سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

اڪيلائي جي گسن جا مسافر

پڪرنگ وادي جي هن واتا ورڻ ۾ اڻ ڳڻيون خوبيون موجود آهن. آب و هوا ۾ توڙي فضا ۾ منفي سيڪڙو گدلاڻ آهي. نظرن کان ڪوه پري به وڻ ٽڻ ۽ شيون صاف پيون نظر اچن ٿيون. پاڪ صاف هوا ۾ صاف آڪسيجن جو تناسب ججهو ٿئي ٿو تنهنڪري جيڪو ساه کڻجي ٿو سو ڦڦڙن ۽ دل دماغ کي فرحت بخشي ٿو. پوري ملڪ جو پاڻي ڪيناڊا جي وڏين ڍنڍن ذريعي صفائي جي پلانٽن مان گذري گهرن ۾ اچي ٿو جنهن کي اسين بنا فلٽر مان گذاريندي براه راست نڪلن مان پيئون ٿا ۽ رڌ پچاءَ جي استعمال هيٺ آڻيون ٿا.
هتي ڇهه مهينا برف پوي ٿي ۽ سانوڻ ۾ گهاٽن ٻيلن جي هجڻ ڪري مسلسل موسم مينهوڳي واري رهي ٿي. جنهن ڪري سڄو ملڪ سائو لڳو پيو آهي. روزگار جي وسيلن جي موجودگي ڪري ۽ ويزا پاليسي بهتر هجڻ ڪري برطانوي ۽ فرينچ نسلن جي گاڏڙ حڪمراني هيٺ هلندڙ هن ملڪ ۾ تقريبن دنيا جي هر نسل ۽ رنگ جا ماڻهو رهن ٿا. منهنجي نظر ۾ ڪيناڊا دنيا ڀر جي انساني نسلن جو هڪ خوبصورت گلدستو ٿي پيو آهي. صبح جو جڏهن آئون پنهنجي نيم موجب باغ ۾ واڪ ڪرڻ ايندو آهيان ته گالف گرائونڊ تي رانديگرن جي ڀيڙ ڏسي زندگي کي جاڳندو ڏسي لطف ايندو آهي. رواجن گهڻن ماڻهن سان هيلو هاءِ ٿيندي آهي. اتان لنگهي جڏهن مان ڪريڪ سائيڊ پارڪ ۽ ساڪر گرائونڊ جي سائڊ واڪس تي ايندو آهيان ته مختلف قسم جي عجيب ۽ غريب قد ڪاٺ رنگ ۽ شڪلين جي ڪتن ۽ انهن جي مالڪياڻين ۽ مالڪن جون صورتون ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن. مغرب ۾ ماڻهن جي ضروري ۽ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ عادت ڪتو پالڻ آهي. هر نسل جو ڪينيڊين باشندو ڪتو پالي ٿو پر گوري نسل جي ماڻهن کي ڪتي سان خاص الخاص عشق آهي. اصلي ڪينيڊين جي گهر ۾ ڪتي کي گهر جو ڀاتي واري حيثيت حاصل آهي. هتان جي ثقافت موجب ڪتو ماڻهو جو يار، سنگي، ساٿي، اولاد ۽ هيرو- کيرو سڀ ڪجهه آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون محسوس ڪيو آهي ته پنهنجي ڄائي اولاد کان وڌيڪ هو ڪتي کي پنهنجو ساٿي ۽ دوست سمجهن ٿا. هتي ڪتي کي رڳو ووٽ ڏيڻ جو حق ڪونهي باقي ٻيا سڀ حق ان کي حاصل آهن. گرائونڊ ۾ مالڪن سان ڪتن جي محبت ۽ لڳاءَ کي ڏسي مان اهو اندازو لڳائيندو آهيان ته ڪتو انسان سان نه رڳو بي انتها پيار ڪري ٿو پر هو پنهنجي مالڪ جو هڪ بهترين وفادار ساٿي پڻ آهي.
روزانو صبح ۽ شام جا مالڪ ڪتن کي گهران ڪڍي باغن ۾ گهمائڻ اچن ٿا ته جيئن هو پنهنجي جسم کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ڀڃ ڊڪ واريون ڪثرتون ۽ پوٽي پيشاب ڪري فراغت حاصل ڪن. ڇاڪاڻ ته هتي گهرو پاليل ڪتا پنهنجي رهڻ واري جاءِ تي يا گهر ۾ ڪنهن قسم جو گند ناهن ڪندا. اهي هنن جون خصلتون ۽ عادتون هونديون آهن. هو پنهنجي گهر ڀاتين جي نيمن يا قائدن جي خلاف پنهنجي مرضي گهٽ ڪندا آهن. گهرن ۾ ڪتا ڊرائنگ روم ۽ مالڪن جي بيڊ بسترن تي ويهن ۽ سمهن ٿا. اوهان کي حيرت ٿيندي ته ڪيترا ڪتن جا مالڪ نئين توڻي پراڻي نسل سان تعلق رکندڙ پنهنجي دوست پالتو ڪتن کي پنهنجي هنڌ ۾ پاڻ سان گڏ سمهارن ٿا. هڪ لحاظ کان اها ڪتن جي خوش نصيبي ضرور ليکبي پر اها انهن مالڪن جي پڻ خوش نصيبي ليکي وڃي ٿي.
هتي جڏهن پنهنجو ڄائو اولاد جواني ماڻڻ جي لائق ٿيندو آهي اهو ڪنهن ڀاڱي پنهنجي وڏن کان ڪنارا ڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جا گس پنهنجي مرضي مطابق وٺندو آهي. هتان جي سيڪيولر ۽ ترقي يافته معاشري جي سماجي مسئلن مان اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. هڪ رخ به آهي ۽ هڪ الميو به آهي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته اهو هڪ سماجي ۽ معاشرتي ٽرينڊ آهي. مغربي زندگي جو هڪ ڌارو آهي.
مغربي معاشرو ڪتن جي وفاداري ۽ پيار جو وڏو قدردان ان ڪري ٿيو آهي جو هو پاڻ پنهنجي وڏن يعني پي ماءَ جا اهڙا قدردان ناهن جيئن مشرق جا ماڻهون آهن. هتي مشرق و مغربي سماجن جي روين جي ڀيٽ ڪرڻ اسان جو موضوع ناهي. تنهن هوندي به هتان جي سماج جي روين تي ٻي اکر لکڻ لاءِ دل چوي ٿي.
ڪتن جي پالنا واري عادت هتان جي معاشري جي ڪا نئين عادت ناهي پر نشاط ثانيا کان پوءِ جڏهن هتان جي انسان ترقي جي منزلن کي ماديت جي تکي گهوڙي تي سوار ٿي تکيون ڊوڙون ڀري طئي ڪيو آهي اهو هڪ لحاظ کان ان ڊوڙ جو نتيجو آهي. مادي ترقي ڪندي، پهريون هتان جي سماج پنهنجي پراڻن خانداني رشتن وارن ٻنڌڻن کان آزادي حاصل ڪئي آهي. وري مغرب سرمائيداري نظام جي غلبي هيٺ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، تنهن هتان جي معاشي-سماجي ۽ اقتصادي روين ۾ وڏيون ڦيريون گهيريون آنديون.
مادي زندگي جي فلسفي جو بنياد ڇاڪاڻ ته رڳو مادي فڪر جي مادي قدرن ڏانهن انساني سماجن جو رخ موڙي پيو. تنهن ڪري جيترو گمڀيرتا ۽ سنجيدگي سان مغرب جو سماج ماديت جي فائدن ۽ اصولن جي پوئلگي ڪندي اڳتي ترقي جون منزلون لتاڙيندو ويو اوترو پنهنجي سماجي قدرن کان پري ٿيندو ويو. نشاط ثانيا کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ ڪارپوريٽ ازم گهڻ ناڻي ڪمائڻ ۽ ان سرمائي سان بينڪن جون واڳوئن جي وات جيڏيون ٽجوڙيون ڀرجڻ ڪري عام ماڻهن جي گهرن جون ٽجوڙيون خالي ٿيڻ لڳيون.
سرمائيداري نظام جو اهو هڪ چقمقي متو رهيو آهي ته وڏي مڇي ننڍي مڇي کي ڳڙڪائي ويندي آهي. وڏو اصول ته پيسو پيسي کي ڇڪيندو آهي. هن سماج ۾ ته ٺهيو پر جتي جتي مغرب جو سرمائيداري نظام پهتو اتي جي ماڻهن جي گهرن ۾ رکيل ٽجوڙين جون رقمون گهرن مان نڪري بينڪاري نظام جي ڪرنگهي کي مضبوط ڪنديون رهيون. سرمائيداري نظام جي ڇانوري هيٺ هلندڙ بينڪاري نظام جا وڏن وڏن بنڪرن جيڏا وات کلي پيا. جن ۾ ذاتي لاڪرن جو ڌنڌو به شروع ٿي ويو. لاڪر سسٽم ته گهر جا زيور، املاڪن جا قانوني ملڪيتي دستاويز ۽ سڀ قيمتي شيون سماج جي سرندي وارن جي گهرن مان ڪڍي بينڪن ۾ آڻي ڪڍيا.
مذڪوره سماجي ۽ اقتصادي تبديلين جي ڪري نون سماجي لاڙن جنم ورتو. سرمائي جي هوس وڏي طبقاتي نظام کي جنم ڏيندي انيڪ پراڻن سماجي قدرن کي پامال ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ مغرب ۾ بادشاهتون. سلطنتون ۽ خانداني نظام زمين تي اچي پيا.
سماجي روين ۽ قدرن جي ڦيري سبب انساني مزاج ماديت جي تابع ٿي ويو. ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ ان کي جمع ڪري ان مان ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ ان مان پنهنجي حيات جون خوشيون تلاش ڪرڻ جو سفر طئي ڪرڻ دوران انسان پنهنجي عادتن مزاج ۽ فطرت کي ورڪو هالڪو ڪري ڇڏيو يعني هن ڪمائي جي پٺيان پاڻ کي رات ڏينهن رجهائي ڇڏيو.
انسان جي ورڪو هالڪ ٿيڻ ڪري، هن جي سماجي زندگي جي اٿن ويهڻ ۽ فيملي لائف تي اگرا اثرات مرتب ٿيڻ لڳا. زال ٻارن ۽ پنهنجي ويجهن عزيزن ۽ دوستن کي گهٽ وقت ڏيڻ ڪري انسان سماجي ٻنڌڻن کان دور ٿيندو ويو. اهڙن روين ڪري انسان پاڻ کي اڪيلو ڪندي ڪندي تنهائي وارن دڳن جو مسافر ٿيندو ويو. سرمائيداري نظام جي ترقي يافته جهتن مان ڪارپوريٽ ازم هڪ نئين جهت جي صورت ۾ منهن ڪڍيو آهي. جنهن سماجي زندگي کي پهريان کان وڌيڪ نيون شڪليون ڏنيون آهن. جن انسان جي حياتي کي نون ڪالبن ۽ پنجوڙن ۾ قيد ڪرڻ شروع ڪيو آهي هاڻي انسان رب رب ڪردي اي جي جاءِ تي ڏوڪڙ ڏوڪڙ ڪردي اي ڪندو وتي ٿو.
هن فلسفي هيٺ دنيا جي ملڪن جا گهڻا ماڻهو گهڻي ناڻي ۽ پنهنجي مرضي مطابق عيش ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجن وڏڙن کي الوداع چئي، جي ايٽ ملڪن ۽ مشرق وسطا جي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ڏانهن پئسو ڪمائڻ وڃن ٿا. ۽ مغربي سماج وارن روين تي هلي پنهنجي خانداني نظام کي متاثر ڪن ٿا. ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ هاڻي مشرقي سماج جي رهاڪن کي به ائين ڪتا ڌارڻا پوندا جيئن هتان جا گوري نسل جا ماڻهون سرمائيداري نظام جي پوئلڳي ڪندي پنهنجي سماجي خاندان واري نظام جي منڊپ کي ڪيرائي هڪ جوڙي تي مشتمل خاندان واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهن.
سرمائيداري نظام ۽ سيڪيولر سوچ گڏجي سماجي نظام ۽ انساني قدرن کي اڃا به وڌيڪ هاڃو پهچايو آهي. جنهن هيٺ مغرب جنس مخالف جي بنا سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي زال مڙس وانگر گڏجي هڪ هنڌ تي سمهي زندگي گذارڻ وارن روين جنم وٺي مغرب جي رهي کهي خانداني نظام کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. هنن نون ٻنڌڻن جي ڪري هاڻي گهر ۾ هڪ ڪتي جي جاءِ تي کين ٻه ٻه ڪتا ڌارڻا پون ٿا. گرل فرينڊ جو ڪتو هڪ نسل جو ته وري بواءِ فرينڊ جو ڪتو ٻئي نسل جو. نسلن جي ايڏي تقسيم اڳتي هلي ڪهڙا گل کلائيندي ان جي اندازي لڳائڻ جي لاءِ مستقبل جو منتظر رهڻو پئبو.
آئون ايورٽون ٽائون شپ جي گيريزن ڪراسنگ روڊ تي رهان ٿو. هتي ويهن ويهن گهرن جي سلسلي جون ڪيئن قطارون آهن سواءِ ٿورن ديسي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪنهن جوڙي جا والدين رهن ٿا.
گوري نسل جي خانداني نظام جا نشان ته ڳولهيا ڀي نٿا لڀن بس اٽي ۾ لوڻ جي برابر مس نظر اچن ٿا. ٻه ٽي ڪراڙا ڏسندو آهيان جي صبح و شام ڪتن کي پو ڪرائڻ باغ ۾ وٺي ايندا آهن انهن سان شايد ڪتا ئي رهن ٿا ڀائنجي ٿو ته اولاد انهن کي به ڇڏي وڃي پنهنجا گهر وسايا آهن. اسان جي کاٻي ساڄي گهر ۾ رڳو جوان زال مڙس رهن ٿا. کاٻي کان اڻويهن گهرن تائين رڳو زال مڙس تي مشتمل جوڙا رهن ٿا. آخري گهر خيرن سان ديسي ڪراچي جي ماڻهن جو آهي جيڪي پنهنجن ٻچڙن سان رهندي خوشيون ماڻن ٿا.
وري سامهون واري لائن جي ويهن گهرن ۾ چار گهر ديسي ماڻهن جا آهن جن مان هڪ ۾ افغانستان جي فيملي ٻارن سان رهي ٿي ۽ هڪ ۾ ڪراچي جي فيملي هڪ ڀارتي ۽ هڪ چيني فيمليون اولاد سان گڏ مقيم آهن ۽ ٻن گهرن ۾ رڳو گورن جون فيمليون هڪ ٻه ٻار سان گڏ رهن ٿيون. چاليهن گهرن مان ڏهن ۾ ٻچڙيوال آهن باقي ٽيهن گهرن ۾ زال مڙس تي مشتمل هڪ هڪ خاندان آهي. انهن جي زال مڙس واري ٻنڌڻن کي جاچي ڏسبو ته ٻٽي سيڪڙو مس ڪليسائي قانون مطابق رشتي ۾ ٻڌل هوندا.
بنيادي طور ڪيناڊا گورن جو ملڪ آهي ڪي صوبا ۽ ڪي شهر اهڙا آهن جن ۾ گورن جي واضح اڪثريت آهي. ٿي سگهي ٿو ته اتي فيملي سسٽم جو ريشو ۽ انگ اکر مختلف هجن. مون کي صحيح اسٽيٽڪس ۽ ڊيٽا جو علم ناهي. پر پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته مغرب جي سيڪيولر سماجي نظام ۾ ڏوهه ثواب جي ڪاٿن جا معيار اسان جي مذهبي ڪاٿن کان مختلف آهن. بادشاهه جو حق بادشاهه کي ڏيو ۽ خدا جو حق خدا کي ڏيو.
عيسائيت جو اهو مقولو ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته چڱا ڪم ڪندي چندو ۽ خيرات خدا جي حوالي ڪيو ۽ سماجي زندگي پنهنجي مرضي سان بنا ڏوهه ثواب جي ڪاٿي سان جيو ۽ زماني جي قائدن ۽ قانونن مطابق وقت جي حڪومت ۽ حڪمران کي پنهنجي ڪمائي مان ٽيڪس ڏيو الا الا خير صلا. هتي روشن خيالي يعني ريڊيڪل ازم ۽ سيڪيولر ازم جي اصولن کي آڏو رکي ڪينڊين ماسواء عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي مسلمانن جي يا ٻين نسلن جي پنهنجي پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
وڌ ۾ وڌ عيسائي مذهبي ۽ انهن جا فرقا پنهنجن عقيدن موجب زندگي بسر ڪن ٿا. جن ۾ گهڻائي اهڙن جي ٿي ڏسجي جن جو متو مول آهي ته ڏوه پادري اڳيان قبوليو جنهن جي آڌار تي اوهان کي دنيا ۾ ئي ڪيل ڏوهن کان مڪتي ملي ويندي ۽ يسوع مسيح مصلوب ٿي خداوند کان توهان جا ڏوهه اڳ ۾ ئي معاف ڪرائي ويو آهي.
اهڙي گهرگهلي قسم جي تصور سيڪيولر ازم ۽ لادينيت کي وڏي هٿي ڏني آهي. جنهن انسان ۾ بي خوفي جو عنصر پيدا ڪيو آهي. جنهن جا اثرات انسان جي سماجي زندگي ۽ سماجي روين تي مرتب ٿين ٿا. ڏوهه ثواب جي حساب ڪتاب جو تصور گهرگهلو هجڻ ڪري. ماڻهو سيڪيولر ۽ لادين بڻجڻ ۾ دير نٿو ڪري.
اڄ مغربي معاشرو جن حدن کي ڇهي چڪو آهي تنهن هيٺ انسان جون سماجي حالتون ڇو نه ڪيتريون به بهتر هجن پر سماج جي خانداني نظام جيڪي نوان رخ ۽ نيون شڪليون اختيار ڪيون آهن تن کي ڏسي مان هڪ مسلمان جي حيثيت سان پنهنجا ڪن پڪڙي اهو ورد ڪرڻ تي مجبور آهيان ته الامان الامان.
**