مهاڳ
هتي ڪيناڊا ۾ رهندي ٽن چئن سالن کان پنهنجي اتر سنڌ جي رهواسي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي سوشل ميڊيا جي پليٽفارم تان شيئر ٿيندڙ دلچسپ معلوماتي مضامين ۽ ادبي ڪهاڻين جو پڙاڏو منهنجي ڪنن تي پيو. ڊاڪٽر صاحب جي اٽڪل روزانو شيئر ٿيندڙ اهڙن انساني پيار ڀرين ڪومل ۽ نفيس جذبن سان مزين ٿيل ڪهاڻين، مضامين آتم ڪٿائي ادب پارن ۾ وطن پرستي جي موضوعات ۽ انهن جي عنوانن کي ڏسي مونکي لڳو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومرو وڏي خاموشي سان ڪيناڊا ۾ ويٺي نه رڳو اسان کي هتان جي خوشگوار ۽ خوشحال سماجي زندگي جي ڪيترن پاسن جي ڄاڻ ونڊي ٿو بلڪه ان سان گڏ پنهنجي سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ تي پڻ ڪارگر معلومات فراهم ڪري ٿو. اسان جي اڳيان هن صاحب قلم جي سادگي جو حال هي هو جو هو پنهنجي ادبي حوالي ۾ رڳو غلام رسول سومري جو نالو استعمال ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو ڪراچي جي هڪ معروف ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو پروفيسر ٿي رهيو هو. ان کانسواءِ يونيورسٽي آف ڪراچي طرفان کيس لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ جي موضوع تي پي- ايڇ- ڊي جي ڊگري پڻ ايوارڊ ٿيل هئي.
ٻه سال اڳ مونکي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي شيئر ٿيل هڪ ڪهاڻي ”بڪ ايپل“ پڙهڻ جو موقعو مليو. هن ڪهاڻي ۾ مونٽريال شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي قائم قديم بگ ايپل ڪمپني جي تاريخي پهلونن، اڻويهين صديءَ جي زماني جي جوس پريسنگ ۽ پروسيسنگ مشينن جا فوٽا، فيڪٽري جي موجوده پراڊڪٽس ۽ انهن جو وڪرو، بگ ايپل ڪمپني جا پنهنجا صوفن جا باغ، بگ ايپل فارم تي قائم ٻارن جي تفريح لاءِ چڙيا گهر ۽ ميوزيم وغيره جي نهايت ئي سهڻي نموني ٿيل اپٽار سچ پچ مونکي گهڻو متاثر ڪيو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ توهان پڙهندا ته ڄڻ اوهان ويٺي ويٺي ڪيناڊا گهمي ايندا. مونکي يقين آهي ته هن ڪتاب جي مطالعي سان اسان جي نوجوان طبقي کي اولهه ۽ يورپ جي ملڪن کي گهمي ڏسڻ جو شوق پيدا ٿيندو. زير موضوع سفرنامو جيڪو ڪم و پيش ٻائتاليهن عنوانن تي مشتمل آهي. تنهن ۾ شامل هي ٽي ڪهاڻيون ”فري بڪ ڪلب“، ”جهيل پري“ ۽ ”هند سنڌ ڪو ويڇو ناهي“، ادب جي لحاظ کان اهڙن موضوعن تي ٻڌل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ پڙهندڙن کي ڪينيڊين سماج جي عورتن جي بهترين انساني روين ۽ بااخلاق روش جي اظهار سان گڏ قربائتي کيڪر بازي جو هڪ شاندار ذڪر ملي ٿو. مون ڪيناڊا ۾ ست اٺ سال گذاريا آهن، پر مونکي ڪيناڊا جي ڪيترن هنڌن ماڳن ۽ مقامن جي توڙي اتان جي تفريح گاهن ۽ ساليانن فيسٽيويلن جي انعقاد جي ايتري ڄاڻ ڪانه هئي، جيتري مونکي ڊاڪٽر صاحب جي لکيل ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ کي پڙهي ملي آهي.
تفريح گاهن جي سلسلي ۾ هن ڪتاب ۾ ”چيري بلاسم فيسٽيويل“ پڙهندڙن لاءِ هڪ دلچسپ ۽ دل لڀائيندڙ موضوع آهي. ڪتاب ۾ ٽورنٽو شهر جي وچ ۾ هاءِ پارڪ جي فطري حسن جي واکاڻ جي سلسلي ۾ هي ٽڪرو ان مضمون جو هڪ بهترين ادبي پارو ليکي سگهجي ٿو. ”ٽورنٽو جو هاءِ پارڪ ميلن ۾ پکڙيل هو. ان ۾ سائي ڇٻر تي بيشمار چيري جي وڻن جا سلسلا هڪ خوبصورت ڍنڍ تائين پکڙيل پئي نظر آيا. فرلانگ کن پنڌ ڪري اسان به پارڪ جي خوبصورت جهيل تائين وياسين. ڍنڍ ۾ ڳاڙهي چهنب وارين ڪارڙين بدڪن جا خوبصورت ولر هيڏي هوڏي چڳندي ڦرندي پئي نظر آيا. جن کي ڏسي ٻار ڏاڍا گد گد پئي ٿيا. پارڪ ۾ ڍنڍ پري پري تائين پکڙيل هئي. جنهن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي لڳل چيري جي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ چيري بلاسم جا گلابي ۽ اڇي رنگ جا سهڻا گل هڪ دل فريب نظارو پيش ڪري رهيا هئا. هاءِ پارڪ جي هڪ پاسي ڍنڍ جي ڪنارن تي قدرتي طور ڦٽل ٽيولپ جي سرسبز ٻوٽن ۾ ڳاڙهي، نارنگي ۽ هيڊي رنگ جا گل پنهنجو ڳاٽ مٿاهون ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ لاءِ هرکائي رهيا هئا.“
موجوده دور جي تقاضن کي اڳيان رکي آئون چئي سگهان ٿو ته انسان جي وجود جو پنهنجي ذات کان ٻاهر به ڪو ڪارج هجڻ گهرجي جنهن سان هو ٻين ۾ وطن، قوم ۽ ماءُ ٻولي لاءِ ڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهي. سنڌ ۾ ته سڀڪو سنڌي آهي. پر جيڪي سنڌ کان ڏوراهن ڏينهن ۾ وسن ٿا. اوهان انهن کان پڇو ته وطن، ٻولي ۽ ان جي حب ڇا ٿيندي آهي. اهڙا املهه ماڻهو جيڪي ڏيساور جا اڻ ڳڻيا اهنج، ڏک ۽ سک ڏسي پنهنجي پياري ملڪ جي جهوپن ۽ اباڻن اجهن کي ويٺا پل پل سارين ٿا ۽ ٻاهر رهي پنهنجي قلم سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪن ٿا ۽ اتان جي ملڪن جي سماجي، ثقافتي، سياسي، تاريخي ۽ اتان جي فطري حسن سان گڏ ماڻهن جي اندروني ۽ بيروني حسن کي اسان جي اڳيان پيش ڪن ٿا. ڊاڪٽر غلام رسول سومرو صاحب پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جيڪو بخوبي اهڙو سمورو ڪم سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي هم وطنن تائين پهچائي ٿو ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي جياپي جي تقاضن کي ويٺو صحيح معنيٰ ۾ پورو ڪري ٿو.
پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪرڻ مان ضروري ٿو سمجهان. سوشل ميڊيا جنهن اسان کي نه رڳو سنڌ بلڪه آمريڪا، ڪيناڊا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي. تنهن جي پليٽ فارم تان ٻٽي سال اڳ منهنجو ڳانڍاپو سنڌي ادب جي هڪ اهڙي شخصيت سان ٿيو. جيڪو روزانو فيس بڪ تي سنڌي مٺڙي ٻولي ۾ پنهنجي دلي جذبن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سچ پڇو ته مون جڏهن هن جي لکڻين کي پڙهيو تڏهن انهن مونکي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيو. نتيجي ۾ سال هڪ اندر اسان ميسنجر وسيلي هڪ ٻئي سان پنهنجي ملڪ وطن جا احوال اورڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ چاليهارو ڪلو ميٽر کن اسين هڪ ٻئي کان ڏور هئاسين. پر پوءِ به روبرو ملڻ ڪرڻ ۾ اسان کي سال لڳي ويا. سانوڻي جي مند ۾ اتر آمريڪا ۾ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جي تنظيم سانا جي ميمبرن جي نين چونڊن جي هل چل شروع ٿي ته منهنجي دل چيو ڊاڪٽر غلام رسول سومري جهڙي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمتگارکي پنهنجي سنڌي ڪميونٽيز ۽ سانا جيڪو ڪيناڊا ۽ آمريڪا جي سنڌين جو هڪ مضبوط سماجي ۽ ثقافتي پليٽ فارم آهي ۽ جتان سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ عملي فيضيابي (Inspiration) ملندي آهي. خاص ڪري سانا جا ساليانا ڪنوينشن جن جي ذريعي هر سال سنڌ کان هزارين ڪوهه پراهون انهن ٻنهي ملڪن جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ وجود وٺي بيٺل نظر ايندي آهي. تَنهن جو کيس حصو بڻائجي. گذريل سال سانا جي پليٽ فارم کي وڌيڪ ڪشادو ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي قريب حلقي جي دوستن مان پروفيسر رضا حسين گهلو، محترم سائين اشفاق ميمڻ ۽ سائين فاروق امين قريشي سان گڏجي ٽورنٽو جي اوڀر پاسي جي ننڍن شهرن ۾ رهندڙ پيارن سنڌين ڏانهن ٻه سو ڪلوميٽر پري پيٽر بورو وڃي نڪتاسين، جتي سنڌ دوست ۽ محبتي ماڻهو حاجن خان ڪلهوڙي سان پيار ڀريون ڪچهريون ٿيون.
موٽ تي اسان جو هي منصوبو جڙيو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان بيٺي پير ميڙاڪو ڪري کيس سانا جو ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏجي ۽ پوءِ مارکم نالي شهر ۾ رهندڙ پنهنجي پياري دلبر دوست قبلي نقيب شاهه موسوي وٽ کڻي رات جي ماني کائجي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان پهرين ملاقات جي ڪري اها حجت نه پئي ساري سين. ڇاڪاڻ ته لاشعور ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته هو پريو مڙس هتي پرڏيهه ۾ خبر ناهي ته رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي پٽ وٽ ڪهڙي حال ۾ رهي ڪري ٿو. اسين پڪرنگ شهر ۾ جڏهن سندس گهر جي ٻاهران پڳاسين ته سندس فرزند ڊاڪٽر فرحان سومرو اڳواٽ ئي اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري اچي بيٺو هو. ڊاڪٽر فرحان دل جي گهراين سان اسان کي کلي کيڪاريو. ساڻس ملڻ سان دل کي ائين لڳو ڄڻ اسان پاڻ ۾ سالن جا سنگتي آهيون.
گهر جي گرائونڊ فلور تي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ اسان جي پهرين نشست ٿي. جنهن ۾ ويهڻ سان ئي فريش جوس ۽ بسڪيٽن سان اسان جي آجيان ٿي. جهٽ پلڪ حال احوال ڪري اسان اٿڻ جي ڪئي سين ته جيئن اڳتي موسوي صاحب جي آشياني تي جلد پهچون. مگر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو چوي سڄڻئو ائين ڪيئن ٿيندو. دل ته ورهين کان ملڻ پئي چاهي ڪجهه گهڙيون حال اوريون ۽ ماني جا ٻه گرهه گڏجي کائون ته ڪا دل ٺري. فرحان سومرو ۽ سندس والد محترم اسان کي پنهنجي گهر جي فرسٽ فلور تي ڊائننگ روم ۾ وٺي آيا. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ننهن جيڪا پاڻ ڊينٽسٽ آهي. ان هڪ خوبصورت ڊنر سيٽ اسان جي اڳيان ٽيبل تي سجايو. هن نياڻي پنهنجي هٿن سان ماني گهڙي اسان جي اڳيان رکندي، اسان جو اهڙو ته آڌرڀاءُ ڪيو، جو اسان مڙني کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ اسان پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گهر دعوت تي آيا هجون. مٿان نياڻي سيما سومرو چوي توهان اسان جا مهمان آهيو، تنهن ڪري ماني کائڻ ۾ ڪو تڪلف نه ڪريو. انهي وچ ۾ هوڏانهن قبلي نقيب شاهه صاحب جا موبائل تي ٽڙڪاٽ لڳا پيا هجن ته هتي ماني پئي ٿڌي ٿئي، توهان ڪٿي آهيو. سنگت ويٺي هڪ ٻئي جو منهن ڏسي ته هاڻي ڇا ڪجي. بهرحال ڀاءُ فرحان جي وني جي هٿ جي تيار ٿيل ماني خاص طور سنڌي نموني ٻاڦ تي تيار ڪيل پامفريٽ مڇي نوش ڪري مسٽر فرحان جي هٿن جو ٺهيل ديسي جنجر ليمنيڊ لمڪا ڊرنڪ محبت ڀريل جامن ۾ پي هٿ ٻڌي کڻي اجازت ورتي سي.
سنڌي ادب جي مطالعي جي لحاظ کان جيتري قدر مونکي آگهي حاصل ٿي آهي ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون 1965ع کان 1985ع واري عرصي ۾ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ جنگ اردو مڊويڪ ۾ سنڌوءَ جي تهذيب تي تحقيقي مقالا، ڪالم مضامين، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڪجهه سنڌي ادبي ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين جون سنڊي ميگزين جنگ ۾ رپورٽون شايع ٿيون هيون. ان کان سواءِ نئين زندگي، روح رهاڻ ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ ڪجهه مضامين ۽ ڪهاڻيون پڻ شايع ٿيا هئا. 1985ع کان 1992ع تائين پروفيسر غلام رسول سومرو پنهنجي تحقيقي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ رڌل رهيو ۽ هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ جي موضوع تي پي- ايڇ- ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڳچ وقت جي خاموشي کان پوءِ تازو هن جا ٻه ڪتاب جن مان هڪ ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي هڪ تحقيقي مقالو ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ پڻ مارڪيٽ ۽ لائبريرين جي زينت بڻجي چڪو آهي. سفرنامي جي سلسلي ۾”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب نهايت دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. جڏهن مون ان کي پڙهڻ شروع ڪيو ته ڪمال شوق وچان ان کي پڙهندوئي ويس. سچ پڇو ته هن ڪتاب کي هڪ ساهي ۾ پڙهڻ جي رواني ۾ آئون ائين پئي اڳتي وڌيس جيئن مون هيلري ڪلنٽن جي ڪٿا جنهن ۾ هن اسامه بن لادن جي مارجڻ وارو قصو اهڙو ته ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪيو هو ڄڻ اهو اسان جي اڳيان هڪ فلم وانگر پيو هلندو هجي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن ڪتاب ۾ گهڻا دلچسپ عنوان؛ مضامين ۽ ڪهاڻيون آهن، جن جا موضوع ۽ انهن جي بيان ڪرڻ جو ڏانوَ ۽ لکڻ جو نرالو انداز پڙهندڙ کي نه رڳو متاثر ڪندو پر سندس اهڙو انداز ماڻهن کي وطن سان پيار ڪرڻ جي جذبن سان پڻ همڪنار ڪندو. آخر ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪهاڻي جو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ جو آئون پاڻ اهڙي سهڻي ۽ دل لڀائيندڙ ماحول ۽ منظر مان عملي طور گذريو آهيان. هن ڪتاب ۾ سندس ان ڪهاڻي جو عنوان آهي ”مونٽريال ۽ ڄامشورو“. ڊاڪٽر غلام رسول سومري هن ڪهاڻي ۾ هڪ سفرنامي جي تقاضا کي پوري ڪندي مونٽريال شهر جي اڻوهين صدي جي پراڻن پاڙن، محلن ۽ اتان جي عمارتن، هڪ جهوني پريس ڪلب ۽ پراڻين وڪٽوريا دور جي فرانسيسي خوشبوئيات سان ٻهڪندڙ بازارين جو خوب سير ڪرائي ٿو. تنهن بعد جڏهن هو موٽريال جي قديم ۽ تاريخي ناٽريڊم ڪيٿيڊرل جي سامهون هڪ ريسٽورانٽ ۾ رات جي ماني کائڻ دوران پنهنجي ٻارن سان مونٽريال جي خوشگوار ماحول ۽ پُر فضا هوائن جي، سنڌ جي شهر ڄامشوري جي روح پرور فضائن سان ڀيٽ ڪري ٿو. اهو پڻ سندس پنهنجي ديس سان محبت جو هڪ ثبوت آهي. مونکي پڻ مونٽريال گهمڻ جو موقعو مليو هو پر سندس هي ليک پڙهڻ بعد مون محسوس ڪيو ته ڄڻ مون مونٽريال ته گهميو ئي نه هجي. اهڙي دلچسپ ڪهاڻي جي پيرائي کي پڙهندي مونکي ڄام شوري جو اهو هوٽل ياد اچي ويو جتي سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران ٻئين ۽ ٽئين ڏهاڙي لياقت يونيورسٽيءَ جي انهن ڇپرا هوٽل تي وڃي ماني کائي عياشي ڪندا هياسين. مونکي اتان جي اها ڇپرا هوٽل به ياد اچڻ لڳي. جنهن ۾ بيرو پنهنجي مالڪ کي اسان سڀني گراهڪن جو بل لکن ۾ وٺڻ جو چوندو هيو. ۽ اسان به ڏهن ويهن رپين واري بل کي لکن ۾ ادا ڪندي پاڻ کي لکاپتي سمجهندا هئاسين. هن ڪهاڻي ۾ سومرو صاحب مونٽريال جي ناٽريڊم چرچ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن جي پويان پڻ صدين جي تاريخ لڪيل آهي.
ڊاڪٽرغلام رسول سومري پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊي جي وڻ وڻڪار جون“ ۾ جن عنوانن ۽ موضوعات تي لکيو آهي. تن ذريعي ڪيناڊا جي نئين نسل جي تعريف جوڳي تربيت ٿئي ٿي ۽ ان تي پڻ گهڻو ڪجهه مفصل انداز ۾ بيان ڪيل آهي. هتي جي اسڪول ايڊيوڪيشن سسٽم ۾ نائين گريڊ کان ئي سرڪار ٻارن کي مختلف ڪاروبارن ۽ اين- جي- اوز ۾ والنٽيئرنگ ذريعي ڪم ڪار سان لڳائي ڇڏيندي آهي. يا ڪم ڪرڻ جي واٽ ڏيکاريندي آهي. ٻارن جي اسڪولي عمر ۾ سرڪار جا اهڙي قسم جا قدم ٻارن جي معاشي ۽ سماجي زندگي جي ميدان تي قدم رکڻ جي سلسلي ۾ گهڻو مددگار ثابت ٿين ٿا.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن سفرنامي جي ڪتاب جو مڪمل مطالعو ڪرڻ بعد مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪيناڊا ۾ رهندي زندگي جو اصل مزو ته سومرو صاحب وٺي ويو آهي. منهنجي نظر ۾ هن جي لکڻ جو انداز اهڙو ته چاشني سان ڀريل آهي، جو سندس ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻبو ته ان کي پورو پڙهڻ بنا بس ڪري نه سگهبو. سندس ڪتاب جو هر عنوان ۽ هر موضوع ڄاڻ سان ڀريل آهي. جيڪو نه رڳو پڙهندڙن کي هڪ خوبصورت دنيا ڏسڻ لاءِ هرکائيندو پر ماڻهو کي پاڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ همٿائيندو.
ذوالفقار علي شيخ