آئيندي جي نسلن جي آبياري
راندين ۽ تن سازي جي عملي سکيا کي مغرب ۾ وڏي اهميت حاصل آھي. جنهن جي حصول لاءِ ڪلب ڪلچر ۾ وڃڻ کان اڳ سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ ابتدائي سکيا گهر جن کي ڊي ڪيئر سينٽر به سڏيو وڃي ٿو تنهن کان شروع ٿيندي آھي. اهي ٻارن جا سڄو ڏينهن حفاظتي مرڪز، سکيا جي سلسلي ۾ ٻه رخي سکيا ڏين ٿا. ٻن سالن جي ڪچي عمر جي ٻار جي باري ۾ اسان اندازو لڳائي سگهئون ٿا ته هن کي سکيا جي مرحلن مان ڪيئن گذاريو ويندو هوندو. ڀل اسان وٽ اهڙو رواج موجود ناهي مگر هتي ڪيناڊا ۾ ان کي خاص اهميت ڏني وڃي ٿي. ڪچي ٻالڪپڻي ۾ جڏهن والدين ٻارن کي سکيا مرڪزن ۾ داخل ڪرائين ٿا. تڏهن ٻارن لاءِ ڪو يونيفارم مقرر نه هوندو آھي، جيتوڻيڪ هنن ڊي ڪيئر سينٽرن تي ابتدائي نشونما ڪندي ٻارن کي تعليم جو پهريون ڏاڪو چاڙھڻ سيکاريو ويندو آھي. ا، ب، ت ۽ ڳڻپ سان سان گڏ ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو آھي. اهو مرحلو آھي راند روند جنهن ۾ جسماني ڪثرت پڻ شامل هوندي آھي. اهڙن مرڪزن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو تجربو مون کي ان وقت ٿيو جڏهن مان پنهنجي پوٽي حارث کي پنهنجي پٽ سان گڏ وڃي پنهنجي علائقي جي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ داخل ڪرايو. ٻٽي ڏينهن سينٽر ۾ ٻارن جي سکيا جون سرگرميون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. سينٽر ڇا هو. هڪ تربيت گاهه ۽ اسڪول هو. هي ٻارن جو سڄو ڏينهن خيال رکڻ وارو تربيت گاهه ۽ ناليج سينٽر پڪرنگ جي اهڙي قدرتي خوبصورت لوڪيشن تي قائم آھي جنهن جو ٿڌي سڙڪ جهڙو رستو بي پناهه خوبصورتن جي مالڪ ڍنڍ اونٽاريو تي وڃي ختم ٿئي ٿو.
ڊي ڪيئر ناليج سينٽر تي ٻارن کي راند روند ڪرائيندي موٽر ڪارن ۽ هر قسم جي وهيڪل جا پلاسٽڪ مان جڙيل ماڊل، پلاسٽڪ رانديڪا، ايگريڪلچرل مشينري ۽ ڳري ٽرانپورٽ وهيڪل جا نمونا، هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽرن جا ماڊل، زمين کوٽڻ جا اوزار، ڪارپينٽر جو سامان، ڪاٺ جا تختا، پلاسٽڪ جا مترڪا ۽ ڪارايون مطلب ته پنجن سالن جي عمر تائين ٻار انهن سينٽرن تي سکيا وٺندي وٺندي سڄي جهان ۾ ڪم ايندڙ موٽر ڪار ۽ مشينري کي پنهنجي هٿن ۽ اکين مان ڪڍي انهن متعلق ڄاڻ حاصل ڪري وٺندا آھن.
ٻارن جي جسماني ڪثرت ۽ نشونما جي لاءِ سينٽر ۾ ترڪڻون ڏاڪڻون، چيڪلا، چوڏيلون، ساڪر بال، ٽينس، بيڊ منٽن، هاڪيون، بيس بال گيم جا پلاسٽڪ جا ڏنڊا وغيره هوندا آھن، جن سان سڄو ڏينهن ٻار تربيتي ماهر خاتون استادن جي نگراني ۾ جسماني ورزش ڪندا رهندا آھن. سينٽر تي وقت تي شيڊول مطابق کاڌو ڏنو ويندو آھي ۽ بيڊ رومس ۾ آرام پڻ ڪرايو ويندو آھي.
مون پنهنجي پڪرنگ فٽبال گرائونڊ ۾ لڳل هڪ ڪئمپ ۾ ٻارن جي ساڪر گيم جي تربيتي سمر ڪئمپ کي ٽن ڏينهن کان ڏسان ٿو، جتي ماهر استاد مشاق طريقن سان ٻارن کي گرائونڊ ۾ آڻي انهن ۾ اسڪل يعني مهارت پيدا ڪن ٿا بلڪ راند جي سکيا پوري ٿيڻ کان پوءِ هنن کي ڊرل ڪرائي منجهن نظم ۽ نسق پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏ هنن جون جسماني مشقون به ٿي وڃن ٿيون. پڪرنگ جي ميجر اوڪس روڊ تي ويلي پبلڪ اسڪول جي وڏن ۽ ويڪرن ميدانن تي مونکي اتر امريڪا جي قومي معروف راند بيس بال ڏسڻ جو ڪيترا دفعا موقعو مليو آھي. هن راند ۾ ستن اٺن سالن کان ڏهن ٻارهن سالن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي چٽا ڀيٽيءَ واريون ميچون کيڏن ٿا. جيڪي تقريبن ننڍي هوندي سکيا گهرن ۽ ناليج سينٽرس تي ابتدائي تربيت وٺي تيار ٿيل هوندا آھن.
هن ميدان ۾ ٻار صبح ۽ شام بيس بال راند ڪري پنهنجي مهارت وڌائيندا رهندا آھن ان سان گڏ جسماني ڪثرت ڪندا آھن. مگر هنن ميدانن ۾ ٻارن جي والدين جي شرڪت ۽ دلچسپي ڏسي مونکي حيراني وٺي وئي. ٻارن جي همت افزائي لاءِ ساڳي وقت انهن جا پيءَ ۽ ماءَ موجود هوندا آھن جيڪي کيڏڻ لاءِ ٻارن جا ڪٽ، ٻارن جي کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ميوا ۽ شربت پاڻي کڻي ميدان جي وٽن ۽ پاسن تي ويهڻ لاءِ فولڊنگ ڪرسيون ڪلهن تي کنيو ايندا آھن. ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ راند روند تي هتي مغرب ۾ جيترو ڌيان انهن جا ماءَ پي ڏين ٿا ته پوءِ ڇو ڪونه ايندڙ وقت ۾ انهن جي ايندڙ نسلن جا وڏا مان ٿيندا.
ڪيناڊا ۾ رهندڙ قومن جون ترجيحات رهيون آھن ته زندگي جي تمام شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاء هنن جا ٻار جنهن ميدان ڏانهن پاڻ لاڙو رکن ٿا تنهن لاءِ هنن جا والدين نه رڳو انهن کي موقعو ۽ ماحول فراهم ڪن ٿا پر پنهنجي زندگي مان وقت ڪڍي اولاد اڳيان موجود رهي هنن کي سپورٽ ڪن ٿا. دنيا هاڻي هڪ شھر. هڪ ڳوٺ. هڪ گهر ۽ هڪ نيٽ ورڪ ۾ سمائجي چڪي آھي. پنج منٽ اڳ مون ڪيناڊا کان هڪ عرض، نيٽ ذريعي پنهنجي دوستن کي ”انيس انصاري صاحب جي تصوير کپي“ لکي موڪليو. سچ پڇو جي مان پنهنجي ڪمري جي ڪٻاٽ مان تلاش ڪري فوٽو ڪڍان ها ته ڪجهه وقت لڳي ها. مون پوسٽ لکي وال تي موڪلي اک ڇنڀ ۾ پياري دوست ڊاڪٽر دانش مونکي گهربل تصوير موڪلي. مٿان انيس صاحب جي نينگرن محترم اسحاق احمد انصاري ۽ اشفاق پڻ خوبصورت تصويرون موڪليون. اها آھي هڪ گهر ۽ ڳوٺ واري ويجهڙائي جو هڪ عملي نمونو. تنهن ڪري اسان جي سکيا ۽ تربيت جي سلسلي ۾ دنيا ڀر مان پرائڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ ڪيترو سهنجو ۽ ويجهو سو به مفت ۾ مهيا ٿي پيو آهي.
هاڻي اسانکي گهرجي ته اسان پنھنجي سوچ. ريتن. روايتن ۽ سرگرمين کي فائديمند دڳ تي لڳايون. پنهنجي عادتن ۽ روين کي مٽائي بهتر ڪرڻ ۾ ھاڻي وڏي سرمائي جي ضرورت درڪار ڪانهي. هڪ ڀيري اسڪول ٽيچر شاگرد کان پڇيو ”اڙي تون اڄ منهن ڇو ڪونه ڌوئي آيو آھين.“ ٻار جواب ڏنو ”سائين مان غريب آھيان.“ اسان هاڻي اهڙا جواب ڏيڻ ڇڏي ڏيون نه ته ريل گاڏي اسٽيشن تان نڪري اسان کي ڇڏي ٻي اسٽيشن تي ٻين مسافرن کي وڃي کڻندي.
**