هند سنڌ ڪو ويڇو ناهي
پنهنجي تحرير جي لکڻ ۾ آئون ايترو گم ٿي ويو هوس جو مونکي احساس نه رهيو ته فضا ۾ ڪجگوڙ سان گڏ آسمان مان مينهن جون ڪڻيون ڪري رهيون آھن. اڄ مونکان اها به چڪ ٿي وئي هئي جو مون هوم گوگل کان موسم جي اڳڪٿيءَ جي خبر چار نه ورتي هئي. مونکي ان وقت اچي خوف ورايو جڏهن هٽ جي پراڻي ڇت مان مينهن جون ڪڻيون مٿي تي اچي پيون. آئون جهٽ ۾ اها جوءِ ڇڏي ڪلب جي عمارت جي آڳر کان ڊوڙندو ميدان ۾ بيٺل وڻن جي اوٽ اچي بيٺس. ان مهل تائين مينهن جي وسڪاري ۾ اضافو ٿي چڪو هو. گالف جي ميدان ۾ ويل رانديگرن جون پڻ ڊوڙون لڳيون پيون هيون. اهي پنهنجيون گالف جون ڪٽون ۽ ناشتي پاڻي جا ٿيلها کنيو پنهنجي ٿري ويلر ڪارٽس کي ڊوڙائيندا انهن وڻن جي اڳيان اسٽينڊ تي اچي ڪٺا ٿيڻ لڳا جتي آئون پاڻي کان بچڻ لاءِ اچي لڪو هوس. جڏهن مينهن جو پاڻي وڻن جي پنن مان ڇڻي منهنجا بوٽ ۽ ڪپڙا ڀڄائڻ لڳو تڏهن اتان ڊوڙپائي مان پارڪ جي ميدان مان نڪري سامهون گهرن ڏانهن رخ رکيو. تقريبن مان اڌو گابرو ڀڄي چڪو هوس. پوءِ به سھارو وٺندي مان گجراتين جي پاڙي جي هڪ گهر جي ڏيوڍي ۾ اچي پناه ورتي. ان آسري تي ته ٿورو وسڪارو جهڪو ٿي ته پنهنجي گهر گيريزن ڪراسنگ ڏانهن خير سان پهچان. هن گهر جي ڏيوڍي ڇا هئي هڪ ڪشادي گيلري هئي. گهر جي خاص لنگھ واري دروازي کان پري ٿي آئون هڪ ڪنڊ ۾ پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن گهر ۾ موجود ماڻھن جي مون تي نگاه نه پوي. مان برسات جي ڀڄڻ کان ته بچيل هوس مگر تکي هوا جي لڳڻ ڪري جسم ۾ سياندو محسوس ٿيڻ لڳو.
دل ۾ دعائون گهرڻ لڳس ته مولا سائين مينهن کي جهڪو ڪر ته آئون پرائي گهر کان ٻاهر نڪران. ايتري ۾ گهر جي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو ۽ هڪ پوڙهي خاتون در کان لئو پائيندي مونکي ڏسي چوڻ لڳي ”توهان ٺيڪ ته آهيو.“ وراڻيم ”قهري مينهن ماري وڌو آ.“ خاتون خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪندي چيو. ”او خير آ مان تنهنجي ويهڻ جو بندوبست ڪريان ٿي مينهن بند ٿي ته هليا وڃجو.“
مون ٿورو مڃيندي خاتون کي چيو ته، ”محترمه ھي ڪووڊ جا ڏينهن آھن آئون اتيئي ٺيڪ آھيان.“ منهنجي ڪيفيت کي ڏسندي هن زور ڀريندي چيو ”ڪا ڳالھ ناهي جي توهانجي پريشاني گهٽبي ته مونکي ڀڳوان اجر ڏيندو.“ خاتون منهنجي لهجي مان اندازو ڪري وئي هئي ته آئون جنوبي ايشيائي جنس مان آھيان. مگر آئون ڀڳوان جي لفظ کي وٺي ڪنهن ويچار ۾ هليو ويس. خاتون گهر جي اندر اچڻ جو اشارو ڪندي چيو. ”اسان پاڻ سوشل ڊسٽينس جا قائل آهيون اڄ ڪلھ ته ھر ڪو ان موذي کان ڊنل آ“ مون چيو ”پر هي منهنجو ماسڪ ته پسي چڪو آھي.“ هن وراڻيو، ”خير آ مون وٽ ڊزن کن ماسڪ رکيا آھن توهان هڪڙو استعمال ڪندا ٻيو ڇا.“
مانواري، ”ها مگر“
”اگر مگر کي ڇڏيو، تڪلف نه ڪريو هوڏانهن هن ڪرسي تي ٿي ويهو .“
مون ڪشادي لونگ روم جو طائرانه جائزو وٺندي خاتون کان سوال ڪيو. ”گهر ۾ ٻيا ڀاتي ڪون ٿا ڏسجن.“ خاتون وراڻيو ”پوٽي ۽ پوٽو آھن پنهنجي ڪمري ۾ کيڏڻ ٿا....“ ساهي پٽي چوڻ لڳي ”توهان سنڌي ماڻھو آھيو تنهنڪري پيا ٿا گهڻو ويچاريو..“
مون چيومانس، ”خاتون توکي ڪيئن خبر پئي ته مان سنڌي آھيان.“ وراڻيائين، شام جو روز پنهنجن ٻارن سان پارڪ ۾ ايندي آھيان. مان ڏسندي آھيان ته توهان پنهنجي ٻارن سان سنڌي ۾ ڳالائيندا آھيو. ٿورو رڪي هن وري چيو ته جي توهانکي سيء ٿو لڳي ته مان آتشدان ٻاريان.“
مون وراڻيو؛ ”توهانجي مهرباني خير آ“
هوءَ پنهنجي ڪرسي تان اٿي ۽ ڀرسان واري ڪمري ۾ هلي وئي. مون ڏٺو ته ھن جي هٿن ۾ سلينڊر فين هو جيڪو منهنجي اڳيان رکندي چيائين، ”هي ڊيوئل سسٽم تي آھي هن جي گرم هوا تي اجهو توهان جا ڪپڙا سڪي ويندا خاتون جو احسان مڃيندي مون کيس چيو توهان ڪٿان جا آھيو.“
خاتون جواب ۾ چيو ته، ”اسان جا وڏا پڻ سنڌ جي شھر ڪراچيءَ مان لڏي بمبئي جي علاقي انڌيري اڀرندي ۾ اچي ويٺا، ساهي پٽيندي هن وري پنهنجو قصو شروع ڪيو. ”مان ان وقت پنجن سالن جي هيس. مون سنڌي ٻولي پنهنجي ماءُ پيءُ کان سکي. منهنجي پيءَ کان وڌيڪ امڙ سنڌي سکڻ تي زور ڏيندي هئي. اسان پاڻ ۾ ٻه ڀاءَ ڀينر آھيون سڀ پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيدا آهيون. منهنجي ننهن ۽ پٽ به سٺي سنڌي ڳالهائي سگهندا آھن.“
مون پڇيومانس ته، ”اھي“
منهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيائين، ”هن وقت اهي پنهنجي پنهنجي نوڪري تي ويل آھن.“
مون سندس اڍ جي باري ۾ چيو ته، ”سنڌين جي ڪهڙي اڍ سان اوهان جو تعلق آهي.“
چوڻ لڳي؛”اسان جا وڏا نائون مل ڀوڄواڻي جي ڪل مان هئا تنهنڪري اسان ڀوڄواڻي سڏبا آھيون مگر هاڻي ڪير ٿو پڇي ذاتين کي، هتي وري ڪيناڊا ۾ ته رهندو ڪجھ نه بچيو آھي.“ ”توهان ڪھڙي ذات سڏايو، سنڌ ۾ ته اهو چڪر اڃان به ھوندو.“
”جي ها سنڌ ته آھي ئي ذاتين سان ٻڌل.“
خاتون ڳالھ کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو .سنڌ ته آھي سمن ۽ سومرن سان.“
مون وراڻيو، ”مائي ڏاڍي خبر ٿي رکين.“ وراڻيائين....... ”ڀايل مان ڪتاب جي پچر ناهي ڇڏي رات جو چار ورق پڙھي پوءِ آرامي ٿيندي آھيان.“ وري چوڻ لڳي. ”او چانھن ته مونکان وسري وئي اجهو ٿي آڻيان. ائين چئي هوءَ لونگ روم مان هلي وئي.“
جهٽ پلڪ کانپوءِ هٿ ۾ ٽري کڻي آڻي سينٽرل ٽيبل تي رکندي چوڻ لڳي، ”هي ڪيڪ مون پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آھي منهنجا ٻار خاص ڪري هي ننڍا ٻار ته، گذران ئي ڪيڪ. بسڪوٽن، ٽافين، بند ۽ برگر تي ڪن. مون کيس وراڻيندي چيو، ڀيڻ هن تڪلف جي ڪهڙي ضرورت هئي. موٽ ۾ چوڻ لڳي. ”گهر آئي کي ڪو ائين وڃڻ ڏيندو. مان هڪڙي ڳالھ توهان کي ٿي ٻڌايان ته ٽيون ڏينهن واري مينهن ۾ ان ٻاهرين گيلري ۾ ڳيرو اچي ڪريو هو.“ مون چيومانس پوءِ هن وراڻيو، پوءِ ڇا، ساهي کڻي قصو شروع ڪيائين؛ ”پوءِ مان ان کي اندر گهر ۾ آندو. هيٽر تي هن جا پر سڪايم جڏهن ڪجھ ڦٽرو ٿيو تڏهن ٻارن جا بسڪوٽ ڀوري هن جي اڳيان رکيم.“ مون پڇيو ته ”ڳيرو بسڪوٽن جي ڀور چڳي ويو.“ چيائين؛ ”جي ها کائي ويو.“ بنا ساهي جي ڳالھ کي پورو ڪندي چيائين. ادا توهان ته پوءِ به انسان آھيو توهان جو ته پکين کان وڌيڪ حق آھي سو مان توهان کي ائين ڪيئن ڇڏيندس.“
گهڙي سوا کان پوءِ مينهن جهڪو ٿي بند ٿي ويو. منهنجا ڪپڙا به ذري گهٽ سڪي چڪا هئا پنهنجي ميزبان آيل کي هٿ جوڙ ڪندي اجازت گهري مون ٻڌايومانس، ”هن سامهون واري گهٽي گيريزن ڪراسنگ جي يونٽ 2603 ۾ مان پنهنجي پٽ سان رهندو آھيان ڪڏهن ٿي سگهي ته پنهنجي پٽ. ننهن ۽ ٻارڙن کي وٺي اسان وٽان ڀيرو ڪجو.“ مون ڪرسي تا اٿندي سندس احسان مڃيندي چيو ته ”ھن ماسڪ جي بخشش ٿي.“ وراڻيائين، ”ادا اصل ۾ آھيون ته هڪ ديس جا ........ هاڻي ڀي هند سنڌ ڪو ويڇوناهي.“ ٿورو رڪي وري چوڻ لڳي؛ ”ٻڌو آھي ته ڪراچي ۽ بمبئي به پاڻ ۾ جاڙيون آھن. مون کيس جوابن عرض ڪيو ته آھي ته ائين مگر هن وقت ميل ملاقات جا سڀ در بند آھن.“
**