مونٽريال ۽ ڄام شورو
مونٽريال شهر جي پراڻين گهٽين ۽ بازارن ۾ ڳاڙهين سرن سان ٺهيل روڊن رستن کي ڏسي ماڻهن کي حيرت اتپڻ ٿيندي آهي. بازارن ۽ ڳلين ۾ ايندي ويندي کي هاڻي به فرانس جي خوشبوئيات جو سحر کيرو ڪري ڇڏيندو آهي. شام جو پهر هجي يا صبح جون رونقون هتي جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ چڱي پلي رش لڳي پئي هوندي آهي. هتان جي ننڍن وڏن هوٽلن ۽ ڪيفيز جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عطر ۽ عنبر جون ڀڀڪيون پيون اٿنديون آهن. اهڙي معطر معطر ماحول ۾ صبح جو اسان هڪ ڪيفي ۾ ويهي مسلمانڪي سادي کاڌي جو آرڊر ڪيوسي، جنهن ۾ هيش برائون، چيز آمليٽ، چيز ڪيڪ، ميپل سيرپ، برائونيز ۽ ڪيپوچينا ڪافي شامل هئي. مونٽريال شهر ۾ ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته رات جي ماني شام جي پهر ۾ کائڻ لاءِ پنهنجي گهرن مان ٺهي سنڀري ريسٽورانٽ ۾ ماني ۽ مشروبات نوش ڪري دير تائين ويٺا ڪچهريون ڪندا آهن.
شام جو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ اسان ناٽريڊم چرچ واري پراڻي علائقي جو سير سفر ڪري قديم طرز جي ٺهيل هڪ ريسٽورانٽ ۾ فش برگر ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره پي پنهنجو تن من توش ڪري هتان جي جهوني دور جون عمارتون ۽ گهٽيون ڏسڻ نڪتاسين.
مونٽريال جون اهڙيون گهٽيون ۽ گهر ڏسندي ڏسندي مان اهڙي هنڌ وڃي بيٺس جتي گهٽي جي ڪنڊ تي وڪٽورين دور جو پريس ڪلب هو. ڪلب جي ٻاهران ڀت ۾ پراڻي زماني وارو گاسليٽ ۽ وٽ سان روشن ٿيندڙ فانوس لڳل هو. نظر کڻي ڏٺم ته سامهون وارين گهٽين جي ديوارن ۾ اهڙي قسم جا فانوس پڻ لڳل هئا، جن کي هاڻي اليڪٽرڪ سسٽم تي آڻي روشن رکيو وڃي ٿو. دل چيو اڻويهين صدي جي هن پريس ڪلب ۾ اندر جهاتي پائي ڏسجي. سو دل ٻڌي اندر گهڙيس. اندر وڃي ڇا ڏسان ته ڪلب ۾ پراڻي زماني جون ميزون، ڪرسيون ۽ بينچون پيون هيون، مگر هن وقت اهو پريس ڪلب رڳو هڪ ميوزيم جو ڏيک پيش ڪري رهيو هو.
ٻارن سان ٿورو اڳتي وڌي ڏٺوسين ته بازار ۾ ڏيڍ ٻه سو سال پراڻي طرز جا دڪان کليا پيا هئا، جن ۾ زور شور سان خريداريون هلي رهيون هيون. بازار جي ويڪرين گهٽين ۾ جايون، روڊ رستا سڀ ڳاڙهين سرن جا ٺهيل هئا. جن جي ڪم و بيش اسٽائل پراڻي پيرس جي گهرن ۽ گهٽين جهڙو ڏيک پئي ڏي. مونٽريال جي قديم علائقن، انهن ۾ اڏيل عمارتن، عبادتگاهن ۽ بينڪن جي عمارتن کي وڏي خرچ ۽ محنت جي زور تي جهڙو جو تهڙو قائم رکيو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي ساڳوڻي حالت کي جيئرو رکيو وڃي.
ناٽريڊم چرچ جي اردگرد جا پاسا گهمي جڏهن اسان ٿڪجي پياسين ته ٿورو ساهه پٽڻ لاءِ اسين پراڻي زماني جي قائم ڪيل بينڪ جي عمارت جي کليل آڳر ۾ هڪ اوپن ايئر ريسٽورانٽ ۾ ويهي ڪافي پئي نوش ڪئي سين. ان سمي مون پنهنجي پٽ فرحان کان سوال ڪيو ته. ”مونٽريال جي مهڪندڙ فضائن ۽ ڄام شوري جي دلفريب هوائن واري ماحول ۾ ڪو فرق“؟ ان کان اڳ جو فرحان جواب ڏي، مونسان ننهن مخالف ٿيندي چيو.”چاچا پهرين مان ڪجهه عرض ڪيان“ مون چيو. جي اوهان ئي ٻڌايو.“ ”چاچا ڄام شوري جي اسٽڊي سٺي هئي.“ مون کيس چيو. ”ڇا توهان ٻئي هڪ ڪلاس ۾ هئا“ هن وراڻيو، ”نه فرحان مونکان سينيئر هو.“ مون چيو چڱو ٻڌاءِ اتان جا هوٽل ۽ اتان جي ماني ڪئين هئي؟“ هن وراڻيو. اتان جي ڇپر ڪانٽيننٽل هوٽلن جي چڻن جي دال فرائي ۽ ماني ڀلي هئي.“ ٿورو رڪي هن وري چيو، ”ڄام شوري جي مٽن ڪڙهائي ۽ نان جو مقابلو هتان جي کاڌي سان بلڪل ڪري نٿو سگهجي.“ ننهن کان پوءِ پٽ چيو. ”بابا مان ڪجهه عرض ڪريان،“ مون چيو ”جي فرمايو.“ ڄامشوري جي پڙهائي ته هئي ئي لاجواب پر بابا اتان جي فضائن ۾ جادو هو. اتان جي ٿڌڙي شام، اتان جون هوائون اسان جي مٿان سحر طاري ڪري ڇڏينديون هيون.“ ٿوري ساهي کڻندي هن وري چيو. اتان جي ملباري جي ڍاٻي جي چانهه ۽ اڦراٽي جو هتي ڪو ميل ڪونهي.“
**