فراق وطن جو قيدي
انيس ۽ منهنجي ياري ايتري قدر پڪي ٿي وئي جو همراه رات جو به پنهنجي ڪمري مان کسڪي منهنجي ڪمري ۾ اچي رات جو دير تائين ڪچھري ڪندو هو. دل کي وڻندڙ هن جي خوبصورت انداز بيان ۾ جيڪي ڪهاڻيون ۽ قصا هوندا هئا انهن جي شروعات تقسيم هندوستان ۽ پاڪستان واري سال کان شروع ٿيندي هئي. همراه پنهنجي زندگي ٻاروتڻ کان ئي وڏي جهد ۽ جهاد سان گذاري هئي. مگر ساڻس لڳل هڪ ٽريجڊي اها هئي جو هن جي پنجهتر سالن جا طويل درد ڀريا داستان هن عمر ۾ سو به دور ديش ڪيناڊي جي ملٽن ۽ هيملٽن وارن علاقن ۾ ٻڌڻ وارو سواءِ سندس گهر واري جي ڪو مشڪل ملندو هو. خوش قسمتي سان آئون سندس اباڻي شهر ڪراچي جو سو به آرام باغ ۽ رتن تلاء جو رهاڪو پاڙيسري ملي ويو هوس. تنهن ڪري هو مونکي انگور جي جن وانگر چنبڙي ويو.
هڪ رات انيس ماني کان پوءِ ڊائننگ روم کان ئي منهجي پويان هليو آيو. توڻي جو کڻي سمر سيزن هئي تڏهن به رات جو درجي حرارت ڪڏهن ڇھن ۽ ڪڏهن اٺن تي وڃي بيهندو هو. آئون هتان جي موسم کي اڃان سمجھڻ ۽ سهڻ جي لائق ڪو نه هوس تنهنڪري رات جو ٻٽي سوڙيون پائي سمهندو هوس مگر هي همراھ پينٽ ۽ ننڍين ٻانهن واري شرٽ پاتل آرام ڪرسي تي ٽنگون ٽيڙي ويهي پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي شروع ڪري ڏيندو هو. ان رات مونکي ٿڌ ايترو اچي ورتو جو مون سوڙ ۾ منهن لڪائي هن جي جنم ڪٿا پئي ٻڌم. مونسان مخاطب ٿيندي انيس چيو، ”ڀاءَ غلام رسول 1947ع جي ڊسمبر واري مهيني اسان راجستان جي سرحد کان ميرپور خاص آياسين تنهن کان چند ڏينهن پوء ڪراچي شفٽ ٿي سعيد منزل جي سامهون رتن تلاءَ واري علاقي ۾ اچي رهياسين، ”مون چيوماس“.... يار آرام باغ ۾ رهڻ دوران مون رتن تلاءَ ۽ سعيد منزل توڙي رام سوامي پاڙن جي گهٽي گهٽي گهمي ڏٺي آھي. ڪراچي جا اهي پراڻا علاقه منهنجي پسند جا آھن. ”انيس پنهنجي قصي کي چوريندي چيو.“ منهنجي پيء کي پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو اڳ 1942ع ۾ آرٿو ٽيڪنيشن جي جاء تي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوڪري ملي وئي هئي، ۽ ستت ئي کيس اسپتال جي سرونٽس ڪواٽرس ۾ رهائش به ملي. ”هن ڳالھ کي جاري رکندي چيو“ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ منهنجو وڏو ڀاءَ ۽ مان انهن ڏينهن پنهنجي تعليمي حاصل ڪرڻ جي مرحلن ۾ لڳي وياسين. ”اتي مون کيس روڪيندي چيو“ ان ڳالھ کي ڌيان ۾ رکجائن ته اڄ رات هڪ بجي ريڊيي تي طوفان جي اڳڪٿي ٿيل آھي. جي تنهنجو اهو قصو هڪ بجي پورو نه ٿيو ته پوءِ تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي نه سگهندين، ”منهنجي اها چتاوڻي ٻڌي همراه چيو“ .... چڱو ڀلا باقي وري سڀاڻي. مون کيس پارت ڪئي ته مھرباني ڪري دروازي جو اندران لاڪ پش بٽڻ دٻائي وڃي.
پڪنڪ کان مهينو کن پوءِ اسان انيس جي دعوت ئي هيملٽن جا وڻ وڃي کنياسي، سندس فيملي پنهنجي گهر ٻاهران خوبصورت سائي ڇٻر، ٽيولپ ۽ ٻين رنگ برنگي موسمي گلن سان سيگاريل لان ۾ اسانجي آجيان ڪئي. منجهند جي ماني کائي هٿ ڌوئي جڏهن واندا ٿياسين ته گھر جي ڀاتين جي ڀري محفل مان انيس منهنجو هٿ جهلي پنهنجي خلوت خاني ۾ اهو چئي وٺي ويو. اچ ته مان توکي پنهنجي زندگي جو وڏو اثاثو ڏيکاريان. مان به ھن جي دلچسپ ڳالھين ٻڌڻ جو ڪجھ شيدائي ٿي پيو هوس تنهنڪري ساڻس گڏ هليو ويس. ڪرسي تي وهاري مون کي چوڻ لڳو ڪمري جو ٽيمپريچر تنهنجي لاءِ سوٽ ايبل آھي. مون چيومانس ٻاوين جي بدران چوويھ ڪريس، همراھ ڪمري جو ٽيمپريچر سيٽ ڪري ڀرسان ٽيبل تي رکيل هڪ وڏو زپ فولڊر کوليو ۽ ان مان هر سائز جا سرٽيفڪيٽ ۽ قيمتي دستاويز ڪڍندو منهنجي ڀرسان رکيل ٽيبل تي ويو سٿيندو، تهان پوءِ هڪ هڪ سرٽيفڪيٽ، انجو شعبو، ادارو ۽ ان جي اهميت ۽ قدر ويو بيان ڪندو، ڄام شورو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪيل سرٽيفڪيٽ، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪيل فزيو ٿريپي ٽيڪنيشن ۽ اليڪٽريشن جا سرٽيفڪيٽ، سعودي اريبيا مان فزيوراپي ۽ ٻين ڪارگذارين ۽ خدمتن جا رائل فيملي کان حاصل ڪيل ڪاٻارا، انهن تي لڳل نوٽ، صحيحون ۽ مهرون وڏي انهماڪ سان ويو مون کي چيڪ ڪرائيندو.
اهي فائيل سڀ ڏيکاري چيائين ”هاڻي مان توکي مردن جي کوپڙين کي کولڻ جو راز ٻڌائيان ٿو. مهرباني ڪري ڌيان سان ٻڌجو.“ هو هئو منهنجو ميزبان سو به ويجهو عزيز ۽ وري ڪراچي جو پاڙيسري، خير مون دل سان سندس ڳالھ پئي ٻڌي، ٽيبل تان فائيلن ۽ ڪاغذن کي پاسيرو ڪندي ساعت ڀر ساهي پٽيندي چوڻ لڳو.
”سومرا صاحب سعيد منزل ڪراچي ۾ جڏهن اسان اچي رهياسي تڏهن اسانجا گهرو ۽ معاشي حالالت ڪجهه ٺيڪ نه هئا. جيئن جو تيئن ڪري مون پرائيويٽ طور ريجسٽريشن ڪرائي پرنس اسٽريٽ وٽ ميٽرو پولس مسلم هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن آئون پنهنجي والد صاحب سان گڏجي سول اسپتال ويندو هوس. منهنجو والد صاحب مون کي هڪ اليڪٽريشن وٽ ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. اتان مون ڪجھ ڪم پرايو، مگر منهنجو والد جنهن شعبي جو انچارج هو ان شعبي جي سموري ڪم کي مان سمجهي ويس ۽ پنهنجي ذاتي دلچسپي جي ڪري ان ڪم جي رازن کان پڻ چڱي طرح واقف ٿي ويس.“ ٿوري ساهي کڻي وري چوڻ لڳو. ”ها هڪ ڳالھ وسري وئي.“ مون چيومانس ”ڪهڙي.“ وراڻيو ننڍي هوندي مان پاڙي جي گهٽين ۾ اجايو سجايو پيو رلندو وتندو هوس. اسانجي گهر کان ٻٽي گهر ڇڏي هڪ سنڌي گهراڻو رهندو هو. ان گهر جي ڪراڙي مائي جيئن ئي مونکي فالتو گهمندي ڏسندي هئي ته سڏ ڪري چوندي هئي .”او ڇوڪرا ڪاڏي ٿو وڃي هيڏي اچ،“ مان رڙھي وڃي ان مائي جي ڀر ۾ بيهي اردو ۾ چوندو ھوس. کيا هئي. هوءَ چوندي هئي ”ماريو الائي ڇا ٿو چوي.اچي هي اٺ آنا اٿي هن لوٽي ۾ چئي آني جو کير وٺي اچ ۽ چئي آني جا ٽوس.“ هن مون ڏي ڏسندي هلڪو مسڪرائيندي چيو. سامهون دودھ واري جو دڪان هو سو ان جي دڪان تي وڃي چيم ”ادهر کوئي کير کي دڪان هئي ڪيا“ ... دڪان وارو سنڌي هيو کير جي تئي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ها هي آھي نه کير.. بس ان ڏينهن مونکي سمجھ ۾ آيو ته ھتي دوده کي کير چئبو آھي. ٿورو رڪي چوڻ لڳو، ”مان اڪثر انهن سنڌين جي گهر ايندو ويندو رهندو هوس ۽ مان ان گهر جي ڀاتين کان ڪافي قدر سنڌي ڳالهائڻ سکي ويس،“ ٿوري ساهي ڀريندي ڏک ڀري لهجي ۾ وري چوڻ لڳو سال ٻن بعد قضا الاهي جي والد صاحب جي وفات ٿي وئي، پيءَ ۽ تنهن کان ستت ئي والده جي مرڻ کان پوءِ زندگي اڃا ڏکي ٿي پئي. وڏو ڀاءَ جنهن کي پنهنجا ٻار ٻچا به سنڀالڻا هئا تنهن مون کان وڌيڪ پنهنجن ٻچن تي توجه ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت منهنجي زندگي وئي ڏکي ٿيندي. ستت ئي پنهنجي زندگي جي اهڙن حالتن کان بيزار ٿي مان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪو نئون دڳ تلاش ڪرڻ ۾ رجهي ويس، مگر انهن حالتن دوران مان گهڻو وياڪل رهندو هوس، هاسپيٽل به روزانو ويندو هوس بابا سائين جا هڏ ڏوکي دوست منهنجو گهڻو خيال رکندا هئا.
هڪ ڏينهن پرائيويٽ روم جي پيشينٽ مونکي سڏ ڪري چيو. ”ڇوڪرا هن روم جي پکي جي اسپيڊ جو ڪجھ ڪر مونکي گرمي ٿي لڳي.“ مون سندس ڪمري ۾ وڃي پکي جي اسپيڊ تيز ڪري ڇڏي. جڏهن مان ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لڳس ته ان مريض چيو ٻن ٽن ڏينهن لاءِ منهنجو نوڪر پنهنجي ڳوٺ ٻچن جي سار لهڻ ويو آھي تون مونکي سٺو ڇوڪرو ٿو لڳين تنهنڪري هتي اچي منهنجو ٿورو گهڻو خيال رکندو ڪر.“ ٿوري ساهي کڻي وري انيس ڳالھ کي جاري رکندي چيو. ”سومرا صاحب توکي سچي ڳالھ ٿو ٻڌايائن ته منھنجي دل ۾ هن مريض لاءِ ايڏي خداترسي جاڳي جو آئون پنهنجي ڪمن مان به وقت ڪڍي ان مريض جي وڃي خدمت ڪندو هوس. هفتي کن کان پوءِ ڊسچارج ٿيڻ وقت هن ڀاڪر پائي مون کان موڪلايو ۽ ويندي ويندي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ منهنجي کيسي ۾ رکندي چيائين. مون وٽ دادو ضرور اچجائن. ائين چئي منهنجي هٿ ۾ سو جو نوٽ رکندي، هو پنهنجي اسٽڪ جي سهاري سان آھستي آھستي ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٽيڪسي ۾ ويهي رهيو. ڪمري مان رهيل کهيل سامان کڻي سندس نوڪر مونکي الوداع چيو ۽ اهو به وڃي ڊرائيور سان گڏ ويٺو. جهٽ پلڪ ۾ ٽيڪسي منهنجي اکين اڳيان غائب ٿي وئي. ”ٿڌو ساھ ڀريندي وري انيس منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو ”سومرا صاحب ان زماني ۾ اهو سئو رپيو منهنجي ٻن مهينن جي پگهار برابر هو.“
اسانجي گهرو حالات ۾ ڳچ وقت گذرڻ جي باوجود به ڪو سڌارو نه آيو. بس گهر گذاري لائق وڃي رهيو هو، ڀاءَ ۽ ڀاڄائي جو سمورو خيال پنهنجي اولاد جي پالنا ۽ تعليم ڏانهن هو، پنهنجي گهر ۾ ئي مان پاڻ کي ويڳاڻو ۽ بي سهارا سمجهندو هوس. تنهنڪري هڪ ڏينهن مون خيال ڪيو ته پنهنجو غم غلط ڪرڻ لاءِ ان سخي مرد مريض جي ڳوٺان دادو مان گهمي ڦري اچان.“ ساهي کڻي وري انيس پنهنجي قصي کي جاري رکيو. مون به مروت ۾ کيس چيو ”ڳالھ کٽندي يا اڃا هلندي.“
پنهنجي چھري تي مسڪان آڻيندي چوڻ لڳو. ”سومرا صاحب زندگيءَ جون ڳالهيون آھن زندگي جون اهي زندگي سان کٽنديون.“ مون چيومانس، ”ٻيلي انيس ائين نه ڪر يار اسانکي گهر به وڃڻو آھي. بس باقي ٿورو قصو آھي. ائين چئي هن پنهنجي ڳالھ شروع ڪري ڏني.“ سومرا صاحب مون ڪينٽ اسٽيشن کان دادو تائين ريل جي سفر جا خوب مزا ورتا. جڏهن ريل دادو اسٽيشن تي پهتي ته مان لهي وڃي چانھ جي اسٽال تي هڪ چانھ جو آرڊر ڪيو. چانھ جو ڪپ اڃا مون خالي مس ڪيو ته هڪ پوليس وارو اچي مونکان پڇڻ لڳو.... ”ڪير آھين.“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته مان هن ماڻھو سان ملڻ چاهيان ٿو. پوليس وارو مونکي پليٽ فارم جي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو هن ماڻھو ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم آھي.... پوليس واري کي مون ڪراچي سول اسپتال واري روئداد ٻڌائڻ شروع ڪئي. تيستائين هن منهنجي کيسن جي تلاشي وٺي منهنجا پئسا ڪڍي پنهنجي مٺ ۾ ڪيا. پوليس واري کي مون چيو تو منهنجا پئسا ڇو ڪڍيا آھن . وراڻيو چپ ڪر نه ته لاڪپ ۾ رکائيندوسائن. ”ڏکاري انداز ۾ انيس چيو“ مان هڪ غريب ۽ ماٺيڻي طبيعت جو ڇوڪرو هوس ۽ اهڙين حالتن کي ڏسي گهٻرائجي ويس . پوليس وارو مونکي هڪ بينچ تي ويهاري پاڻ اسٽال تي وڃي چانھ بسڪيٽ کائڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪرڙين اکين سان منهنجي مسلسل نگراني ڪندو رهيو.“
صبح جو ڇھين لڳي ڌاران لاڙڪاڻي کان ريل اچي پليٽ فارم تي بيٺي هن منهنجي کيسي ۾ ڏهين جو نوٽ وجهندي چيو وري هيڏي دادو جو منهن نه ڪجائن. سومرا صاحب صبح جا يارهين لڳي ريل ڄام شوري اسٽيش تي پهتي. جنهن پوليس واري جي حوالي مونکي ڪيو ويو هو ان چيو ڇوڪرا اٿي کڙو ٿي تنهنجي منزل بس ايستائين آھي. مان ان اسٽيشن تي لهي پيس. اسٽيشن جي آڳر ۾ نلڪو لڳو پيو هو جتان مون هٿ منهن ڌوئي ٻٽي ڍڪ پاڻي جا پي اوسي پاسي جو جائزو وٺڻ لڳس. سامهون ڳاڙھي ۽ پيلي رنگ جي ڪاليج نما عمارتن کي ڏسي مون هڪ راهگري کان معلوم ڪيم ته اها ڪهڙي عمارت آھي. راهگير ٻڌايو ته اهو لياقت ميڊيڪل ڪاليج آھي. مون به ھم نه ڪئي تم ڪاليج ڏانهن رخ رکيو. ”ساهي پٽيندي“ انيس ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيو.“ ڪاليج پهچي مون ڪينٽين مان ڪيڪ پيس ۽ چانهن سان پنهنجو پيٽ ڀري ڀرسان ويٺل شاگردن کان معلوم ڪيم ته پرنسپل آفيس ڪهڙي پاسي آھي. شاگردن مونکي پيرن کان مٿي تائين تڪيندي چيو ”پرنسپل ۾ تنهنجو وري ڪهڙو ڪم.“ مون کين چيو. ”مونکي نوڪري جي ضرورت آ.“ هڪ شاگرد چيو ”هتي وري توکي ڪهڙي نوڪري ملندي.“ مون کيس وراڻيو ”ڪوشش ڪرڻ ۽ قسمت آزمائڻ ۾ ڇاهي.“ هڪ شاگرد ٻئي کي چيو ڀائو وڃ وڃي پرنسپل سان ملاقات ڪرائيس. جيڪو شاگرد مونسان گڏ اڳڀرو ٿيو ان صلاح ڏيندي چيو ته نوڪري لاءِ تون پهريان سپرنٽينڊينٽ صاحب سان مل اهو شايد توکي ڪنهن جاءِ تي رکي. مون کيس وراڻيو بهتر تنهنجي مهرباني. ٿورو ساھ کڻي انيس چوڻ لڳو. سپرنٽنڊينٽ صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿي مون سامهون وڏي ٽيبل ڀرسان ڪرسي تي ويٺل آفيسر کي نماڻائپ سان سلام ڪيم. مونتي نگاھ وجهندي صاحب چيو ”ڪير آھين.“ مون چيومانس ”سائين نوڪري جو گهرجائو آھيان.“ اهو ٻڌي آفيسر چيو. ”تون هتي ڇا ڪندين“... چيومانس... ”سائيجن جيڪو ڪم چوندا اهو ڪندس.“ ”پڙھيل ڇا آھين“... ”ميٽرڪ پاس آھيان ۽ بجلي جو ڪم به ڄاڻان.“ آفيسر وراڻيو... ”ليبارٽري ۾ ڇنڊ ڦوڪ جي جاءِ آھي ڪم ڪندين.“ مون چيومانس ”جي سائين ڪندم.“
سپرنٽينڊينٽ صاحب جي مهرباني سان ٻن ڏينهن اندر مون کي زولاجيڪل ليب ۾ ٽيبلن ۽ ڪرسين جي صفائي جي ڪم تي لڳايو ويو.“ انيس جون ڳالهيون ٻڌي مون کي خوشي ٿي ته کيس نوڪري ملي ۽ هاڻي هو ضرور قصي کي جلد اختتام پذير ڪندو. مون ڪرسي تي پاسا ڦيرايندي ڪندي کيس چيو ”ڀلا هاڻي باقي ٻي چڪر ۾.“ هن وراڻيو .... ”اڃا اصل ڳالھ ته ھاڻي شروع ٿيندي.“ ٿورو رڪي چوڻ لڳو ”زندگي آ سومرا صاحب زندگي. سومرا صاحب ليب ۾ ڪجھ ڏينهن ڪم ڪندي گذريا ته ليب جو هڪ اهم اليڪٽريڪل ڊوائس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. آفيس ۾ ان ڊوائس جي ڪارآمد ٿيڻ ۽ مينٽينينس تي جيڪا رقم ۽ ٻاهراين ملڪ مان پرزا گهرائڻ جي بجيٽ ايلوڪيٽ پئي ڪرائي وئي سا هزارن ۾ هئي. مون وجھ وٺي سپرينٽينڊينٽ صاحب کي چيو ته اهو ڊوائس مان ٺيڪ ڪري ويندس رڳو ٻٽي سو رپيا لڳندا.“ اها ٻڌي آفيسر مونکي پرنسپل جي اڳيان وٺي وڃي بيهاريو. پرنسپل آفيسر کي چيو ”هي ڪير آ.“ آفيسر چيس ته ”اليڪٽريشن آھي مگر ليباريٽري ۾ ڪم ڪندو آھي دعويٰ ٿو ڪري ته ليباريٽري جو خراب ڊوائس ٻٽن سون ۾ ٺيڪ ڪري ويندو.“ پرنسپل چيو ”ڇا توکي ان ڊوائس کي صحيح ڪرڻ جو تجربو آھي.“ مون وراڻيو ”سائين ڊوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ مون ڪجھ سال ڪم ڪيو آھي. مان سمجهان ٿو ڊوائس کي رڳو مينٽينينس جي ضرورت آھي.“ اهو ٻڌي پرنسپل چيو. ”جي ڊوائس وڌيڪ خراب ٿيو ته نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندوسائن.“ مون کيس وراڻيو ”ڀلي سائين مون کي منظور آھي.“ سندس اها ڳالھ ٻڌي منهنجي به انيس جي ڳالھين ۾ وئي دلچسپي وڌندي. مون چيومانس پوءِ ڇا ٿيو. هو وراڻيو مون پنهنجي آفيسر کي چيو. مون کي گهربل ٽول ۽ هڪ هيلپر ڏنو وڃي.... ”مون چيومانس ڳالھ اڳتي ڪر“..... ”چيائين“ مون پوري ڊوائيس کي کولي چڪاسيو ته ڊوائس ڪجھ وقت کان گهم جو شڪار رهيو آھي تنهنڪري ان جي وائر جا ڪنيڪشن گهڻي ڀاڱي ڍلا ٿي پيا آھن. ڊوائس ۾ اندر گهڻي دز ڄمڻ جي ڪري به ان جي تارن کي نقصان پهتو آھي. هوور سان دز مٽي صاف ڪري تمام ڪنيڪشن جي تارن کي صاف اجرو ڪري ۽ چڱي طرح ٽائٽ ڪري. مون ڊوائز کي هڪ ڏينهن اس تي سوڪهڙو ڏئي ٻي ڏينهن اسٽارٽ ڪيم ته ان برابر پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ ڏنو.“ مون انيس کي چيو ”توکي ڪو انعام اڪرام مليو.“ کلندي چيائين ”مونکي ليباريٽري اسٽنٽ جي عهدي تي رکيو ويو ۽ رهائش لاءِ هڪ ڪمري وارو ڪوارٽر پڻ مليو ٿورو رڪي چيائين، ”منهنجي لاءِ اهوئي ڪافي هو.“
ڪرسي تان اٿندي مون انيس کي چيو ”چڱو ٿيو پرديس ۾ ننڊھي عمر ۾ توکي پڪي سرڪاري نوڪري ملي وئي.“ ”سومرا صاحب اڃا ڳالھ ڪاٿي کٽي آھي“. مون چيومانس ”باقي ڇا رهيو.“ هو وراڻيو. ”توهان ويهو ته ڳالھ پوري ڪيان.“ سومرا صاحب ان وچ ۾ پرڪٽيڪل لاءِ ڪاليج کي انساني کوپڙين کي کولڻ جي ضرورت هئي. جيڪي اڳ۾ ٻاهران کلي اينديون هيون. مون پڇيومانس، ٻاھران ڪٿان. چيائين يورپي ملڪن ۽ آمريڪا مان آرڊر ڏئي کليل کوپڙيون گهرائڻيون پونديون هيون. مگر ڊوميڊيڪل ڪاليج ۾ ديسي طريقي سان کوپڙين کي کولڻ جو اهو فن مون پنهنجي والد صاحب جي آرٿوپيڊڪ ٽيڪنيڪل ٽيم کان لڪي چوريءَ سکيو هو.
تنهنڪري پرنسپل صاحب کي مون عرض ڪيو ٻاهران کليل کوپڙيون نه گهرايو. توهان مونکي پندرهن ويھ کوپڙيون فراهم ڪريو جن کي مان چئن پنجن ڏينهن ۾ کولي ڏيندس“..... پرنسپل مسڪرائيندي چيو ”ڇورا تون ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندو آھين.“ مون وراڻيومانس بس سائين اهو ئي ڪجھ ٿورو گهڻو ڄآڻندو آھيان“... پرنسپل چيو ”ڪيئن کوليندين.“ وراڻومانس ”سائين اهو ڪم منهنجو آھي مونکي گهربل سامان ۽ ٻه هيلپر ڪم لاء ملن ته مان توهان کي کوپڙيون کولي ڏيندس.“
انيس جي اهڙي دعويٰ تي مونکي به پورو ويساھ نه پيو بيهي.مان پاڻ هن جي اهڙي قسم جي ڳالھن کي ڊيل بازي پئي ڄاتو. بهر حال ڳالھ دلچسپ مرحلي ۾ وڃي داخل ٿي هئي. سو مونکي توڙ تائين ٻڌڻي پئي. مون انيس کي چيو. ”ها پوءِ ڇا رزلٽ نڪتو.“ ورڻيائين ”سومرا صاحب ٻئي ڏينهن ٻه ڪم وارا ڇوڪرا ۽ گهربل سامان به مليو. مون ڏينهن جو انهن انساني کوپڙين کي ڌوئرائي صاف ڪرائي ليبارٽري جي هڪ ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. ساڳي رات جو ماني کائي جهٽ پلڪ آرام ڪري سامان مان چڻا ڪڍيا ۽ انهن کي پاڻي ۾ ڇاڇولي ٺاهي ڪري کوپڙين ۾ ڀري هڪ پاسي لاک سان سيل ڪري ڍڪي رکي ڇڏيم.“ مون چيومانس ”پوءِ ڪڏهن اهي انساني کوپڙيون کليون. وراڻيائين ”اهو وڏي ڌيرج وارو پروسيس آھي ۽ چئن ڏينهن ۾ اڪثر اهي کلي پونديون آھن.“ مون پڇيومانس ”ڪاميابي جو ريشو ڇا رهيو.“ هن چيو ”چڻا آھستي آھستي ڦنڊندا ويا ۽ کوپڙين جي جوڙن تي ويا دٻاء وجهندا نيٺ انهن کي پنهنجن قدرتي حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائون ۽ ڪاميابي جو ريشو وڃي سئو سيڪڙو بيٺو.“ ٿورو رڪي مسڪرائيندي چيائين انهن ٻن ڪمن جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهي ڏينهن اهي شينهن. ”مان چيومانس مطلب.“ وراڻيائين ”بس وري ڪراچي جي سڪ لڳي ۽ پوئتي هليو آيس....“ مون چيو ”شڪر الحمد اللہ “.. ”سومرا سائين مگر ڳالھ اڃان پوري نه ٿي آھي باقي توهان مونکي اڌ ڪلاڪ ڏيو ته مان پنهنجي جدو جهد واري زندگي جي هڪ اهم باب جو به ذڪر ڪري ڇڏيان.“ مون به دل ۾ چيو هيملٽن ۾ سوين ڪلوميٽرن جي ڊگهي مسافت ڪري آيا آھيون سو سنگت جي زندگي جي هن اهم باب کي به ٻڌي ڇڏجي.....
مون چيو مانس ”ها سائين بسم الله.“ ٽيبل تي رکيل ڪيناڊا ڊراءِ جي جنجريل ڊرنڪ جو ڪين خالي ڪندي انيس چوڻ شروع ڪيو . ”سومراصاحب منهنجي پيرن ۾ خارش آھي سو مان هڪ هنڌ ٽڪي نه سگهندو آھيان“..... مون ڀوڳن ۾ چيومانس ”۽ هٿن ۾؟“ وراڻيو ”هٿن ۾ به خارش آھي هڪ پاسي کان پئسو پيو ايندو ۽ ٻئي پاسي کان ويندو خرچ ٿيندو.“ ”چڱو ڀلا ڳالھ کي ختم ڪريو.... “ چيائين ”ڪراچي ۾ رهي مون فزيوٿراپي ٽيڪنيشن جي مڪمل ٽريننگ حاصل ڪئي. تنهن کان ڪجھ وقت پوءِ سعودي عرب رائل فيملي جي آفر تي فزيوٿراپسٽ جي حيثيت ۾ اتي وڃي جوائن ڪيم.“ ”مسڪرائيندي چوڻ لڳو اتي مون شھزادن جي وڏي فنڪاري سان خدمت ڪري انهن جو قرب حاصل ڪيو.“ مون چيومانس ”يار انيس هاڻي ڳالھ کي کٽاء....“ چيائين ”سومرا صاحب سعودي ۾ مان زندگي جو چڱو حصو رهي ڪروڙين به ڪمايم ۽ وڏي سکي زندگي به گذاريم.“ مون ڳالھ کي کٽائيندي کيس چيو ”پوء تون ڪيناڊا ڪيئن آئين.“ وراڻيو هڪ دوست جي آڇ تي هتي اچي مون پنهنجي ڪمايل دولت کي دوست جي ڪمپني ۾ پارٽنرشپ ۾ سيڙپ ڪئي. مون چيومانس پوءِ نتيجو ڇا ٿيو. منهن تي هلڪي مسڪان سان گڏ هڪ سرد آه ڀريندي چيائين ”دوست ڌوڪو ڏنو ۽ منهنجي سعودي عرب مان ڪمايل سڄي ڪمائي ڪٽ ٿي وئي.....“ چيومانس ”هاڻي ماشاءَ اللہ خوش آھين. ٽيبل تي پکڙيل سرٽيفڪيٽن کي زپ لاڪ بيگ ۾ وجهندي چيائين“ ٻه شاديون ڪيم هي گهر پنهنجو آھي شڪر آ رب سائين جو هاڻي جتي رکي جهڙو رکي ’وتعزمن تشاءُ وتُذل من تشاءُ‘. مون چيومانس ”ڀلا هاڻي هٿن پيرن جي خارش ۾ شانتي آھي ڪن آھي ڪجھ؟“ مسڪرائيندي چيائين ”اهو قصو وري ٻي ڀيري.“
آئون 2019ع واري سمر سيزن انجواءِ ڪرڻ لاءِ مئي واري مهيني ۾ وري ڪيناڊا وڃي نڪتس. سيزن جي شروعات ۾ ئي اسان ڍنڍ جي پکين وانگر نياگرا فال، ڍنڍ اونٽاريو جا اوسا پاسا ۽ ڍنڍ سمڪو جي پاڻين تي لامارا ڏيڻ شروع ڪياسين. جون جي پوئين هفتي ڍنڍ سمڪو تي اسان جي وڏي پيماني تي فيملي پڪنڪ رکيل هئي. هن پڪنڪ دوران به منهنجي ملاقات انيس سان ٿي. مونکي وڏي قرب سان هٿ پڪڙي پاڻي ۾ ترندڙ حسين گوز (ڪونج جيڏا ولرن ۾ هلندڙ پکي) جي ولر ڏانهن ڇڪي وٺي ويو ۽ وڃي هڪ بينچ تي ويهاريائين. جهٽ پلڪ حال احوال اوري مونکي وري پنهنجي زندگي جي سفر جي شروعات 1948- 1947ع کان انهيءَ ساڳوڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ شروع ڪيائين. منهنجو ساڻس دوستي سان گڏ مائٽآڻو تعلق اهڙو هو جو مون ڍنڍ جي خوبصورت پکين کي به ويٺي ڏٺو ۽ 1948ع جي هن جي ڪهاڻي پئي ٻڌي. منجهند جي ماني تي اسانجي ۽ انيس جي ڪهاڻي جي رسيس ٿي.
منهنجي ننڍي ساليءَ جي پٽ جي شادي مسي ساگا جي هڪ شادي هال ۾ هئي. ان شادي جي واقعي تي اسانجي وري ملاقات ٿي. مون انيس سان کلي آجيان ڪئي. هن به سٺي موٽ ڏني. جڏهن ڌم ڌڙاڪا ۽ ناچ گانا شروع ٿيا تڏهن مونکي هٿ کان وٺي اهو چئي آخري ٽيبل ڏانهن ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ چيائين ”سومرا صاحب زندگي جا هي تماشا به گهڻا ڏٺا آھن. اچ ته پنھنجي ديس جون ڳالھيون ڪيون ڪراچي نيٽي جيٽي پل تي سج لهڻ جا خوبصورت منظر ۽ ڄام شوري جي حسين ماحول ۽ اکين ۾ ننڊ آڻيندڙ روح پرور هوائن جون ڳالھيون ڪيون.“ ٿورو ٿڌڙو ساه کڻندي چيائين، 1948- 1947ع واري زماني ۾ جڏهن اسان ڪراچي ۾ ھئاسين تڏهن ڪراچي جي روڊن رستن جي صفائي ڏسي مون کي لڳندو هو ته، هي ڪو ولايت جو شھر آھي. ”مون چيومانس“ يار هاڻي ماني لڳي چڪي آھي هل ته ھلي پهريون حملو ڪيون. “
انيس سان ڪيترن ملاقاتن جي تجربي کان پوءِ مون هن جي هن راز کي وڃي سمجهيو ته دوست پنهنجي زندگي جي ساروڻين جي ڄار ۾ سو به 1947ع ۾ هڪ لحاظ کان قيد ٿي چڪو آھي. جنهن مان شايد ئي ڪڏهن نڪري سگهي.
**