار به وڏا ۽ اوکا ئي ايندا، جن کي منھن ڏيڻ جي پاڻ ۾ صلاحيت ڌارجي، جو وقت پئي پڄاڻان، ڀڄڻ جي واٽ ھٿ نه ايندي آ. مصيبت جي اچڻ کان اڳ، ڄاڻ ۽ اھليت سان پار پئجي وڃبو.
مطلب؛ ۱. وڏي ٿيڻ کان اڳي، نڪرڻ جون واٽون، واچي ڇڏيو.
۲. وڏو ٿيڻ کان پاسو ڪجي، ته اڃا چڱو.
۳. نئين ھنڌ تي داخل ٿيڻ کان اول، اتان نڪرڻ جو رستو به تاڙي ڇڏيو.
۴. ڪم شروع ڪرڻ کان اڳي، ان جو انجام نظر ۾ رکو.
۵. سبق پھر پڑھ صداقت کا عدالت کا شجاعت کا، لیا جائے گا کام تجھ سے اس دنیا کی امامت کا۔
84. بغنے دریا چا، ہر کوئی پیناں/ پہرناں۔ (کہاوت)
وھندڙ درياھ مان، فائدو وٺڻ جو، ھر ھڪ کي حق آ. جو مٿس ڀرڻ ۽ وھائڻ تي، ڪنھن جو ذاتي خرچ/ محنت ٿيل ناھي. خالق طرفان، مخلوق جي فائدي واسطي، عام واھپي واري شيءِ، وافر مقدار ۾، ھر جاءِ ھڪي حاضر ھوندي آ. سج، چنڊ، تارا، آسمان، پاڻي، ھوا، مٽي وغيرھ، ھر ساھدار جي نفعي لاءِ عام آھن. ڪير ڪيترو به واپرائڻ چاھين، بنا روڪ ٽوڪ واپرائي سگھين.
مطلب؛ ۱. وھندڙ درياھ مان، ھر ڪو پاڻي ڀري/ پيئي.
۲. واٽ/ رستو، خدا جو آ. ھر ڪو استعمال ڪري سگھي.

85. بغنے دریا کول گچھے تہ دریاہ سکی گچھے۔ (کہاوت)
بغنے؛ بدنصيب، نڀاڳو. کول؛ وٽ، ويجھو. گچھے؛ وڃي، پھچي. سکی؛ سڪي.
عام فائدي واري شيءِ مان، بنا روڪ ٽوڪ، ھر ڪو استفادو ڪري سگھي ٿو. رب طرفان رستا روڪ ٿئي ته ھٿ وس واري سھوليت به فائدو نه ڏئي. نفعي/ نقصان، فائدي/ گھاٽي جو اصل ڌڻي، رب پاڪ آ. اھو جڏھن چاھي ته شيءِ فائدو ڏئي، نه چاھي ته شيءِ فائدو نه ڏئي.
مطلب؛ ۱. نڀاڳو، درياھ تي وڃي ته درياھ سڪي وڃي.
۲. نڀاڳو، نديءَ تان به اڃيو موٽي.
۳. ڀاڳ ۽ نڀاڳ، سڀ رب طرفان آھن.
۴. نڀاڳو چڙھي لاريءَ تي ته لاري ليٽ،
چڙھي ٻيڙيءَ تي ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي.

86. بکری دھدھے چ مینگناں بائی طہ دینی۔ (کہاوت)
ٻڪري، ھلڪو ۽ ٽاھڙ جانور آ. بيٺي ۽ ڀڄندي، کير ڏھائي. کير ڏھڻ وقت، صبر سان نه ڏھائي، پر ھلندي ڏھائي ۽ ڦولھڙيون به لاھي. کير جي ٿانءَ ۾، ڦولھڙيون پوڻ جو انديشو رھي. ڏوھو، کير جي ٿانءَ کي ڦولھڙين پوڻ کان ته بچائي پر منجھانئن اٿندڙ ھَوَڙَ، کير ۾ ضرور رھي.
مطلب؛ ۱. ٻڪري کير ڏئي، ڦولھڙين گاڏڙ.
۲. بکری دھدھ دینی پر میغناں بائی طہ دینی۔ (کہاوت)
۳. ٻڪري کير ته ڏئي، پر منجھس ڦولھڙيون ضرور گڏي.

87. بکرے نی ماں کدوں توڑی خیر مناسی۔ (کہاوت)
ڇيلي جو گوشت، مڙني گوشتن کان لذيذ ۽ طاقت بخش آ. سندس کايارا، جھان اندر، ججھا آھن. شوقين، ڳولي ڳولي، سوکو پھرو وٺندا آھن. ڪَمر ۽ ڪنڌو جاچي، ڪاسائيءَ کان ڪھرائيندا آھن. چونڊي چونڊي سُنڍيون ۽ ھڏي تي چڙھيل ٻوٽيون ڪٽرائيندا آھن. ماڻس، سندس بچڻ لاءِ، ڀلي سو خير ڪڍرائي، پر ذائقيدار ھئڻ سبب، ڇيلو ڪاتيءَ ھيٺان ضرور اچي.
مطلب؛ ۱. ڇيلي-ماءُ ڪيستائين خير گھرندي؟
۲. ذائقيدار شيءِ، شوقينن جي ھٿان بچڻي ئي ناھي.
۳. سھڻي شيءِ جو دشمن، سندس سونھن.

88. بکری وی جاغا کھسی بیجنی۔ (کہاوت)
بکری؛ ٻڪري، ڇيلي. وی؛ ڀي، به، پڻ. جاغا؛ جاڳاھ، جاءِ، جڳھ. کھسی؛ صاف ڪري، سٿري ڪري. بیجنی؛ ايھي، رھي.
صفائي سٿرائيءَ واري جاءِ، جانورن کي به پسند آ. انسان اشرف المخلوقات ھئڻ سبب، ان ڳالھ جو وڌيڪ مستحق آ ته صفائيءَ سان رھي. جتي به ويھي، گندگيءَ کان پاڻُ بچائي. جان صاف سٿري رکڻ سان گڏ، ڌوتل ڌپويل لٽو ڪپڙو اوڍي، چڱي چوکي جاءِ تي، چڱن سڦرن جي محفل ۾ ويھي. اڍنگائپ کان پاسو ڪري، جو ان ۾ سندس چڱائي آ.
مطلب؛ ۱. ٻڪري به جاءِ صاف ڪري ويھي.
۲. ڪتو به ويھڻ واري جاءِ تي، پڇ ھڻي پوءِ ويھندو آ.
۳. جتي به ويھجي، صفائيءَ سٿرائيءَ سان ويھجي.

89. بکریاں جانی نی، قصایئے منجھے نی۔ (کہاوت)
بکریاں؛ ٻڪريءَ کي، ڇيلي کي. جانی؛ جان، سر، ساس، ساھ. نی؛ جي. قصایئے؛ قاصائيءَ کي، ڪاسائيءَ کي. منجھے؛ حرام مغز، ريڙھ جي مخ، ڪمر.
رب پاڪ، ھر ساھدار کي زمين تي موڪلڻ کان اڳ سندس روزي رزق، اڻ-ڳڻين صورتن ۾ ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آ. گوشت به رزق جي ھڪ صورت آ. جانور، ڄمڻ کان وٺي ڪسڻ تائين، اھو رزق، جسم جي صورت ۾ سنڀاليندو ۽ بچائيندو کنيو ٿو ھلي. مداءُ پورو ٿئي ته ڇيلو ڪيترو به پاڻُ لڪائي، ڪاتيءَ کان بچي ڪو نه سگھي. مردار ٿي مرڻ کان، حلال ٿيڻ ۾ سڦلائپ اٿس. ڪنڌ تي ڪاتي آئي کان پوءِ، پاڻ ڪڍائي نه سگھندو، البته سِير کان پوءِ، کرڙيون ضرور ھڻندو. ڪاسائي روزي رزق جي حاصلات ۾، ان وقت مٿس بي قياس ۽ بي رحم ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. ٻڪريءَ کي سر جي، ڪاسائيءَ کي ڪمر جي.
۲. ٻڪريءَ کي ساھ جي، ڪاسائيءَ کي حرام مغز جي.
۳. ٻڪريءَ کي ساس/ ساھ جي، ڪاسائيءَ کي ماس/ ماھ جي.

90. بلائیں ناں لاقہ؛ ناں بندہ، ناں بندے نی ذات۔ (کہاوت)
انسان فطرتي طور تي، ٻين سان گڏجي سماج جوڙي، منجھس رھڻ ۾ پنھنجو امن ۽ حفاظت سمجھندو آ. پاڻ کي اتي سکيو محسوس ڪندو آ، جتي امن ۽ شانتي ھجي. گوڙ گھمسان ۽ ھُڙڇُڙ جي زندگيءَ کان ونءُ پيو ويندو آ. آفتون، مصيبتون ۽ بلائون منھن ڪڍن، اتان پٽا ڏئي، پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪندو آ. بلائن وارو ميدان، ڀؤ تتان خالي ڪري ڀڄندو آ. انسان کي طاقت حاصل ٿئي ته ميدان بلائن کان خالي. انسان ڪمزور ٿئي ته ميدان بلائن حوالي ۽ انسانن کان خالي.
مطلب؛ ۱. بلائن جو علائقو؛ نه بندو، نه بندي جي ذات.
۲. بلا ۽ انسان، گڏ نه ٿا رھي سگھن.
۳. انسان، امن پسند آ.
۴. بلائون، ھر ساھدار کي ڀڄايو ڇڏين ٿيون.

91. بلنی اپر بال کہ پھوکنا ناں پیئی، نیڑیاں بلا کہ کوکناں پئی۔ (کہاوت)
ٻرندڙ چلھ منجھ ٻارڻ وجھبو رھبو ته باھ وسامندي ڪا نه. ٻرندڙ باھ جو ٻارڻ کٽو ۽ وسامي وئي ته کيس ٻيھر ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏيڻيون پونديون. ھڪ ڦوڪ تي نه ٻري ته ٻي ڏيڻي پوندي. ٻيءَ تي نه ٻري ته پوءِ لاڳيتو ڦوڪون ڏيڻيون پونديون، جيستائين ڀڙڪو کائي اٿي. گھڻيون ڦوڪون ڏيڻ واري جي مٿي ۾، تيسين سور پئجي چڪو ھوندو آ.
ويجھي واري کي، اشاري/ سرٻاٽ سان سڏي، ڪا ڳالھ چئي سگھجي. وئي پڄاڻان، چوڻ لاءِ، کيس پري کان سڏڻو پوندو. پري وارو سڏ اڳلو ٻڌي الائي نه. ٻڌي، پر سمجھي الائي نه. ڪوڪون ڪري ٻڌائڻ سان، گلو ويھجي وڃڻ جو انديشو پڻ رھي.
مطلب؛ ۱. ٻرنديءَ کي ٻار، ڦوڪڻو نه پوئي،
ويجھي کان سڏ، ڪوڪڻو نه پوئي.
۲. جنھن ڪم تي، جنھن مھل پھچ ٿئي، ان وقت اڪلائي ڇڏجي.
92. بلنیاں نا ہر کوئی، ہسیاہ نیاں نا کوئی نا۔ (کہاوت)
بلنیاں؛ ٻرندڙ باھ. نا؛ جو، واسطيدار. ہسیاہ؛ وسايل، ٿڌي ٿيل. نیاں؛ ويل.
دنيا جي ٺھڻ ۾ چئن عنصرن جو حصو آ، جن منجھان باھ ھڪ آ، جيڪا رب پاڪ جي خلقتن منجھان، ھڪ عجيب خلقت آ. سُڪي کي ساڙي، آلي سان گھٽ وچڙي. اتي ساھ منجھي پويس. سياري منجھ، سندس لوڙ سخت پوي. جيڪو ٻاري چاڙھي، سڀڪو سندس ڀر اچي وٺي. جو ھر ڪو ھوند جو آ. ان جي ابتڙ، جنھن جي چلھ نه ٿي ٻري، تنھن جي ڪير به ڀر نه ٿو وٺي. جو اڻھوند واري وٽان ڪا شيءِ ملڻ جو امڪان ناھي ھوندو.
مطلب؛ ۱. ٻرنديءَ جو سڀڪو، وساميل جو ڪو ڪو نه.
۲. چڙھيي جو سڀڪو، ڪريي جو ڪو ڪو نه.
۳. ھر ڪو واسطو ناتو به ان سان ٿو رکي، جنھن ۾ غرض ٿي پوي.
۴. بنی ناں ہر کوئی، بگڑی ناں کوئی ناں۔ (کہاوت)
۵. ٺھيل ٺڪيل جو سڀڪو، بگڙيل جو ڪير ئي نه.
۶. بگڑی ناں کوئی ناں، بنی ناں ہر کوئی۔
۷. اڌريل جو ڪير به نه، سڌريل جو سڀڪو.

93. بلی شیں پڑھایا، شیں بلی کی کھان آیا۔ (کہاوت)
ٻليءَ کان، ھڪ شينھن شڪار ڪرڻ جا گُر سمجھيا. ٻليءَ، کيس ڇپ ڇپ ڪري ڌڪ ھڻڻ، ڊوڙي ڊوڙي شڪار تي حملو ڪرڻ، چنبو ھڻڻ وغيرھ جون مختلف چالون سمجھايون. شينھن چالون سمجھي ويو ۽ مختلف جانورن تي آزمائڻ پڻ لڳو.
ھڪ ڏينھن ڇپ ڇپ ڪري، ٻليءَ تي حملو ڪرڻ جو سٽيائين. ٻلي، شڪار ڪرڻ ۾ شينھن جي ماسي ھئي، سا ڀڙڪو کائي ڀر ۾ بيٺل وڻ تي چڙھي وئي. شينھن وڻ تي چڙھي نه سگھيو، جو کيس نه چڙھڻ جو ڏانءُ ھيو ۽ نه ئي منجھس صلاحيت ھئي.
وڻ تي ويٺل ٻليءَ کي، حيرت مان ڏسي پڇيائينس؛ ”مون کي وڻ تي چڙھڻ جي چال نه سيکاري ھيئي؟“
”استاد سموري استادي، شاگرد جي مغز ۾ نه وجھندا آھن.“ ٻليءَ موٽ ۾ چيس؛ ”سندس ضرورت ۽ صلاحيت، مغز ۽ بوتي آھر، کيس تعليم ڏيندا آھن. تربيت ڏيندي، پنھنجو بچاءُ به رکندا آھن.“
مطلب؛ ۱. ٻليءَ شينھن پڙھايو، شينھن ٻليءَ کي کائڻ آيو.
۲. ٻليءَ شينھن پڙهايو، ڦري ٻليءَ کي کائڻ آيو،
چڱو ٿيو جو مون تو کي چڙهڻ نه سيکاريو.
94. بلی موترے تہ پرلے وچ گارا۔ (کہاوت)
بلی؛ ٻلي، ٻلڙي. موترے؛ مٽي، پيشاب ڪري. پرلے؛ پرل، راولاڪوٽ ۾ ھڪ علائقو. وچ؛ وچ ۾، منجھ. گارا؛ گارو، گپ.
پرل جو علائقو ھيٺانھينءَ وارو آ. برساتي نالن جو ٿورو سيمو به منجھس ڇر ڪيو بيٺو ھوندو آ. منجھانئس، سڄو سال، پاڻي سڪندو ئي ناھي.
ٻليءَ جي مٽ-ڳاڙ جي تشبيھ، تمام ٿوري پاڻيءَ سان آ، جيڪا زمين تي پوڻ سان ئي زمين چُھي ويندي. جنھن جي وھي ھلڻ يا منجھانئس دٻو ٺھي بيھڻ جو امڪان ئي ناھي. جيئن ته پرل جي علائقي جي گپ، ٻارھو ئي نه سڪندي آ، ان ڪري ان جي تشبيھ، ٻليءَ جي مٽ سان گپ ٿيڻ جي ڏيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ٻلي مٽي ته به پرل ۾ چڪ ٿي پوي.
۲ . ھيٺانھون ھئڻ ڪري، پرل جي علائقي منجھان آلاڻ سڪي ئي نه.
۳ . ٿوري يا غير معمولي ڳالھ جو به پرل ۾ اثر ٿيو وڃي.

95. بلے نیں بلا نہ وے، متھے تارا ضرور ہوسی۔ (کہاوت)
بلے؛ چٽ-ڪٻرو گابو، چٽ-ڪمرو وھڙو. نیں؛ کي، تي. متھے؛ مٿي تي. تارا؛ تارو، لسڻ، ٽڪو.
ساھدارن جي خلقت به، عجيب آ. گندي پاڻيءَ جي قطري مان پيدا ڪيا ويا آھن. ڪمپيوٽرن منجھ ان-بلٽ نظام، ڦري سگھن ٿا، پر ساھدارن منجھ فٽ ٿيل پروگرامنگ، ھيٺ-مٿي نه ٿي ٿي سگھي. سندن جسماني ورن پڻ ائين آھن. ساڳئي نسل وارن ۾ ھڪجھڙائي ھوندي. ويھارو سال اڳي ڏٺل ھمراھ جو، اگر ھاڻي ڄاول پٽ، اکين آڏو اچي ٿو ته يڪدم، سندس پيءُ جي تصوير سامھون ڦري ٿي وڃي. صحيح ڪري ٿو وٺجي ته ھِن جو ھُن سان ڪو نه ڪو جينياتي ڳانڍاپو ضرور آ. ٻنھي جي پاڻ ۾ ھڪجھڙائي، اڻٽر آ.
مطلب؛ ۱. تخم تاثير، صحبت اثر.
۲. چٽ-ڪٻري مان ڄاول گابو، چٽ-ڪٻرو نه ٿيو ته مٿي تي لسڻ ھوندس.
۳. ھر ڪو وڏن تي اڍ ڇڪي.
۴. تخم جو تاثير ٿئي ٿو.

96. بلیا نے کھاوے وچ چھچرے۔ (کہاوت)
بلیا؛ ٻلي. کھاوے؛ خواب، ننڊ ۾. چھچرے؛ ڇيڇڙا، ڇڇڙ.
جيڪي ڳالھيون جاڳندي ذھن ۾ ھونديون، تن جي سوچ-ويچار، ننڊ ۾ ھلئي وڃڻ کان پوءِ به ذھن اندر موجزن رھي ٿي. اھي سوچون، تحت الشعور ۾ ھئڻ سبب، ننڊ جي حالت ۾ پڻ ذھن جي اسڪرين تي نمودار ٿين ٿيون.
ٻلي به ساھدار آ. سارو ڏينھن، ڇيڇڙن جھڙي مرغوب غذا جي لونجھ ۾ گذريس ٿو. ٿڪ سبب اک لڳيس ٿي، ته ذھن جي پٽيءَ تي، ساڳيا ئي ڇيڇڙن وارا خواب ظاھر ٿينس ٿا. مٿن، ننڊ ئي ننڊ ۾، لامارا ڏيڻ شروع ڪري ٿي. اڪثر ڏٺو ويو آ ته ٻلي، ننڊ ۾ به پئي ٽپا کائيندي آ.
انساني ذھن اندر، جيڪا ڳالھ سوچيندي سوچيندي، سڄو ڏينھن پورو ٿئي ٿو، سا ئي سمھڻ پڄاڻان، خواب جي صورت ۾ شروع ٿي وڃي ٿي.
مطلب؛ ۱. ٻليءَ کي/ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.
۲ . ھر ڪو پنھنجي ذھن آھر خواب ڏسندو آ.
۳. جي جاڳندي، سي ئي ننڊ ۾.
۴ . لالچي، غرض رکي، ھر ڪم ڪندو آ.
۵. بلی نیں خاوؤ چھچھڑے۔
۶. ٻليءَ جا خواب؛ ڇيڇڙا.

97. بماری اشنی تیزی نال، گشنی دیری نال۔ (کہاوت)
بماری؛ بيماري. اشنی؛ اچڻي. گشنی؛ وڃڻي. دیری نال؛ دير سان.
بيماري بڙي، آزمائش خاطر، ھر ساھدار تي اچي ٿي. اچڻ وقت، اوچتي حملو ڪري ساري جسم تي ڪنٽرول ڪري وٺي ٿي. علاج سان آھستي آھستي، جان ڇڏڻ لڳي ٿي. احتياطي تدبيرن پڄاڻان پاڙ پٽجيس ٿي.
معاشري اندر، اخلاقي بيماريون پڻ ائين آھن. پکڙجنديون ته بنا خرچ ۽ حيلي سان، پر سندن پاڙ پٽڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا آھن.
مطلب؛ ۱. بيماري اچي ڊڪ، وڃي وک.
۲. بماری طہ مقدمیاں کولا اللہ بچائے۔ (کہاوت)
۳. بيماري ۽ مقدمي کان، اللھ بچائي.
۴. بننیاں دیر لگنی، بغڑنیاں دیر نئی لغنی۔ (کہاوت)
۵. ٺاھيندي دير لڳي، ڊاھيندي ويرم نه لڳي.

98. بندہ اپنی مرضی اشناں، ناں ژے اپنی مرضی گشناں۔ (کہاوت)
دنيا جي تختي تي، جيڪو به آيو آ، تنھن کي اچڻ ۽ وڃڻ جي وقت بابت نه اڳ خبر ھئي ۽ نه پوءِ. نه وري ڪنھن کي پنھنجي منھن مھانڊي، رنگ نسل، قوم ڪڙم، ٻولي ۽ خطي بابت ڪا ڄاڻ ھوندي آ. انھن تڪويني معاملن ۾، انسان محض مجبور آ. کيس ڪو به اختيار وديعت ٿيل ناھي. تخليق جو عجب ڪارخانو آ، جيڪو رب پاڪ پنھنجي قدرت ڪامله سان تن تنھا، سمجھي ۽ ھلائي ٿو. انسان جي مرضيءَ کي، عمل دخل ناھي.
مطلب؛ ۱. ٻانھو نه پنھنجي مرضيءَ سان آيو آ، نه ئي ويندو.
۲. لائی حیات؛ آئے، قضا لے چلی؛ چلے، نہ اپنی خوشی آئے، نہ اپنی خوشی چلے۔
۳. حياتي وٺي آئي، آياسين. قضا نيو، وياسين.
نه پنھنجي خوشيءَ آياسين، نه پنھنجي خوشيءَ وياسين.

99. بندہ آخناں؛ زیمی ماڑی، زیمی آخنی؛ توں ماڑا ایں۔ (کہاوت)
انسان کي اشرف المخلوقات بنائي، زمين تي لاھي، ڪن معاملن ۾، ٿورا گھڻا اختيار پڻ ڏنا ويا اٿس. دماغي سوچ ويچار سان گڏ، جسماني طاقت پڻ عطا ٿيل اٿس. جنھن تي بانورجي، دڙيون ٽپندو آ ۽ ڪنھن تي به فلڪ آڻڻ لاءِ تيار نه ھوندو آ. ڌرتيءَ تي گھمندي، مٿس مالڪي پيو ھلائيندو آ.
ان جي ابتڙ، مٽي ٻين عنصرن جي ڀيٽ ۾ ججھي خلقيل آ، تنھن ھوندي به سھپ ۽ ھيٺ رھڻ وارو عنصر آ. ھر ڪو پيو لتاڙيس، ته به ھر ڪنھن جي ڪم پئي اچي ۽ مٿس ٿيندڙ قبضيگيريءَ وارا عمل ڏسي، پئي کلندي آ.
مطلب؛ ۱. بندو چي؛ ٻني منھنجي، ٻني چي؛ تون منھنجو.
۲. ماڻھو، زمين کي لتاڙي، سمجھي ته مان مٿس معتبر،
قبر جي مٽي لاش کي وڪوڙي، چي؛ مون لاءِ ڪجھ به نه.
۳. ٻانھا زمين تي ڪروڙين اربين آيا/ ويا، پر زمين اتي ئي آ.

100. بندہ بندے ناں داروں ہوناں۔ (کہاوت)
دنياوي زندگي، ربط کان سواءِ ھلڻ ڏکي. ھر ھڪ سان رابطو واسطو رکي، ھلڻو ٿو پوي. پھتل تڪليف جو ازالو/ حل به ڪنھن ذريعي سان ئي ٿئي ٿو. ھڪ انسان مٿان غمن جو پھاڙ ٽٽي ته علاج پڻ ماڻھو ئي ٿئي. جانور يا پکي پکڻ نه ٿئي. انسان وٽان ئي آٿت ملي، ٻئي ھنڌان نه ملي.
مطلب؛ ۱. ماڻھو، ماڻھوءَ لاءِ دارون.
۲. بندہ ژے بندے نے کم اشناں۔ (کہاوت)
۳. انسان اھو، جو انسانن جي ڪم اچي.
۴. بندے نی دوا، بندے کول۔ (کہاوت)
۵. ماڻھوءَ جي دوا، ماڻھوءَ وٽ.
۶. بندے کی بندے نال سوواریں کم پیناں آ۔ (کہاوت)
۷. ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ ۾ سو دفعا ڪم ڦاسندو آ.
۸. ماڻھو، ماڻھوءَ جو کاڄ.

101. بندہ کرے اولیاں/ کولیاں، رب کرے سولیاں۔ (کہاوت)
ماڻھو، زندگي سکي گذارڻ لاءِ، ھٿن پيرن سان جستجو ڪندو رھي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن، ساڳين ئي ھٿن پيرن سان، معاملا کاري به ڇڏي ٿو. ھزار حيلا ھلائڻ باوجود، کريل معاملا سندس سڌرڻ کان چڙھي ٿا وڃن. تڏھن ھڪ ئي در وڃي بچي ٿو، جتان سلجھڻ جي اميد رھيس ٿي. اھو آ، رب جو در. قادر، پنھنجي قدرت سان، سندس الجھيل معاملا سلجھائي ٿو ڇڏي.
مطلب؛ ۱. بندو ڪري اوليون، رب ڪري سوليون.
۲. انساني عقل سان ٿيل ڪم کري، رب جي حڪم سان ٿيل ڪم نه کري.

102. بندہ کمے نال، سوہناں لگناں۔ (کہاوت)
دنيا جي اندر، انسان کي ھٿ پير، ڄنگھون ٻانھون ڏئي موڪليو ويو آ ته جيئن پنھنجي روزي روٽي، لوچي لھي. بنا لوچڻ جي جيڪا روزي روٽي حاصل ڪري ٿو، تنھن ۾ نه ساءُ، نه سواد ۽ نه ئي وري برڪت.
محنت ڪرڻ سان، ھر ڪنھن کي وڻي به ٿو ۽ سھڻو به لڳي ٿو. پٽ ڀلي ڪاڻو ھجي پر کاٽُو آ ته پيو وڻندو. اگر سھڻو آ، پر نڪمو آ ته دل تي ئي نه چڙھندو. ھر ڪو ڪم-پرين آ، چم-پرين ڪو ناھي.
مطلب؛ ۱. انسان، ڪم سان ئي سھڻو لڳي ٿو.
۲. محنت ۾، شانُ مانُ آ.
۳. Dignity is in the labor.

103. بندہ کہلا اشناں، طہ کہلا گشناں۔ (کہاوت)
انسان ماءُ جي پيٽان تن تنھا آيو آ. جسم سان، ڪا به شيءِ، چنبڙيل عطا نه ٿي ٿئيس. نه ساڻ ڪو پئسو اٿس، نه ڪپڙي-ليڙ. ٺوھيو ڄمي ٿو، ٺوھيو دنيا مان وڃي ٿو. اچڻ وقت، جسم سان نه ڪو بئنڪ جو اڪائونٽ چنبڙيل اٿس، نه وري ڪنھن جاءِ جي ڪا سند. نه دوست يار گڏ اٿس، نه وري ڪا ٻولي ڄاڻي ٿو. نه لڱن ۾ طاقت اٿس، نه ئي وات اندر کائڻ لاءِ ڏند. تنھن ھوندي به دنيا اندر مقرر مدت جالي ٿو ۽ ھليو وڃي ٿو. اھو سڀ رب جي قدرت ڪاملہ سان ممڪن ٿيو آ.
چڱي رويي سبب، دوست يار ٺاھي ٿو، روزي رزق حاصل ڪري ٿو. اڪيلي ھجڻ سبب، ٻين سان تعلق پيدا ڪري، خوش رھڻ جا جتن ڪري ٿو. بڇڙي رويي سبب، دشمن ٺاھي ٿو ۽ روزيءَ جا دروازا بند ڪرائي ٿو.
مطلب؛ ۱. ماڻھو؛ اڪيلو آيو آ، اڪيلو وڃڻو آ.
۲. انسان؛ آيو به اڪيلو آ، ويندو به اڪيلو.

104. بندہ، بندے نے وس ناں پے۔ (کہاوت)
انسان، پاڻ محتاج آ. ٻئي جي احتياج پوري ڪرڻ، سندس وس کان ٻاھر آ. لالچ ڪري ٻين مان ڪم ڪڍڻ جي ھوشياري ڏيکاريندو ته ٻيا وري کانئس سوا سير ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. ان جستجوءَ ۾، ھڪٻئي سان زور آزمائي پئي ٿيندي. جڏھن معاملا ٻئي جي ھٿ-وس ٿي پوندا ته اھو پيو پنھنجي سورھيائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو.
مطلب؛ ۱. شل نه ماڻھو، ماڻھوءَ جو محتاج ٿئي.
۲. شل نه ڪنھن ڪاري مٿي ۾ ڪم پوي.

105. بندہ، موتو نی امانت ای۔ (کہاوت)
جيڪو ڀانڊو جڙيو آ، سو ڀڄندو ڀرندو ضرور. جيڪو ڄائو آ، سو مرندو پورجندو ضرور. ڪير به ھن دنيا ۾، سدا لاءِ نه ٿو رھي. ھل ھلان جو جھان آ. ٺھيل ٺڪر، اڄ-سڀان ضرور ڀڄي. بقاءُ، فقط رب جي ذات کي آ. ٻي سڄي دنيا فاني آ ۽ فنايت جي مرحلي مان گذرڻو ضرور اٿس.
مطلب؛ ۱. ماڻھو، موت جي امانت آ.
۲. ٿانءُ ٺھيو آ ڀڄڻ لاءِ، ماڻھو آيو آ مرڻ لاءِ.

106. بندے تائیں، شارہ کافی ہوناں۔ (کہاوت)
جنھن کي رب جي ڏنل ڏات آ، تنھن کي سيکارڻ لاءِ مغز ماري ڪرڻ جي ضرورت ناھ. ان سان پنھنجي روزي روٽي حاصل ڪري ٿو ۽ دنيا جا الجھيل معاملا طئي ڪري ٿو. ان جي ابتڙ جنھن کان ڌڻي سڳوري عقل ذري کسي ڇڏي آ، تنھن کي ڪيترو به سمجھائڻ جي ڪوشش ڪجي، مغز ۾ ڳالھ ويھندس ئي ڪا نه.
مطلب؛ ۱. انسان کي اشارو ئي ڪافي آ.
۲. ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
۳. عقل اھو آ، جيڪو رب عطا فرمائي.
107. بے ادب بے نصیب۔ (کہاوت)
نصيب، رب جي طرفان آ. جنھن جو نصيب چڱو آ، سو سندس نرڙ مان به پيو بکندو. کليل پيشاني ھوندس. ھر ڪنھن سان اخلاق مروت سان پيو ڳالھائيندو. ادب ۽ آداب ملحوظ رکندو. سھڻي صورت ۽ سھڻو ورتاءُ، اڌ رزق آ. ان جي ڀيٽ ۾ جنھن جو نصيب خراب آ، تنھن جو رويو پڻ خراب ٿيندو ويندو، شڪل صورت به بگڙِي، بڇڙي ٿيندي ويندس. ادب آداب، ڇڏائبا ويندس. بي ادبي ۽ گستاخي، خوءِ ٿي پوندس. پراوا ته پراوا، پنھنجا به بيزار ٿي ويندس.
مطلب؛ ۱. بي ادب، بي نصيب.

108. بے سوادیاں ناں کئہ سواد۔ (کہاوت)
بدذائقہ ماڻھو، چڱي شيءِ/ ماحول کي به پنھنجي اندر جي بيزارگيءَ سبب، خراب پيو سمجھندو. نه سواد ايندس، نه ئي ٻين کي سواد وٺڻ ڏيندو.
مطلب؛ ۱. بي سواد کي ڪھڙو سواد؟

109. بے شرمے نیں ٹہنڈریر اک جمیا، آخ نغا چھاوے بیساں۔ (کہاوت)
اَڪُ، ڪير پوکيندو ناھي، جو منجھانئس تعميراتي ڪاٺ نه ملندو آ. نه وري سندس پن/ ميوو کائڻ لائق آ. اچانڪ ۽ پاڻ-مرادو، ڪڙين ۽ ڪاين جي ڪنڌين، واٽن جي پاسن تي ڦٽي پوندو آ. اٺ جي مرغوب غذا آ. سندس پن، سو به ڪنھن قضا-نئي، ڪنھن ڦٽ ڦرڙيءَ ڪاڻ ڪتب ايندا آھن. نه ته الا الا خير صلا. بي شرم ماڻھو، وھڪ جي جاءِ تي ڄاول اھڙي بڇڙي وڻ جي به ڊاڙ ھڻي ته ان جي ڇانءَ ۾ ويھندو، سا اجائي ۽ بيڪار آ.
مطلب؛ ۱. بي حياءَ جي ٺينڍي تي اڪ ڦٽو، چي؛ ”ڇانءَ ۾ ويھندس.“

110. بے عیب ذات، خدا نی۔ (کہاوت)
رب، مڙني جھانن جو خالق ۽ مالڪ، پاڪ ۽ مقدس ھستي آ. نه کيس ڪنھن ڄڻيو آ، نه ڪنھن کي ڄڻيو اٿائين. بي عيب ذات آ، جنھن جو مثل يا نظير، دنيا اندر آھي ئي ڪو نه. نه ڪنھن زبان کي طاقت آ جو سندس جوڳي واکاڻ ڪري سگھي، نه ڪنھن قلم منجھ سگھ آ جو سندس ڪبريائي/ وڏائي بيان ڪري سگھي.
مطلب؛ ۱. بي عيب ذات، خدا جي.
۲. پاڪ ذات آ، رب جي.
۳. رب پاڪ، بندو خاڪ.

111. بے وقوف کیاں مٹا، ناں نفع جانے ناں تروٹا۔ (کہاوت)
موٽي دماغ ھئڻ سبب، بي وقوف ماڻھوءَ جي مغز ۾ ڪا ڳالھ ويھندي ئي ناھي. بنا سوچ سمجھجي، پيو ڪارناما ۽ ڪرتب ڏيکاريندو. نفع ۽ نقصان جي ڄاڻ نه رکڻ سبب، پاڻ ته ٻوھي ۾ پر مائٽ به جنجل ۾.
مطلب؛ ۱. بيوقوف موٽي دماغ جو؛ نه نفعي جي خبر، نه نقصان جو انديشو.

112. بے وقوفے نی کہوڑی؛
ہک چڑھیا بجی گئی، دو چڑھے دوڑی۔ (کہاوت)
کہوڑی؛ گھوڙي، وھٽ. بجی گئی؛ ويھي رھي. چڑھے؛ چڙھيا، سوار ٿيا. دوڑی؛ ڊوڙي، ڀڳي.
بيوقوف، گھوڙي ته ڌارِي، پر نه مٿس چڙھڻ جي ڄاڻ رکي، نه وري گھوڙيءَ کي ھلڻ جون چالون سيکاري. فائدي وٺڻ واري، مٿس محنت ئي نه ڪري. جنھن سببان گھوڙي خرچ ته کائي پر اوترو نفعو نه ڏئي.
مطلب؛ ۱. بيوقوف جي گھوڙي؛ ھڪ چڙھئي ويھي رھي، ٻن چڙھئي ڊوڙي.
۲. بيوقوفن جا سيکاريل به بيوقوف ئي ھوندا آھن.
۳. سئيس ڄاڻو ھوندو ته گھوڙي کي سڌاريندو، اڻ ڄاڻ ھوندو ته اڌاريندو.

113. بے وقوفے نیں سر پر سنگ نا ہونے۔ (کہاوت)
اکين جي انڌي کي، ڏسڻ سان معلوم ٿي ويندو ته انڌو آ، ڇو جو ڏسڻ وارو جنھن ڍنگ سان ڏسي ۽ منھن ڪري ڳالھائي ٿو، انڌو ائين نه ٿو ڪري سگھي. ٻوڙي کي ڏسڻ سان اندازو ٿي ويندو ته اھو ٻوڙو آ، جو سندس ڪنائڻ جي انداز مان، پسڻ پئجي ويندا آھن، ته ڪنن ۾ ڪمي اٿس.
بيوقوفي، اھڙو عيب آ، جيڪو جسم جي ساخت مان معلوم ناھي ٿيندو. ان جو سڌو واسطو، دماغ سان آ. دماغي خلل، حرڪتن سان معلوم ٿيندا آھن. ظاھري شڪل شبيھ جي ڏسڻ منجھان معلوم نه ٿيندا آھن.
مطلب؛ ۱. بيوقوف جي مٿي تي سڱ ڪو نه ٿيندا آھن.
۲. ظاھري شڪل اندر، بيوقوفيءَ جو ڪو به اھڃاڻ رکيل ناھي.
۳. پاگلاں نیں سراں ر، سنگ نئے ہونیں۔ (کہاوت)

114. بیاہ، گڈے گڈیاں نی کھیڈ نئی۔ (کہاوت)
گڏي ۽ گڏيءَ جي راند ۾ نفعي نقصان جو انديشو ناھي. حقيقي زندگي، ڏکن ڏولاون ۽ قربانين سان جنجھيل آ. مڙني معاملات کي سمجھڻو ٿو پوي، تڏھن ‎ٿو گھر-گرھستيءَ جو چرخو ھلي. شادي ڪرڻ کان اڳ، ڏھ دفعا سوچڻو پوندو آ. ڪبي ته ھڪ ڏينھن آ پر ھڪ ڏينھن لاءِ نه ڪبي آ. ساري عمر جو معاملو آ. گڏي-گڏيءَ جو کيل، گھڙي سوا جو چٽڪو آ. جڏھن ته زندگيءَ جا جنجھٽ شروع ٿين ئي شاديءَ کان پوءِ ٿا.
مطلب؛ ۱. پرڻو؛ گڏي گڏيءَ جو کيل ناھي.

115. بیڑیاں لہاوتیں لائیاں، گدرئیں کہر بسائے۔ (کہاوت)
بیڑیاں؛ گابا، جڙ ڏاند. لہاوتیں؛ ھر. لائیاں؛ وھن. گدرئیں؛ ڇوڪرڙيون. کہر؛ گھر، ڏر.
گابو يا جڙ ڏاند، ڌاربو آ ته وڏو ۽ سيکڙاٽ ٿي، ھر وھڻ، ڏاند گاڏي ڇڪڻ، ڳاھ ڳاھڻ، سانھر وھڻ وغيرھ جھڙن ڏکين ڪمن منجھ ڪم اچي. جڙ گابو، وھو ڏاند جو مٽ ناھي جو ٻنھي ۾ جسماني طاقت ۽ تجربي جو فرق آ. وڏي ڏاند جي ڀيٽ ۾ گابو، نه ھر وھي سگھي، نه ڳاھ ڳاھي سگھي.
وڏي عمر جي عورت، گھر جي معاملن کي سوچي سمجھي ھلائي سگھي ٿي، اتي نئين ڪنوار، غير آزمودگار ھئڻ سبب، سلجھائڻ سلجھائڻ جي ماڳ، پئي کاريندي.
مطلب؛ ۱. گابا ٿا ھر وھن، ڪنواريون ٿيون گھر وسائين.
۲. گابو ھر وھي ته ڏاند نه ڌارجي، ڇوڪرڙي گھر سنڀالي ته مائي نه پرڻجي.

116. بیغانہ گہنا لایا، روپ کھڑایا۔ (کہاوت)
بیغانہ؛ پرائو، اڌارو. گہنا؛ ڳھڻو، ڳھ، زيور. لایا؛ آندو، پاتو، چوڙيو. روپ؛ سينگار، سونھن. کھڑایا؛ وڃايي، ڌوڙ ڪئي.
زيور سو سونھندو، جو پاڻ سوناري کان ماپ ۽ پسند تي جوڙائجي. اڌارو يا مسواڙي زيور، نه جسم تي ٺھي، نه پائڻ مان آسيس ملي. پائڻ واري کي، ذھن تي فقط ٻوجھ. پرائي زيور جي وڃائجڻ ۽ خراب ٿيڻ جي ڳڻتي. زيور جي خوبصورتي آ، اندر جي خوشيءَ سان. منھن تي اھا مرڪ ئي نه ھوندي جيڪا پنھنجي زيور پائڻ سان، چھري مان بکندي آ. مرڪ/ بشاشت ئي پاتل زيور ۾، اوجر ۽ نکار آڻي ٿي.
مطلب؛ ۱. اڌاري وٺي پاتل شيءِ، زيب نه ڏيندي آ.
۲. پنھنجي سادي سودي شيءِ ۾، سونھن ۽ سوڀيا وڌيڪ ٿئي.
117. بیغانہ مال، چڑئیں نا ڈار۔ (کہاوت)
بیغانہ؛ پرائو، ڌارين جو. مال؛ ڌڻ، مال متاع، وڳ. چڑئیں؛ جھرڪيون. نا؛ جو. ڈار؛ وڳر، ولر.
جھرڪي، وت ۾ ننڍڙي ٿئي ٿي. ولر جھرڪين جو ھٿ ڪري، سڄو ڏينھن ڪُھي گوشت ڪڍبو ته ڪلو سوا به نه ٿيندو. ٻوڙ رڌبو ته کائڻ واري کي سنڍي ئي ھٿ نه ايندي. پرائو مال پڻ، اکين جو ڍءُ. نه ھٿن ۾ اچي، نه ڪم لائي سگھجي.
مطلب؛ ۱. پرائو مال، جھرڪين جو ولر.
۲. پرائو مال، پنھنجو نه ٿيندو. ڊرر ڪرڻ تي اڏامي ويندو.
۳. ڌيئر پڻ پرائو باغ آھن. جيڪي ڄڻين سو ساھرن جي ملڪيت.

118. بیغانے برے، جنیں کچھے ہیٹھ چھرے۔ (کہاوت)
بیغانے؛ ڌاريا، اجنبي، اوپرا. برے؛ برا، بڇڙا. جنیں؛ جن کي. کچھے؛ ڪڇ، بغل. ہیٹھ؛ ھيٺئون، منجھ لڪيل. چھرے؛ ڇرا، ڪاتيون.
ڌاريو، ڌڪ وھائي ته لڪي ۽ پاڻُ بچائي، سھسائي ۽ ڪاپاري. ھٿيار، زبرا رکندو پر ڏيکاريندو گھٽ. ڇرو ھوندس ته بغل اندر لڪيل. ملڻ وارو غلط فھميءَ ۾ ھوندو ته ساڻس بغلگير ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو آ. خبر تڏھن پوندس جڏھن لڪل خنجر جو وار، ٿي چڪو ھوندس.
مطلب؛ ۱. ڌاريا برا، جن جي بغلن ۾ ڇرا.

119. بیغانی پیڑھ، پانیئے کولا پتلی۔ (کہاوت)
بیغانی؛ ڌاري، اڻ سوھندڙ، اڻ ٺھندڙ. پیڑھ؛ بنھ، تعلق، دوستي. پانیئے؛ پاڻي. کولا؛ کئون، کان به. پتلی؛ پٽڙي، ڪمزور.
مضبوط اڏاوت خاطر، جاءِ جو بنھ/ بنياد، مربوط پيڙھ تي رکبو آ. اگر ڌاريو ۽ اڻ-ٺھڪندڙ ھوندو ته عمارت مٿس کڄي نه سگھندي. پاڻيءَ تي ڪا شيءِ بيھي نه سگھي، تيئن ڌاري/ ڪمزور پيڙھ تي، عمارت کڙي ٿي نه سگھي. ڌاري پيڙھ، پاڻيءَ کان پٽڙي ۽ نرم، اڻ-جھالائو ۽ دوکو ڏيندڙ ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. ڌاري پيڙھ، پاڻيءَ کان به پٽڙي.

120. بیکاری کولا، بیغار پہلی/ چنگی۔ (کہاوت)
روزي روٽي حاصل ڪرڻ خاطر، ھر ڪنھن کي ھٿ پير ڏنا ويا آھن، جن سان مسلسل جدوجھد ڪرڻي آ. ھٿُ، ھٿَ تي رکي ويھبو ته بيمار، ھڏ-حرام ۽ تنگدست ٿبو. تنگدستيءَ کان بچڻ خاطر ڀڄ-ڊڪ ڪرڻي آ. بيڪار ويھڻ کان ونگار وھجي. ان ۾ به ڀلائي آ. نڪمي ھجڻ واري چنڊائپ به واسو نه ڪندي ۽ وقت تي ٻين سان ڪيل ٿورو، ڪم به اچي ويندو، جو نيڪي، ڪرڻ واري وٽ، موٽي ئي ايندي آ.
مطلب؛ ۱. بيڪار کان، بيگار ڀلي.

121. بیں راؤ چنی، پانی پیو پنی۔ (کہاوت)
بیں؛ بيج، ٻج. راؤ؛ راھيو، راڌيو، پوکيو. چنی؛ چونڊي، چونڊ ڪري، چڪاسي. پانی؛ پاڻي. پیو؛ پيئو، واپرايو. پنی؛ ڇاڻي، صاف ڪري.
سلي جو اصل، ٻج آ. ٻج، نج آ ته سلو ۽ ٻوٽو، سٺا ڄاپندا ۽ فصل ڀلو لڳندو. محنت ڪامياب ويندي. اگر ٻج خراب ھوندو ته پوک خراب لھندي.
پاڻي، زندگيءَ جو سرچشمو آ. حياتي، منجھانئس نڪتي آ. ھر ساھدار، پاڻيءَ مان خلقيل آ ۽ سندس جياپو به مٿس آ. پاڻي، ھر شيءِ کي ساڻُ کڻندڙ آ. جنھن سبب ان جو ذائقو، رنگ ۽ بوءِ، مٽجن ٿا. ذائقي جو تعلق، ڪيميائي ملاوت سبب. رنگ، طبعي مادن جي ميل سبب ۽ بوءِ بيڪٽيريا جي موجودگيءَ سبب. مذڪورھ آميزش وارو پاڻي، صحت لاءِ ھاڃيڪار آ. پيئڻ کان اڳ، ھاڃيڪار مادا، ڇاڻي پوءِ واپرائجي.
مطلب؛ ۱. ٻج راھيو/ راڌيو چونڊي، پاڻي پيئو ڇاڻي.
۲. ٻج-خرابو، نج-خرابو.
۳. ٻج ته نج.