هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار
مان دنيا جي ٻي ڪنڊ ڪيناڊا جي پڪرنگ وادي جي سرسبز گالف ڪلب جي وڏي وڻراءِ ۽ گهاٽن ٻيلن جي سندر باغن جي ساوڪ ڀري زمين تي ستو پيو آھيان. اڀ ۾ منهنجون ديدون نيري آسمان ۾ ڏور اونهاين ۾ ترورن جو پيڇو ڪري رهيون آھن. فضا ۾ پوپٽن جو پرواز. ڀنڀورين جا لامارا ۽ پاسي جي وڻن مان بلبل جهڙيون حرڪتون ۽ لاتيون لوندڙ پکين جون مٺڙيون ٻوليون. هيمنگ برڊ جي بانسري جهڙي ٽون جا مٺڙا آواز ۽ رابن پکين جا ڪٻرين سان مشابھ ٽريڪا ۽ هتان جي چيهن جي سريلي لات منهنجو ڌيان لاڙڪاڻي جي مانواري ماياناز اسڪول ٽيچر ۽ هند سنڌ جي فطرت نگار شاعر ڪشنچند بيوس ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ منهنجي خيال جو پرواز مونکي سڌو علي گوهر آباد جي ملان مسلم پرائمري اسڪول جي بينچن تي وٺي آيو جتي مون پنهنجي ساٿي شاگردن کي نظم جون اهي سٽون دهرائيندي ٻڌو..... هل ته ڀنڀوري ڀڙون بزار. اوچتو منهنجو ڪنڌ نرم ۽ ريشمي گاه سان لڳو. محسوس ڪيم ڇٻر تي پيل راتوڪي ماڪ ڦڙن مٽي ۾ ملي روح کي واسيندڙ سڳنڌ پيدا ڪيو آهي جيڪو دماغ کان ٿيندو دل جي گهراين ۾ هليو ويو آھي جنهن سنڌ جي مٽي ماءُ ۽ علي گوهر آباد لاڙڪاڻي وارا اهي ڏينهن ياد ڏياري ڇڏيا جيڪي ٻاروتڻ کان ذھن تي چٽيل ۽ اسٽور ٿيل آھن. ڌرتي توڙي هتان جي مٽي. هتان جي وڻن. گاھ ٻوٽن. زمين تي وڇايل ڇٻر. آڪاش تان ڪريل ماڪ ڦڙن جو مٽي ۾ ملياميٽ ٿي جسم کي دوام بخشيندڙ سڳنڌ جتي ڪٿي هڪ جهڙو آھي.
او سنڌ امان، هي سموري ڌرتي، هي سمورو جهان تو جهڙو آھي جنهن تي مان بيوس ٿي تاجل سنڌ جي ٻالڪ جيان چوڻ لاءِ مجبور آهيان سنڌ منهنجي امان. سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان. هڪ قلم هڪڙو مان. ڪيئن پورو پوان. هي جهان. هو جهان. هو جهان هي جهان. او سنڌ منهنجي امان.
**