چيري بلاسم فيسٽيويل ٽورنٽو
هڪڙي ڏينهن صبح جو آئون لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف هوس ته اوچتو منهنجي گهر واري جي ڀاڻيجي انجنيئر نواز عالم جي ڪال آئي. هو ڏاڍي سٺي موڊ ۾ پئي نظر آيو. هيلو هاء کانپوء چوڻ لڳو ”انڪل بهار جي مند شروع ٿي وئي آھي. سڀاڻي ٽورنٽو جي هاءِ پارڪ ۾ چيري بلاسم فيسٽيويل آھي. اهو فيسٽيويل ڏسڻ لاءِ سڄو شھر ڪٺو ٿيندو آھي“ مون کانئس پڇيو. ”پروگرام ڇا آھي.“ چوڻ لڳو. ” اسان پوري فيملي پنهنجي گهران نڪرنداسي. اوهان فرحان سان گڏجي هن ميلي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا“ نواز عالم جي واتان اهو ٻڌي ته بھار جي موسم اچي وئي آھي. منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي. ڪيناڊا ۾ رهندي مونکي هتان جي موسمن ۽ انهن جي بدلجڻ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. اسانجي ملڪ ۾ واضح طور چار موسمون ٿيندي ۽ گذرندي نه رڳو محسوس ٿينديون آھن پر پنهنجي مٿان گذرندي انهن جا واضح اثرات به نظر يندا آھن.
فرحان جيئن شام جو ڊيوٽي ڏئي گهر آيو ته مون کيس چيو ”يار خبر ئي نه پئي ته هتي بهار جي موسم اچي وئي آھي.“ هو وراڻيو. ”بابا هتي ائين ئي ٿيندو آھي. سردين سردين ۾ بهار جي موسم اچي ويندي آھي ۽ ائين ئي گرمين جي موسم گذري ويندي آھي“ مون چيومانس.” تنهنجي ماسات نواز عالم جي فون آئي هئي ته ٽورنٽو جي هاءِ پارڪ ۾ سڀاڻي چيري بلاسم جو فيسٽيويل لڳندو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اوهان ضرور ايندا.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا سائين ان فيسٽيويل جو ته اسان کي به انتظار رهندو آھي. ضرور هلنداسين“مون فرحان کي ياد ڏياريندي چيو. ”فرحان توکي ياد آھي جڏهن تون. امجد ۽ نواز عالم دهلي ڪالج ڪراچي ۾ مون وٽ پڙھندا هئا. تڏهن بهار جي موسم ۾ اسان ڪاليج جي پروفيسر حسن اڪبر ڪمال، پروفيسر نسيم نيشوفوز، ۽ پروفيسر نعيم علي خان سان گڏجي جاپاني ڪانسليٽ ۾ چيري بلاسم ۽ ٻين فطرتي مناظر تي ٻڌل هائيڪو مشاعري جي محفل ۾ هلي شريڪ ٿيدا هئاسين.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا مونکي چڱي طرح ياد آھي. ان هائيڪو محفل مشاعري ۾ ادا جعفري، پروفيسر شاهده حسن.فاطمه ثريا بجيا ۽ ڪراچي جا ٻيا ناليوارا هائيڪو جا شاعر اچي پنهنجا شعر پڙھندا هئا“ مون چيو ”يار توکي ته پنهنجي ڪاليج وارن ڏينهن واريون سڀ ايڪٽوٽيز ياد آھن پر تون اهو ٻڌاءِ ته چيري بلاسم ملهائڻ وارو ڪلچر ته جاپان ۽ چائنا جهڙن ملڪن جو آھي. هتي ڪيناڊا ۾ اهو ڪيئن ٿو ملهائيو وڃي.“ فرحان ٻڌائيندي چيو. ”بابا سائين ڪيناڊا جي ملٽي ڪلچرل لائف جي ڊيموگرافيڪل هسٽري ٻه اڍائي سو سال پراڻي آھي“، ”ڀلا ايترا سال قديم تاريخ مان چيري بلاسم ڪلچر تي روشني پوڻ جو ڪو امڪان آھي.“ هو وراڻيو. ”جي بابا“ مون چيو پوءِ ڀلا کولي ٻڌاءِ ته اسان به ڪو لطف وٺئون.
فرحان پنهنجي ڄاڻ مطابق ٻڌائيندي چيو. ”بابا اٽڪل 1852 ڌاري ڪيناڊا ۾ ريلوي جون لائنون وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو“ مون کانئس وچ ۾ سوال ڪندي چيو ”ڀلا انجو تعلق چيري ڪلچر سان ڪيئن ٿيو.“ فرحان چيو. ”بابا ڳالھ ته پوري ٻڌو“ مون چيو ”ٻڌاءِ.“ فرحان قصي کي ساڳي هنڌ کان شروع ڪندي چيو. ”ريلوي لائنون وڇائڻ واري ڪم ۾ مشرقي ملڪن مان آيل چيني ماڻھن ۽ ليبر جو هٿ رهيو آھي. مگر ان ڪم ۾ جاپانين جو ڪيترو عمل دخل رهيو آھي ان جي مونکي ڪا پڪي پختي ڄاڻ ڪانهي. البته ڏيڍ ٻن سو سالن کان دنيا جي ايسٽ ويسٽ جي علائقن مان مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻھو ڪيناڊا ۾ اچي آباد ٿيا آھن“ مون چيو ”انجو مطلب. ڪيناڊا ۾ ڌارين جي آبادڪاري وارو عمل پراڻو آھي.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا اهو عمل اڄ به جاري آھي. ۽ ڪيناڊا دنيا جو اهو واحد ملڪ آھي جيڪو رفيوجيز کي پاڻ وٽ پناھ ۽ ڌارين کي هتي آبادڪاري ۾ سهولتون مهيا ڪندو آھي“ مون چيو ”ڀلا هاڻي چيري ڪلچر تي موٽي اچجي.“ فرحان چيو. ”چيري دنيا جي ٿڌن علاقن ۾ ٿيندي آھي. هتان جي زمين ۽ موسمون چيري ۽ ٻين بيريز لاءِ نهايت مناسب آھي. ايتري قدر جو هتي چيني ماڻھن اچي پنهنجا الڳ ٽائون ٺاهي ڇڏيا آھن جن ۾ انهن جو سمورو چيني ڪلچر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بابا ٿي سگهي ٿو ته انهن جي اصلوڪي ملڪ ۾ جيڪي ميوا. ڀاڄيون ۽ وڻڪار هوندي تنهن کي آھستي آھستي هنن هتي ڪيناڊا ۾ آندو هجي ۽ ان سان گڏ چيري ڪلچر به هتي آيو هجي“ مون چيو ”ممڪن آھي.“ فرحان کي مون ياد ڏياريندي چيو. ”ڀلا سڀاڻي اهو هاءِ پارڪ وارو چيري بلاسم فيسٽيويل ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو.“ هن وراڻيو. ”جي بابا صبح ٿي انشاءَ اللہ ضرور هلنداسي“
ٻئي ڏينهن صبح جو يارهين لڳي اسان اڃا نيرن پاڻي ڪري چيري فيسٽيويل ۾ وڃڻ جون تياريون وٺي رهيا هئاسين ته نواز عالم جي فون آئي ۽ چوڻ لڳو. ”هتي هاءِ پارڪ ۾ پير رکڻ جي جاءِ ڪانهي بچي پارڪ جي اردگرد جي سمورن علائقن جي روڊن رستن تي گاڏيون ئي گاڏيون بيٺيون آھن. ميلن تائين ڪار پارڪنگ جو ملڻ مشڪل آھي“ فرحان مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”بابا هاڻي ڇا ڪجي“ مون چيو ”وري ڇا ٿيو.“ فرحان چوڻ لڳو. نواز عالم چوي ٿو. هاءِ پارڪ واري علائقي ۾ پارڪنگ بلڪل ڪانهي. ماڻھو صبح جو سوير اچي هاءِ پارڪ ۾ ڪٺا ٿيا آھن. اسان جي اتي هڪ بجي به پڄئون ته پارڪ کان ڏيڍ ٻه ميل پري مشڪل سان ڪا گاڏي بيهارڻ جي جاءِ ملندي ۽ اتان پارڪ ۾ پهچڻ لاءِ پنڌ وڃڻو پوندو.“
چيري بلاسم جا خوبصورت رنگ ڏسڻ لاءِ اسان ٻئي ڏينهن شام جو چئي بجي ڌاران هاءِ پارڪ وياسين. ٻئي ڏينهن به چيري جي گلن کي ڏسڻ لاءِ پارڪ ۾ ماڻھن جا هشام لڳا پيا هئا. چيري فروٽ جي باري ۾ منهنجو خيال هو ته اهو ڪنهن ول يا ڪن ٻوٽن ۾ ٿيندو هوندو. پر هاءِ پارڪ ۾ چيريءَ جا وڏا وڻ ڏسي منهنجي حيرت جي حد نه رهي. پارڪ ۾ چئني پاسي ميلي جا رنگ لڳا پيا هئا جنهن ۾ هر رنگ ۽ نسل جي گروپ جا ماڻھو پارڪ جي خوبصورت ٻارن ۾ پنهنجن ٻارن سان کيل ۽ مشڪرين ۾ مصروف هئا. هاءِ پارڪ ۾ پبلڪ جي وڏي تعداد ۾ ڪٺي ٿيڻ ڪري پارڪ جي سمورن رستن تي روايتي قسم جي گهوڙن تي چڙھي گهمڻ وارن يونيفارم ۾ ملبوس عورتن ۽ مردن تي مشتمل گارڊس جي سڪيورٽي لڳائي وئي هئي. هاءِ پارڪ ميلن ۾ پکڙيل هو ۽ ان جي سائي ڇٻر تي بيشمار چيري جي وڻن جا سلسلا هڪ خوبصورت ڍنڍ تائين پئي پکڙيل نظر آيا. ٻٽي فرلانگ پنڌ ڪري اسان به پارڪ جي خوبصورت جهيل تائين وياسين. جهيل ۾ ڳاڙهي چنهنب وارين ڪارڙين بدڪن جا خوبصورت ولر هيڏي هوڏي چڳندي ڦرندي پئي نظر آيا جنهن کي ڏسي ٻار ڏاڍو گد گد پئي ٿيا. پارڪ ۾ ڍنڍ پري پري تائين پکڙيل هئي جنهن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي لڳل وڻن ۾ چيري بلاسم جا گلابي ۽ اڇي رنگ جا گل نهايت حسين نظارو پيش ڪري رهيا هئا. اهڙا دل لڀائيندڙ قدرتي منظر ڏسي منهنجي ته دل باغ بهار ٿي پئي.
هاءِ پارڪ جي ڍنڍ جي ڪنارن تي قدرتي طور ڦٽل ٽيولپ جي سر سبز ٻوٽن ۾ ڳاڙھي، نارنگي ۽ هيڊي رنگ جا گل پنهنجا ڳاٽ مٿي ڪيو ماڻھن کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ لاءِ هرکائي رهيا هئا. هن باغ جي خاص خاص حصن جي ٽواٽن ۽ چونڪن تي قومي اهميت جي جوڌن جا پتلا پڻ نصب ٿيل هئا. پارڪ جي ڪيترين جاين تي وڏا ٿنڀا کڙا ڪري انهن ۾ پکين جا جڙتو آکيرا ٺاهيل هئا. ان مقصد لاءِ ته جيئن پکي پکيرو ان ۾ آرامي به رهن. ٻچا به ڏين ۽ پنهنجي خوبصورت وجود سان باغ جو ايڪو ۽ رونق به وڌائي سگهن.
هاءِ پارڪ واري ڍنڍ جي آخري چيڙ ي تي ريل گاڏي جو بند هو جتان ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ريل گاڏيون سيٽيون وڄائيندي پئي گذريون. پارڪ جي انهي پاسي خوبصورت پکين ۽ جانورن جو چڙيا گهر هو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻھو پنهنجي ٻارن کي وٺي اوڏانهن ٿي ويا. باغ جي چڙيا گهر تائين پهچڻ لاءِ ڇٽل سروس به هئي ۽ ٽن دٻن تي مشتمل بيٽرين تي هلندڙ ننڍيون ريل گاڏيون پڻ باغ جي رستن تي ماڻھن ۽ انهن جي ٻارن کي تفريح ڪرائيندي پئي نظر آيون ۽ اهڙي دلچسپ سفر ۾ سڀ کان وڌيڪ تفريح ٻارن کي پئي ملي.
شام لڙي هاءِ پارڪ جون سموريون رونقون ۽ تفريحي هنڌ ڏسي جڏهن ٻار ٿڪجي پيا تڏهن گريٽ ٽورنٽو جي هن حسين هاءِ پارڪ تان اسان موٽي پنهنجي وٿاڻ تي ورياسين.
**