سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ليکڪ پاران: ڊيسڪ گالف ڪلب

هن ڀيري آئون ڪيناڊا جي سير سفر تي ويس ته چند ڏينهن گهر ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي ڪهاڻيڪاري واري ڪرت کي هٿ ڳنڍيا. اسان جي گهر جي اڳيان گالف ڪلب ۽ ڪريڪ سائڊ پارڪ جا سر سبز، شاداب ۽ ڪشاده ميدان هئا، جن جي ڇيڙن جي چوڌاري پائن ۽ ميپل جا بيشمار وڻ هئا. گالف ڪلب جي هڪ پاسي ڊرگهن ۽ گهاٽن وڻن جي ڇانوري ۾ ٽيهارو فٽ کن هيٺ ٿڌي پاڻي جو واهڙ وهي رهيو هو. هن هنڌ جي سانتيڪي ماحول ۾ پاڻي جي وهڻ جو مڌر آواز منهنجي سماعت ۾ ايندو هو. جيڪو مونکي بي حد مسحورڪن لڳندو هو. گالف ڪلب جي ڇٻراٽي آڳر ۾ هڪ ميپل جو وڻ هو، جيڪو قدرتي طور پنهنجي بنياد کان ئي ٽي ڇاڱو هو. زمين جي سطح کان ٽن فٽن تي ان جي وچ ۾ ڏيڍ فٽ کن خالي جاءِ هئي. ان خالي جاءِ ۾ مان پاڻ سان آنندل پاڻي جون بوتلون رکي ڇڏيندو هوس. لکڻ پڙهڻ کان واندو ٿي جڏهن گهر موٽندو هوس تڏهن ميپل جي زمين تي ورندڙ لامن مان هيرڻ جي پنن جي مشابهه پن پٽي بوتلن جي مٿان رکي ڇڏيندو هوس ته اهو ٻئي ڏينهن به ريفريجريٽر ۾ رکيل پاڻي جهڙو ٿڌو رهندو هو. هتان جي پر سڪون فطري ماحول کي نهايت موزون ڄاڻندي مون پنهنجي سر هن جاءِ جو نالو ڊيسڪ گالف ڪلب رکيو. لکڻ پڙهڻ جي لحاظ کان هي هنڌ مونکي ڏاڍو ڦريو. هتان جي خوبصورت ۽ فطري ماحول ۾ ويهي لاڳيتو مون پنهنجي سفر نامي؛ ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ تقريبن سموريون آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون لکيون.
ڪيناڊا جي ياترا دوران مونکي جڏهن به لکڻ جو ڪو سهنج مليو آهي، تڏهن مون پنهنجي مطالعي موجب هتان جي تاريخ جي پاسن، هتان جي جاگرافيڪل ۽ ڊيموگرافيڪل حالتن، هتان جي خوبصورت ڍنڍن ۽ وهڪرن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن دفعي آئون رڳو ڇهن مهينن جي لاءِ ڪيناڊا گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيو هوس. جنهن موسم ۾ مان هتي پڳو هوس، تنهن موسم ۾ هتان جي سر سبز باغن، ڍنڍن، ڍورن، ننڍن وڏن قدرتي وهڪرن ۽ واهڙن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي قسمين قسمين جا انيڪ رنگ برنگي گل ڦٽي نڪتا هئا. جيڪي پنهنجي جوڀن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري فطرت پرستن کي پاڻ ڏانهن هرکائي رهيا هئا. اهڙي پياري موسم ۾ ڪيناڊا جي نهايت حسين ڍنڍن جن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايل آهي. تن ۾ ڏکڻ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي معتدل فضائن مان هتان جا پرڏيهه ويل مسافر پکيئڙا پنهنجي وٿاڻن تي موٽي آيا هئا. هتان جي دل لڀائيندڙ اهڙي موسم ۽ اهڙي ماحول ۾ هتان جا سکيا ستابا خوش لباس ماڻهو شام جي سهڻي ۽ سهاني پهر ۾ مسحورڪن خوشبوئيات جا اسپري ڪري ٻهڪندا، مهڪندا اچي هتان جي ريسٽورانٽ، ڪلب ۽ ڪيسونو جون رونقون وڌائيندا آهن. ڪيناڊا ۾ رهندي هڪ قلمڪار کي زندگي جا اهڙا رنگ ۽ اهڙا نظارا نظر ايندا ته لامحال هن جو مڏو قلم به ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ تکو ٿي پوندو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مان ۽ منهنجو قلم به هتان جي بهار ۽ هتان جي اونهاري جي ست رنگي فطري ماحول ۽ هتان جي خوشحال معاشرتي ۽ ثقافتي رنگن جو شڪار ٿيندو آهي.
ڏيساور جي وڻ وڻڪار ۾ وڃي، اتان جي سماجي ثقافتي ماحول کي ڏسندي ۽ ويچاريندي جڏهن به مونکي لکڻ جو موقعو نصيب ٿيو آهي، تڏهن مون پنهنجي قلم کي جهيڻو ٿيڻ ناهي ڏنو. منهنجي اهڙي مشغلي تحت ڳالهين ۽ ڪهاڻين جي روپ ۾ جيڪا ادبي اپتڪاري ٿيندي رهي. تنهن کي مان پنهنجي فيملي ميمبرن، ادبي حلقي جي احبابن ۽ دوستن سان شيئر ڪندو رهندو هوس. ان ڏس ۾ فيس بڪ تي جيڪا دل کي اتساهيندڙ موٽ ملندي هئي، اها نه رڳو منهنجي لکڻ وارن جذبن کي اڀاريندي هئي پر ان سان منهنجا حوصلا کير ٿر جبل جي چوٽين کي ڇهڻ لڳندا هئا.
هن وقت هي ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“، جيڪو اوهان جي مطالعي هيٺ آهي، تنهن جو مهاڳ سنڌ جي معروف صحافي، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس محترم ذوالفقار علي شيخ پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي تحرير ڪيو آهي.
مان ٿورا وساري نٿو سگهان ڊاڪٽر فرحان رسول سومري جا جنهن هن ڪتاب جي سنڌي ۽ اردو تحرير ٿيل مواد کي منهنجي فيس بڪ وال تان پرنٽر ذريعي ڪڍي ٺاهي جوڙي ڏنو. هن ڪتاب جو ڪجهه حصو اردو ۾ لکيل ڪهاڻين جي روپ ۾ هو، جيڪو آئون ڪيناڊا ۾ مقيم پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ احباب ۽ فيس بڪ جي ”اپنا گروپ“ جي دوستن سان شيئر ڪندو هوس، تنهن سموري مواد کي مون سنڌي ۾ الٿو ڪري پنهنجي فيس بڪ وال تي رکيو.
ان ڏس ۾ جس هجي منهنجي پياري پٽ عمير رسول سومري کي جنهن ان مواد کي پرنٽر ذريعي ڪڍي مونکي ٺاهي جوڙي ڏنو. جنهن سبب منهنجي لاءِ اهو ڪم سهنجو ٿي پيو ته مان ڪتاب جي ڪٺي ڪيل سموري مواد کي پنهنجي پبلشر جي حوالي ڪري سگهان، مهربانيون ”مرڪ پبليڪيشن“ جي سرپرست محترم مرتضيٰ لغاريءَ جون جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪور تي خاص توجهه ڏئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جي خوبصورت ڇپائي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهچايو.


ڊاڪٽر غلام رسول سومرو