ڪورونا جا قهر
دنيا ۾ ڪووڊ وائرس جي پکڙجڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارڻ ٽريولنگ کي سمجهيو پئي ويو. مگر شروعات ۾ اڃا دنيا ڀر ۾ ٽريولنگ تي پابنديون ڪونه لڳيون هيون. جڏهن اهي خبرون عام ٿيڻ لڳيون ته جيڪڏهن دنيا جي ملڪن سفري پابنديون نه هيون ته ڪووڊ وائرس جلدي ئي دنيا ۾ پکڙجي ويندو. ڪيناڊا پنهنجي ملڪ کي ان موذي وبا کان محفوظ رکڻ لاءِ ملڪ ۾ امرجنسي جو نفاذ ڪيو. تنهن بعد امريڪا سان لڳندڙ پنهنجي ملڪ جي سرحدن کي سيل ڪري ڇڏيو. فوري طور ٻيو قدم جسٽن ٽروڊو جي حڪومت اهو کنيو جو هن پنهنجا هوائي اڏا جهازن جي اڏام لاءِ بند ڪري ڇڏيا.
موذي وبا ڪووڊ جي پکڙجندڙ ڏينهن ۾ ميڊيا ذريعي انساني اموات جون ڪئين دردناڪ ڪهاڻيون رقم ٿي رهيون هيون. انهن ڪهاڻين مان انڊونيشيا جي هڪ سول اسپتال جي نوجوان ڊاڪٽر علي جي خبر سوشل ميڊيا تي آئي جنهن مونکي هڪ وڏي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر علي جي دردناڪ ڪهاڻي سوشل ميڊيا ذريعي ان جي گهر جي تصويرن سميت ڏني وئي هئي. ڊاڪٽر علي ٻن هفتن کان لڳاتار پنهنجي اسپتال ۾ ڪووڊ جي مريضن جون زندگيون بچائڻ ۾ مصروف هو ته قضا الاھي جي هو پاڻ به ڪووڊ وائرس جو شڪار ٿي ويو. جڏهن کيس محسوس ٿيو ته هو هاڻي موذي وائرس جي ور چڙھي ويو آھي ۽ هاڻي ڪنهن پر سندس بچڻ مشڪل آھي. ته هن جي دل ۾ هي خواهش جاڳي ته پنهنجي زندگي ۾ آخري ڀيرو پنهنجي پير ڳوري گهر واري ۽ ٻارن کي ڏسي اچي. هو هڪ مڪمل ذميوار ڊاڪٽر هوندي به ائيسوليشن جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙيندي مڪمل سرجيڪل ايس. او. پيز جي حالت ۾ پنهنجي گاڏي تي اسپتال کان نڪري پنهنجي گهر جي چائٺ تي وڃي بيٺو. ڪنبدڙ هٿن سان هن گهر جي ڪال بيل تي هٿ رکيو. جهٽ پلڪ ۾ سندس ڳوهراري گهر واري ۽ ٻار دروازو کولي هن جي سامهون اچي بيٺا. مگر هن سڀني کي پاڻ کان پري رهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پنهنجي چھري تي مسڪان آڻيندي ڪو پهر حسرت ڀري نگاهن سان پنهنجي ٻچڙن ۽ گهرواريءَ کي تڪيندو رهيو. جڏهن سندس من ڪامنا پوري ٿي تڏهن هن هٿ لوڏيندي گهر واري ۽ ٻارن کي الوداع ڪيو. انهن درد ڀريل لمحات جو اندازو ڊاڪٽر علي کان سواءِ دنيا جو ڪو ٻيو انسان محسوس نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر علي اسپتال ۾ واپس وري ائيسوليشن ۾ هليو ويو جتي هن پنهنجي جان پنهنجي رب جي حوالي ڪئي ۽ جام شھادت نوش ڪيو.
**