سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

پان شاپ

مارچ جو پهريون هفتو شروع ٿي چڪو هئو. ٽورنٽو جي روڊن تان تکيون هوائون برف جي ڍيرن کي فضا ۾ ائين اڏائي رهيون هيون جيئن سنڌ ۾ هوائون رستن تان مٽيءَ کي اڏائي ڌوڙيا مچائي ڇڏينديون آھن. ڊائون ٽائون ٽورنٽو اميگريشن بورڊ ۾ فرحان جي داخل ڪيل پيرينٽس جي ڪيس جي اپيل جي تاريخ رکيل هئي. اسين صبح جو ٺيڪ اٺين لڳي ڪورٽ روم جي لڳ ويٽنگ روم ۾ پنهنجي وڪيل مسٽر جول سان ڪيس جي ڪن پهلوئن تي گفتگو ڪري رهيا هئاسين. ان سمي اسان کي هڪ آفيس ريپريزينٽيٽو ليڊيءَ اطلاع ڏيندي چيو، ”مسٽر جول، مسٽر فرحان ڪورٽ روم پنجين ۾ اوهان جي پهچڻ جو وقت ٿي چڪو آھي ۽ آنرايبل ليڊي جج ۽ مسٽر ميمبر آف اميگريشن بورڊ پنهنجي سيٽ تي پهچي چڪا آھن.“
اسان جي ڪيس تي قانوني پهلوئن جي لحاظ کان هڪ بجي تائين بحث مباحثي جو امڪان هو. تنهنڪري مون فرحان کي ڦوڪ ڏئي ڇڏي ته مان هيٺان چڪر لڳائي ايندس ورنه هتي ويهي وڏي بوريت ٿيندي. جهٽ پلڪ ۾ هڪ مايونيز سينڊوچ ۽ گرم گولڊ بلينڊ نيسڪيف جا چار ڍڪ پي اوور ڪوٽ اوڍي لفٽ نمبر ڏهين ذريعي بلڊنگ کان هيٺ لهي مون نڪ سامهون واري گهٽيءَ ڏانهن رخ ڪيو.
منهنجو شوق هو ڪيٿيڊرل چرچ آف سينٽ جيمس کي ڏسڻ جو جيڪا ڪيناڊا ۾ قدامت ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان آرٽ جو هڪ خاص نمونو ليکي وڃي ٿي. ڊائون ٽائون ۾ ٽرام ذريعي سڏ پنڌ جو سفر ڪري مان ٽورنٽو جي هڪ وسيع ۽ خوبصورت چونڪ تي جيمس ڪيٿيڊرل چرچ جي آڳر ۾ وڃي لٿس.
اتي پهچي لڳي ائين پيو ته روڊ جا مڙئي ڀر پاسا. ماڻھن جي لنگهڻ جون فٽ پيريون ۽ سائڊ واڪ سڀ سينٽ جيمس چرچ جي حوالي ڪيا ويا آھن. خاص شاھ راھ تي شھر جي وچين علاقي ۾ ايڏي کليل ۽ ڪشادي چرچ مون پهريون دفعو ڏٺي جنهن جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي گهمڻ ڦرڻ جي ڪا جهل پل يا نگهداشت لاءِ سڪيورٽي بيٺل ڪانه هئي ھونئن به ڪيناڊا ۾ چرچ جو هڪ تاريخي تقدس قائم رهندو آيو آھي. ان جو سبب اهو ٿو ڏسجي ته هتي جيڪي مسيحي دنيا جون قومون بادشاهت وارن پراڻن عهدن ۾ فرانس، گريٽ برٽن، اسپين ۽ پوءِ دنيا ۾ عظيم جنگن وگهي منقسم ٿي ڀاڄ کائيندڙ يورپ جي سمورن حصن جي مسيحي مذھب جي پخته ۽ قديم خيالن جي ماڻھن جا جٿا سرزمين ڪيناڊا تي اچي گڏ ٿيا. جن تاريخ جي پوءِ جي دورن ۾ اڳتي هلي گڏيل فيڊريشن جي معاهدي هيٺ هڪ حڪومت قائم ڪئي. اهي خاص ڪري مسيحي ڪيٿولڪ مذھب جو تقدس قائم رکندا آيا آھن. اهڙي طرح مذھبي تاريخ جو مطالعي ڪرڻ وارن کي ڪيٿولڪ ورلڊ جي ڪرستانن جو ڪيناڊا ۾ هڪ گڏيل اتحاد نظر اچي ٿو جنهن جي نمائندگيءَ سان مسيحي مذھب جي معاملن ۾ گهڻي سرشاري ۽ هم آھنگي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جي بنياد تي ڪيوبيڪ ۽ مونٽريال فرينچ صوبي ۾ ڪيٿيڊرل ناٽريڊم چرچ کي عظيم جنگين جي دور کان گهڻو اڳ قائم ڪيو ويو. هن چرچ جي قائم ڪرڻ پٺيان ڪيٿولڪ ڪرسچن دنيا جي قديم فرينچ مسيحي گروه جو هٿ ۽ سهڪار رهيو. ڇاڪاڻ ته اصل وڏي ۽ قديم ناٽريڊم چرچ فرانس ۾ آھي. جيڪا فرانس ۾ پنهنجي سونهري تاريخ جا ڪيترا دور ڏسي چڪي آھي.
اهڙي طرح 1797ع ۾ اسپينش مسيحي گروه پنهنجي ڪيٿولڪ دنيا جي محبت ۽ سرشاري جي جذبن هيٺ ٽورنٽو ۾ اسپين جي قديم ڪمينو آف سينتياگو جيمس چرچ جي نالي پٺيان هتي هڪ اهڙي عظيم ڪيٿيڊرل چرچ جو بنياد وڌو جنهن جي بلندين جو محو حيرت ڪندڙ ڏيک انوقت عظيم ٽورنٽو جي ٻي ڪنهن عمارت ۾ ڪونه ھو.
هن عمارت جو نالو سينٽ جيمس اينگليڪن ايپسڪوپالين ڪيٿيڊرل چرچ آھي. مون سينتياگو جي ڪمينو سينٽ جيمس چرچ جي ڊسڪوري گائڊ. ٽريول گائڊ ۽ ٻيون هسٽاريڪل ۽ آرٽ تي مبني وڊيوز جو مطالعو ڪيو آھي پر جيڪو آرٽ ۽ آرڪيالاجي جي شوقينن کي اصل ماڳن جي ڏسڻ مان لطف حاصل ٿيندو آھي سو پري کان ويهي مطالعي ڪرڻ مان ڪونه ٿيندو آھي.
ڪلاڪ کن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ مان چرچ جي سامهون واري اسٽريٽ تان تڪڙا قدم کڻندو زيبراڪراسنگ تي وڃي بيٺس ته اوچتو منهنجي نظر هڪ دڪان جي سائن بورڊ تي پئي جنهن تي وڏن اکرن ۾ ”پان شاپ“ لکيل هو. رستي کلڻ جو انتظار پورو ٿيو ته پرديس ۾ پان کائڻ جو شوق پورو ڪرڻ جي غرض سان مان پان شاپ ۾ گهري ويس.
اندر گهري جيئن ئي دڪان جي وچ ۾ وڃي بيٺس ته منھنجون ته وايون ئي ولڙيون ٿي پيون. وائڙن وانگر مان هڪ نظر شوڪيسن ۾ رکيل شين تي پيو وجهان ۽ وري هڪ نظر سان دڪان جي مالڪ کي پيو ڏسان. جهٽ پل ۾ دڪان جو مختصر جائزو وٺي ڪائونٽر تي ويٺل هڪ جهوني وضع قطع جي همراه جيڪو گوري نسل جو پيو لڳي سان رابطو ڪندي چيم ... ”برادر مونکي ٻه مٺا پان کپن.“
هو همراه جيڪو اڳ۾ ئي مونکي هر هر اکيون ڇنڀي حيرت سان پيو واجهائي تنهن منهنجي ”ٽو سويٽ پان“ جي گهر کي هڪ کل مزاق سمجهيو ۽ منهنجي خيال ۾ هن به منھنجي سوال جو جواب ساڳئي نوعيت سان ڏيندي چيو. ”برادر مون وٽ هڪڙو پان آھي. پر مٺو ناهي جيڪو ڏسين ٿو تنهنجي سامهون آھي.“
ڳالھ مونکي به سمجھ ۾ نه آئي. مون سوچيو هي گورو ماڻھو آھي سو پان ڪيئن کپائيندو. پر پوءِ به مون کيس چيو هي پان جو دڪان ناھي. هن لبن ۾ مسڪرائيدي وراڻيو، بلڪل ”پان شاپ آھي“ مون وري هڪ ڀيرو ڪنڌ ورائي سمورن شوڪيسن ۽ ڪائونٽرن جو جائزو ورتو. جنهن تي منهنجي غلط فهمي دور ٿي ته همراھ ڪٻاڙي آھي.
سچ پڇو ته مونکي به اھو پھريون ڀيرو ادراڪ ٿيو ته ڪيناڊا ۾ ڪٻاڙي جي دڪان کي پان شاپ چئبو آھي. پر منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته هتي جي ڪٻآڙ جي اهڙن دڪانن تي هزارين اينٽيڪ شين. پراڻن ڪتابن. پراڻين گهڙين واچن ۽ سون جي پراڻن ڳهن وغيره جي ڏيتي ليتي وهنوار ۽ واپار هلي ٿو. مان در اصل پنهنجي مطلب جي بلڪل صحيح هنڌ ۽ دڪان تي پهتو هوس جتي مان گهڻو وقت گذارڻ چاھيان پيو پر مونکي ٺيڪ ٻارهين بجي موٽي اميگريشن بورڊ آفيس پهچڻو هو جنهن لاءِ مون کي رڳو پندرهن منٽن جو وقت گهربل هو.
**