سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

پکين جو پيار

صبح جو ٿڌڙي هير گهلڻ وقت اکين ۾ آب زم زم جا قطرا اوتيندڙ جهيل جا روح پرور نظارا دل تي آب حيات جهڙو اثر پيدا ڪن ٿا. جنهن گهر ۾ اسين مقيم آھيون. تنهن جي بيڪيارڊ ۾ هڪ سهڻي نيرنگي ڍنڍ آھي جنهن کي پڪرنگ گالف ڪلب جي سر سبز پائن ۽ ميپل جي گهاٽن وڻن ۽ چراگاه جي وچ مان وهندڙ هڪ ننڍو واھ سيراب ڪندو رهي ٿو. هن پاڻي جي ڪشادي قدرتي ذخيري جي هڪ پاسي مسلم. مسيحي ۽ عبراني نسل جي ماڻھن جو گڏيل قبرستان آھي جنهن ۾ پڻ ساڳي واه مان ڪسي جي صورت ۾ پاڻي وهي اچي هڪ تلاءَ ٺاھي ٿو. قبرستان جي انتظاميه ھن تلاءَ مان ٻن خوبصورت ڦوهارن ذريعي پاڻي کي پري پري تائين پکيڙي هن ويراني ۾ هڪ دلڪش منظر ۽ ماحول بڻائي ڇڏيو آھي. ڪيناڊا ۾ اٺ مهينا سخت سردي. برفاني طوفان ۽ مسلسل ٿيندڙ برفباري ڪري زمين ۾ پاڻي جي ليول مٿاڇري تائين رهي ٿي. سانوڻ جي مند ۾ به هتي هلڪي هلڪي برسات جاري رهي ٿي تنهنڪري قبرستان ۽ ان جي چوڌاري اکين ٺار ساوڪ رهي ٿي. قبرن جي مهڙ وارين ننڍين دڪين تي نيم پليٽ ۽ رجسٽريشن نمبر به پکڙيل سائي گاھ جي ڪري مشڪل سان نظر ايندا آھن. قبرستان ۾ ترتيب سان لڳل ميپل. پائن ۽ سرو جي خوبصورت وڻن کان علاوه ڪيترا خودرو ٻوٽا ڦٽن ٿا جن ۾ ليار ۽ جهنگلي ٻيريون وغيره جام ٿين ٿيون جن جي ساوڪ ۽ ميوي تي چيها. رابن. جهرڪيون آبابيل ۽ بلبلن جهڙا پکي اچي پنهنجا آکيرا ۽ آشيانه ٺاهين ٿا جنهن جي ڪري قبرستان ۽ اوسي پاسي جو ماحول گهڻي ڀاڱي قدرتي ۽ دلنشين لڳي ٿو.
ڍنڍ جي الهندي ڇيڙي تي خوبصورت ٽائون هائوسز ۽ بنگلن جون قطارون آھن جن مان هڪ قطار هن قدرتي ڍنڊ جي ڪناري تي آھي جنهنجي سامهون منهنجي ڪمري جي دري کلي ٿي. ڪمري جي ڀر ۾ لونگ روم آھي جنهن جي گيلري مان اسان گهر جا ڀاتي هر وقت ڍنڍ تي لهندڙ گيز (ڳاڙهي چھنب ۽ منڍيءَ واريون اڏامندڙ ڪاري رنگ جون بدڪون) ڪائنيرن. ۽ ٻين پکين جو نظارو ڪندا رهندا آھيون. اسانجي گيلري ۾ چانهن پيئڻ جي لاءِ ٽيبل ڪرسون ۽ آرام ڪرسيون رکيل آھن. فجر جو سوير اٿڻ ڪري مونکي پنهنجي لاءِ چانهن پاڻ تيار ڪرڻي پوندي آھي. جنهن جو لطف وٺڻ لاءِ آئون گيلري ۾ اچي ويهندو آھيان ۽ صبح جو ساجهر اٿندڙ پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌي پنهنجي دل وندرائيندو آھيان. ڪيناڊا ۾ هن وقت سانوڻي شروع ٿي چڪي آھي ۽ پرڏيھ هجرت ڪري ويل پکيئڙا هتي جي فضائن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتي جي برفيلي مند ۾ زندگي گذارڻ وارن پکين مان مونکي جنوبي ايشيا وارن پکين جي جنسن مان پنهنجي ديسي جهرڪي. ابابيل. ڳيرا ۽ ڪبوتر نظر پيا اچن. جهرڪين جي ٻچن ڏيڻ جي مند آھي ۽ ابابيل به انهي ڪم ۾ رڌل آھن. هفتي کن کان اسان جي گيلري جي ڇت ۾ انهن ٻنهي پکين جي لامارن ڏيڻ. آکيرا ۽ گهرن ٺاھڻ جي جدوجهد لڳي پئي آھي. ڪورونا جي ڪري انسان اڪثر گهرن ۾ آھن. في الحال منهنجو به گھران نڪرڻ گهٽ ٿي چڪو آھي ۽ منهنجو اڪثر وقت گيلري مان نظارا ڪندي گذرندو آھي.
اسان جي پڪرنگ ويلي ۾ ٻن ھفتن کان ھلندڙ ڦڙ ڦڙ جي نتيجي ۾ ارد گرد جي ماحول ۾ پاڻي جا دٻا ڀرجي چڪا آھن. ابابيل اوسي پاسي پاڻي جي دٻن. ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪنارن تان آلي مٽي پنهنجي چنهنبن ۾ کنيو ڇت جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو گهر اڏي رهيا آھن. ابابيل جي گهرن اڏڻ وارو ڪم بلڪل ائين آھي جيئن سنڌ جي قديم اوڏ قوم ڪندي آھي. مسلسل هڪ هفتو مان وڏي دلچسپي سان ابابيلن جي گهر اڏاوت جي ڪم ۽ هنر کي پئي واچيندو رهيس. نر ٻاهران مٽي آڻي پيو ۽ مادي پنهنجي هنر ۽ نفاست سان وڏي ڀانڊاري جيڏو گهر ڇهن ستن ڏينهن اندر تيار ڪيو ۽ مٿين پاسي کان ٻن انچن جيترو سوراخ ڇڏي ڏنو. جنهن ڏينهن ابابيلن گهروندي اڏڻ جو ڪم پورو ڪيو ان کان ٻه ڏينهن پهريان اسانجي گيلري ۾ جهرڪين جي هڪ جوڙي پنهنجي اچ وڃ شروع ڪري ڏني هئي. جڏهن گهر بلڪل خشڪ ٿي ويو تڏهن ڇا ڏسان ته جهرڪيون پنهنجي چنهنبن ۾ ڪک ڍوئينديون ويون ابابيلن جي گهر ۾ سٿينديون. مونکي اچي خوف ٿيو ته ھاڻي ان داداگيري ۽ قبضي گيريءَ خلاف ضرور مذاحمت ٿيندي. جهيڙا ٿيندا جهڳڙا ٿيندا ۽ ٽريڪا مچندا مگر آئون هن وقت تائين محو حيرت آهيان ته ٽن چئن ڏينهن جي محنت سان جهرڪين پنهنجي ٻچن لاءِ مٽي جي ڀانڊاري ۾ هنڌ بسترو به تيار ڪري ڇڏيو مگر ابابيلن جو ڪو پتو ناهي ته ڪيڏانهن هليا ويا. گهر جي قبضي تي نه ڪنهن قسم جو ٽريڪو متو نه ئي پکين وچ ۾ ڪا جنگ لڳي. اهڙي طرح گهر جي ٻاھران ٽن پاسن کان ڇت ۾ ابابيلن مٽي جا گهر اڏيا ۽ انهن سڀني گهرن کي مڪمل ڪري جهرڪين جي حوالي ڪيو ۽ جهرڪين انهن ۾ پنهنجا آنا لاٿا آھن. خبر نٿي پوي ته ابابيل جهرڪين کي آکيرا ٺاھي ڏيڻ لاءِ سروس پرووائيڊر جو ڪم ڏين ٿا يا اهو پکين جو پاڻ ۾ پيار آھي جيڪو هو پاڻ ۾ ايڏي وڏي محنت ۽ قرباني سان نڀائن ٿا. اسان کان وڌيڪ ان ڪم ڪارکي نيچر وڌيڪ سمجهي ٿي ۽ اسانجو عقل اتي اچي دنگ ٿي وڃي ٿو.
**