سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

بگ ايپل

آسمان تي ڪڪر ڪڪورجي چڪا هئا. هوائن ۾ نمي وڌي وڃڻ ڪري موسم خوشگواري جو احساس ڏياري رهي هئي. موسم جا اهڙا بدلجندڙ رخ ڏسي مون پنهنجي پٽ کي چيو. هئڙي خوشگوار موسم ۾ گهر ۾ ويهي پڪوڙا تري کائڻ کان بهتر آھي ته لانگ ڊرائيو تي ڪاڏهن نڪري هلجي. منهنجي اها ڳالھ جيئن ئي ٻارن جي ڪنن تي پئي تيئن هنن جي دل ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. بس پوءِ ته گهر ۾ ڌما چوڪڙي مچي وئي. پٽ ۽ ننهن جي اتفاق ڪرڻ کانپوءِ جلدي اسان سڀ تياري کي لڳي وياسين.
تفريح جي خيال سان جڏهن به اسان گھران نڪرندا آھيون ته اسانجو پهريون ٽارگيٽ ميڪڊونلڊ ۽ ٽم هارٽن ڪافي هائوس هوندو آھي. ناشتي پاڻي کان واندا ٿي اڌ ڪلاڪ جي اندر شاهراه 401 تي اچي اسان مونٽريال ڏانهن رخ ڪيوسين. شاهراه جي ٻنهي پاسن تي پري پري تائين ساوڪ لڳي پئي هئي. مٿي آسمان ۾ ميرانجهڙن ڪڪرن مان ٿڌڙي پاڻي جون بوندون ڪري رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي روڊ جي پاسن تي صوفن ۽ پائن جا وڻ نهايت خونصورت منظر پيش ڪري رهيا هئا. روڊ جي ساڄي پاسي ڏاڙھن جهڙن ڳاڙھن صوفن جي وڻن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن کي ڏسندي منهنجي پٽ ٻڌايو ته ”بابا هي صوفن جا باغ ڪيناڊا جي پهرين وزير اعظم جان اي. ميڪڊونلڊ جا آھن جنهن جو تعلق برطانيه جي شھر گلاسگو سان هو ۽ 1867 ۾ سندس ئي ڪوشش سان ڪيناڊا ۾ ڌار ڌار صوبن کي هڪ فيڊريشن ۾ آندو ويو.جنهن بعد کيس هن نئين ملڪ جو وزير اعظم چونڊيو ويو.“ جان اي ميڪڊونلڊ جي ڪاوشن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ فرحان وڌيڪ ٻڌايو ته پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ جان اي ميڪڊونلڊ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ رهيو. تنهن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ڪاروبار جي ڪم ۾ هٿ وڌا جنهن ۾ به ڪيتريون ڪاميابيون ماڻڻ بعد هو سياست جي ميدان ۾ آيو. اسان جي گفتگو جاري هئي مگر ايتري ۾ اسان پنهنجي منزل ”بگ ايپل“ جي ڪشادي اڳڻ ۾ اچي بيٺاسين. منهنجي حيرت جي حد نه رھي جڏهن منهنجي نظر جبل جيڏي وڏي ڳاڙھي صوف تي پئي.
شاهراه 401 تي هي هڪ نهايت ئي خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ آھي. فطري ۽ انتهائي خوبصورت منظر ۾ ڪيناڊا جي بگ ايپل ڪمپني جي هتي وڏي عمارت آھي جنهن ۾ کاڌي پيتي جي مختلف شين تيار ڪرڻ جا ڪارخانه ۽ انهن جا ڊپارٽمينٽل اسٽور، بيڪريون، شاپنگ مال، ريسٽورينٽ، ڪنفڪشنري، بگ ايپل ڊرنڪ مشروبات ۽ مٺاين جا اسٽور آھن جن تي بگ ايپل جي ڇٽي هيٺ تيار ٿيندڙ شين ۽ پراڊڪٽس جو وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
بگ ايپل جي پراڊڪٽس ۾ اڪثر بگ ايپل جي فارم جي باغن جي صوفن ۽ انهن جي رس کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. وڏي سهڻي ڳالھ ته فيڪٽري جي مختلف حصن ۾ وڃي ماڻھو هر وقت تيار ٿيندڙ مال جو پنهنجي نظرن اڳيان معائنو ڪري سگهي ٿو.
اسان پنهنجي ٻارن سان ڪنفڪشنري جي سڀني حصن کي گهمي ڦري ڏٺو ۽ جڏھن شيشي جي وڏن مرتبانن ۾ ٽيسٽنگ لاءِ رکيل شين جا مزا ۽ معائنه ڪري واندا ٿياسين تڏهن بگ ايپل جي ڪچن مان ڪرنچ ايپل پائي، ونيلا ايپل ڪروسان، ۽ ٻارن لاءِ ڊونٽس ۽ پستن بادامن واريون برائونيز وٺي ريٽورينٽ ۾ اچي کاڌيون سين.
ٿوري دير آرام ڪرڻ کانپوءِ اسان بگ ايپل جي صوفن جي باغ ڏانهن ڪاهي پياسين. ڪارخاني ۽ باغ جي وچ ۾ وڏي ڳاڙهي صوف جي ٻه ماڙ عمارت هئي جنهن ۾ ماڻھو پنهنجي ٻارن سان تفريح لاءِ اندر وڃن ۽ اچن پيا، اسان به اندر وڃي بگ ايپل کي چڱي طرح ڏسي خوش ٿياسين. صوفن جي باغ ۾ پنهنجي مرضي سان صوف پٽي کائڻ جو ڏاڍو لطف آيو. باغ ۾ جيڪي صوف هيٺ پٽ تي پاڻھي ڪرن ٿا سي پاڻ سان کڻي وڃڻ جي اجازت آھي باقي جيڪي وڻن مان پٽي پاڻ سان کڻي وڃبا تن جي تور تڪ ۽ حساب ڪتاب ڪائونٽر تي هر ماڻھو کي ڏيڻو پوي ٿو.
اسان صوفن جي باغن جي پر فضا ماحول کي الوداع چئي ٻارن کي بگ ايپل جو چڙيا گهر ڏيکارڻ وياسين. بگ ايپل جي ڪشادن ساون سبز ۽ دل لڀائيندڙ ميدانن ۾ چڙيا گهر کان سواءِ گالف ڪورٽ به هئا جتي ٻار پنهنجي وڏن جي نگراني هيٺ گالف ۽ ٻين راندين کان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. بگ ايپل فارم جي هڪ پاسي ميوزيم به هئو جتي پراڻي زماني جي ريل جي انجڻ ۽ ڪيريئر گاڏا بيٺل هئا. ساڳي جاءِ لڳ بگ ايپل جي صنعت سان لاڳو اڻويهين ۽ ويهين صدي دوران رس ڪڍڻ وارين مشينن جا پراڻا سانچا پڻ نصب ٿيل هئا ۽ ديوارن تي انهن جا فوٽا ۽ ڊرانئنگس وغيره پڻ لڳل هيون ته جيئن انهن کي ڏسي ايندي ويندي کي صنعت جي اير ڀير ۽ قدامت جي ڀلي ڀت ڄاڻ حاصل ٿئي.
هن سهڻي شام ۾ جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن آسمان کان ڪرندڙ مينهن جون ڪڻيون دل کي سرور بخشي رهيون هيون تنهن ۾ سج جي لهڻ کان ڪي گهڙيون اڳ اسان بگ ايپل جي فارم کان لنگهي هڪ پراڻي آبادي جو نظارو ڪرڻ نڪري وياسين. ڪيناڊا جا ڳوٺ ۽ ٻھراڙيون به في زماني قدامت ۽ جدت جو هڪ خوبصورت نمونو پيش ڪن ٿيون. جن کي ڏسي ماڻھو محو حيرت ٿيو وڃي. 5600 ماڻھن تي ٻڌل هي قديم ڳوٺ. ڪراچي جي ڪلفٽن جي ڪنهن خوبصورت حصي کان به ڪئين ڀيرا وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو پيو لڳي. البته هتان جي هر لوڪيشن تي عمارتن ۾ وڪٽورين دور جي زماني جي عمارت سازي جو جيڪو سحر انگيز ڏيک نظر اچي پيو سو پنهنجي مٽ پاڻ هو. رستي ۾ ايندڙ هن ڪائونٽي جا روڊ رستا تقريبن سنسان ۽ ويران پئي لڳا. جڏهن ته ريسٽورانٽ، بيوٽي پارلر، گلن جا دڪان ۽ ٻيو سڀ ڪجھ کليل هئا، منهنجي خيال ۾ گهٽ آبادي ڪري ماڻھن جي اچ وڃ گهٽ پئي محسوس ٿئي، من جي هورا کورا لاهڻ لاءِ فرحان کان سوال ڪيم ته، ”هن حسين ترين وادي ۾ سڀ ڪجھ کليو پيو آھي پر ماڻھو ڪونهن“. هن ٻڌايو ته ”بابا هن ڪائونٽي نما شھر ۾ آبادي جو اٽڪل سمورو ريشو گوري نسل جي ماڻھن تي ٻڌل آهي ۽ هي وقت انهن جي ڊنر جو وقت آھي تنهنڪري دنيا جهان جا ڪم پاسيرا ڪري پهريون اهي ڊنر ڪندا پوءِ ٻيو ڪجھ ڪندا.“

**