انتساب
ننڍپڻ جي دوست، شاعر، اديب، سياست ۾ ڀرپور
حصو وٺندڙ، صحافي، باهمٿ ۽ هڪ همدرد انسان
مدد علي سنڌيءَ جي نالي.
حيدرآباد ۾ منهنجا جيڪي شروع شروع ۾ شاعر ۽ اديب دوست ٿيا اهي هئا: طارق اشرف، ولي رام ولڀ، مدد علي سنڌي، دستگير ڀٽي وغيره. اهي سڀ حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي کوکر پاڙي ۾ رهيا ٿي، جتي منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو (سنڌ زميندار هوٽل وارو) ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ سيٺ لالا (الهه ڏتو سومرو، فاران هوٽل وارو) رهيو ٿي - جن جي ٻارن: ماما امان الله، اختر، انور وغيره سان هنن جي اليڪ سليڪ هئي. آئون ارڙهن اوڻيهن سالن جو هوس - يعني 1963ع ۾ ته پهرين طارق اشرف سان واقفيت ٿي وئي. اڳتي هلي هن سهڻي رسالو ڪڍيو ته هو اسان جي دلپسند شخصيت ٿي پيو. 1968ع ڌاري، رسالي جي ڇپڻ لاءِ هن قمر شهباز ۽ ظفر شاهه جهڙن دوستن جي مدد سان پريس به پنهنجي خريد ڪئي، جنهن ۾ هن سهڻي رسالي کان علاوه ٻين ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم پڻ ڪيو ٿي.
انهن ڏينهن ۾ منهنجا سامونڊي سفر شروع ٿي ويا هئا جن جو احوال عبرت اخبار ۾ اچڻ لڳو. طارق انهن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ صلاح ڏني، جيڪا مون کي ڏاڍي پسند آئي، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ سهڻي رسالي جي ڇپائيءَ جي هر هڪ واکاڻ ڪئي ٿي. طارق کان پڇيم ته خرچ گھڻو ايندو؟ هن حساب ڪري ٻڌايو ته هڪ هزار ڪتابن جو 1600 روپيه ايندو. اهو ٻڌي آئون دنگ رهجي ويس. ڇو جو اهو انگ ان وقت جي حساب سان تمام گھڻو هو. آئون جهاز تي جونئر انجنير هوس ۽ هڪ مئرين انجنير جي حيثيت ۾ منهنجو پگھار وڏو اٽڪل 400 روپيه هو. اڄ جي دور ۾ ماڻهن کي 400 روپيه گھٽ لڳندا هجن - جيڪي فقط اڍائي ڊالرن برابر ٿين ٿا پر انهن ڏينهن ۾ چئن رپئي ڊالر مليو ٿي - يعني منهن جو پگھار هڪ سئو ڊالر هو. ان پگهار جي وڏي هجڻ جو توهان ان مان به اندازو لڳائي سگھو ٿا ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد ڊپٽي ڪمشنر هو جنهن جپ پگھار فقط 1300 روپيه هو.
مون سال کن نوڪري ڪري هڪ هزار روپيه بچايا هئا، ٻيا پئسا پنهنجي ناني کان وٺي طارق اشرف کي ڏئي آئون ڪراچيءَ پنهنجي جهاز تي هليو ويس، جيڪو ٻن ٽن ڏينهن ۾ Sail ڪرڻ وارو هو. اهو اسان جو ننڍو سفر ٿيو ۽ ڪولمبو، ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ بئنڪاڪ مان ٻن مهينن بعد ڪراچيءَ موٽياسين. ڪتاب جي شوق ۾ آئون ماءُ پيءُ وٽ هالا وڃڻ بدران حيدرآباد ناني وٽ آيس ۽ صبح ساڻ طارق وٽ ڪتاب لاءِ ويس. خبر پيئي ته هن اڃان فقط هڪ فارم - يعني 8 صفحا ڇپيا آهن. اتي طارق جي پريس تي ئي منهنجي مدد عليءَ سان ملاقات ٿي، جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي مون پاران طارق کي پارت ڪئي. در اصل طارق به نئين نئين پريس ڪڍي هئي، هن جون مجبوريون هيون، جيڪي اڄ به وڏن پبلشرن کي به رهن ٿيون. ساڳئي وقت آئون به نئون نئون مصنف ٿي رهيو هوس ۽ ولايتن ۾ رهي منهنجي دماغ ۾ اهو ئي هو ته اسان وٽ به هر ڪم ڪيل وعدي مطابق ٿئي ٿو، پر اڄ وانگر شروع کان اسان وٽ ائين ئي رهيو آهي. واپسيءَ تي مدد جي گھران ٿيندو آيس، جتي هن جي والده امان شهربانوءَ مون کي سڃاتو ته آئون سندس پاڙي ۾رهندڙ چاچي زرينه مغل (منهنجي ناني جي ڀاڄائي) جو مائٽ آهيان. (باءِ دي وي، ڪجهه سالن بعد چاچي زرينه ۽ سيٺ چاچا لالا وارن جي مدد علي وارن سان مائٽي به ٿي، جو سندن وڏي پُٽ اختر سومرو جي شادي مدد جي سڳي سوٽ شڪيلا سان ٿي هئي).
بهرحال ڪتاب ڇپجڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي ۽ مون جيڪي پنج ڇهه سهڻي پريس جا چڪر هنيا، انهن مان هر هڪ ۾ پاڻ سان مدد کي وٺي ٿي آيس. حيدرآباد پهچڻ تي صبح ساڻ اچي مدد جي گھران نڪتس ٿي. ڪڙو هڻندو هوس ته سندس والده امان شهربانو جواب ڏيندي هئي ۽ مدد کي اٿاريندي هئي. ڪجھه ڏينهن اڳ اهو زمانو ياد ڪري مدد کي چيم ته اڄ مون کي شرمندگي ٿئي ٿي جو توکي ۽ تنهنجي والده کي پريشان ڪندو هوس.
مدد کي به شابس هجي جو هر دفعي مون سان گڏ جھيڙي لاءِ هلندو هو... ۽ جھيڙو ڪنهن سان ڪندا هئاسين، هڪ عظيم انسان ۽ وڏي اديب طارق اشرف سان. پر اهي سڀ پوءِ جون ڳالهيون ٿيون. ان وقت اسان ٽنهي کي سڃاتو ئي ڪنهن ٿي. پر اڄ اهو زمانو ياد ڪري کل ٿي اچي ته ڪيئن مدد منهنجي مدد ڪندو هو ۽ جھيڙي لاءِ ٺهي ٺڪي طارق اشرف وٽ پهچي ويندا هئاسين. پڙهندڙن کي اهو پڻ ضرور ٻڌايان ته هڪ طرف اسان ٻه هئاسين پر دليل بازيءَ ۾ طارق اشرف ملهه ماري ويندوهو ۽ اسان مطمئن ٿي وري مهيني ڏيڍ جو انتظار ڪندا هئاسين.
پنهنجو هي نئون ڪتاب مدد علي سنڌيءَ کي منسوب ڪرڻ سان گڏ مدد جي زندگي بابت ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. در اصل مدد علي سنڌيءَ تي ڪيترن ئي سندس دوستن ۽ پڙهندڙن لکيو آهي خاص ڪري سندس ويجھي دوست شوڪت حسين شوري. آئون به ڪجھه پنهنجي طرفان ته ڪجھه هن جي دوستن جي لکيل مضمونن مان ورتل حوالن ذريعي پنهنجي پڙهندڙن کي مدد عليءَ جو تعارف ڪرائڻ چاهيان ٿو.
نامور اديب ۽ صحافي، مدد علي سنڌيءَ جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. جڏهن ته ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ رسٽيڪيٽ سبب هو اها مڪمل نه ڪري سگيو. مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. پاڻ “جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ “عوامي ليگ” حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو. آڪٽوبر 1970ع ۾ “اڳتي قدم” نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين.
منهنجي ذهن ۾ اڄ به اها يادگيري چٽي آهي، جيڪا ڏک جو احساس ڏياريندي آهي.... 1971ع ۾ آئون دادو پنهنجي ماسيءَ جي گھر ٽِڪيل هوس ته خبر پئي ته ٻي ڏينهن ممتاز ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ويندي، دادو جي ريلوي اسٽيشن تي ڪجھه دير ترسي تقرير ڪندو. جڳت آباد پاڙي جي ٻين دوستن: محمد خان ملڪاڻي، استاد بخاري، شوڪت مٺائي واري سان گڏ آئون به اسٽيشن تي آيس. رستي تي هڪ بڪ اسٽال تي مدد علي سنڌيءَ جي رسالي “اڳتي قدم” جو نئون پرچو ڏسي اهو به خريد ڪيم.
ممتاز صاحب جي تقرير بعد ساڻس هٿ ملائڻ وقت مون اهو رسالو “اڳتي قدم” تحفي طور کين پيش ڪيو. ممتاز صاحب رسالي جو غور سان ٽائيٽل ڏسي چيو : “ ڇا آهي لکيل؟”
“سائين، اڳتي قدم.” مون وراڻيو.
“هاڻ حڪومت اسان کٽي ورتي. هاڻ وري اڳتي قدم ڪهڙو ٿيندو؟” اهو چئي ممتاز صاحب منهنجو ڏنل تحفو (رسالو) مون کي واپس ڪري ڇڏيو. سگھو ئي ٽرين رواني ٿي وئي ۽ آئون ڏکويل دل سان دوستن سان گھر ڏي وريس. رستي تي ممتاز هوٽل تي چانهه تي مون کي خاموش ڏسي، استاد بخاريءَ منهنجي اندر جو ڏک محسوس ڪري منهنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. بهرحال، مون کي ان ڳالهه جي پهريون دفعو ڄاڻ ٿي (۽ حيرت پڻ) ته اسان جا نمائندا پنهنجي مادري ٻوليءَ کان اڻواقف آهن ... ٻي ڳالهه ته اسان جي گھڻي ڀاڱي چونڊيل نمائندن جو خواب ۽ خواهش عوام جي خدمت ۽ پنهنجي علائقي جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ نه پر وزير مشير ٿي، پئسو ۽ پاور حاصل ڪرڻ آهي.
بهرحال اسان جي غريب دوست مدد عليءَ جي جدوجهد ۽ انقلابي قسم جي رسالي جي ان وقت واکاڻ ته نه ٿي پر طارق اشرف جي سهڻي، حميد سنڌيءَ جي روح رهاڻ ۽ ظفر حسن جي رسالي وانگر “اڳتي قدم” رسالو به وقت جي حڪومت جي اکين ۾ چڀڻ لڳو ۽ 1973 ۾ وقت جي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو مدد عليءَ روپوشيءَ ۾ گذاريو. ان عرصي دوران 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. ان ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ “اڳتي قدم” ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو.
مدد تي دشمنيءَ جي حد تائين تنقيد ڪندڙ به اها ڳالهه مڃڻ تي مجبور آهن ته، هو ڇا به آهي پر آهي بلا جو ليکڪ. سندس ڪهاڻي هجي، نثري نظم هجي يا ڪو خاڪو يا اسڪيچ، هن جي لکڻ جو انداز هن جو رنگ، پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. سندس نقاد به اهو چوڻ تي مجبور آهن ته، خدا تعاليٰ هن کي ڏات جي الائي ڪيترين نعمتن سان نوازي ڌرتيءَ تي موڪليو آهي. هو شوق ۾، ذميواريءَ ۾ يا ڪنهن مجبوري ۾ به جيڪڏهن ڪو ڪم ڪري ٿو ته اهو به پنهنجو مٽ پاڻ بڻجي پوي ٿو. هن کي جيڪڏهن ڪم نٿو اچي، ته به هو ڪم سکي وٺي ٿو - ۽ سندس هر ڪم پرفڪيشن سان ڀرپور هجي ٿو. هن جي سڃاڻپ جا لاتعداد حوالا آهن. هو پهريان سياسي ورڪر، پوءِ سياسي اڳواڻ، پنهنجي دور جي هڪ مشهور مزاحمتي رسالي “اڳتي قدم” جو ايڊيٽر، ڪهاڻيڪار، شاعر، صحافي، لڳ ڀڳ ڏهن اخبارن جو ايڊيٽر، چيف ايڊيٽر، وڏن وزيرن جو پريس سيڪريٽري، سنڌ ثقافت کاتي جي ڪيترين ئي اسڪيمن جو ڊائريڪٽر، هڪ شاندار مقرر، هڪ زبردست منتظم ۽ الائي ڇا ڇا آهي. دل جو مرض کڻي باءِ پاس آپريشن ڪرائڻ جي باوجود اڄ 70 سالن جي عمر جو مدد بلڪل ائين نه لڳندو ته جسماني يا ذهني ظرح ڪمزور ٿي ويو آهي - يا ٿي رهيو آهي. نوجوانن لاءِ ساڻس هر ملاقات هڪ اهڙي انرجيءَ جو سبب بڻجندي آهي، جو ملاقات ڪندڙ همراهه پاڻ به ڏينهن تائين تازو توانو ۽ نوبنو ٿي پيو گھمدو آهي. هن سان اها ٽريجڊي يا ويڌن آهي ته، هي هر ڳالهه مُنهن تي چئي ڏيندو آهي، ان ڪري سندس دوستن جو تعداد وڌڻ بدران روز بروز گھٽجندو رهي ٿو، پر ان باوجود هن مختلف ميدانن ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان سندس هزارين عقيدتمند پيدا ڪر ي ڇڏيا آهن، جيڪي کيس جتي ڏسن ٿا، وڪوڙي وڃن ٿا. کانئس آٽوگراف وٺن ٿا، فوٽو ڪڍرائين ٿا، کيس فنڪشنس ۾ مکيه مهمان طور سڏائين ٿا، ڪتابن جا مهاڳ لکرائين ٿا، ايڊيٽنگ ڪرائين ٿا ۽ هو خوشيءَ سان اهو سڀ ڪجھه ڪندو اچي ٿو.
مدد علي سنڌيءَ جي جگري دوست شوڪت حسين شوري کي مدد جي پراڻي گهر جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن. هن کي مدد جو اهو گھر به ياد آهي ۽ کوکر محلي جون اهي سنهڙيون گھٽيون به ياد آهن، جن مان هڪڙي گهٽي مدد علي سنڌي جي دروازي کي چمندي اڳتي وڌي ويندي هئي. شوڪت ٻڌائي ٿو ته، “حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾، سنهڙي گھٽيءَ ۾ هڪ وڏو ڪمرو هو، جنهن کي آشرم ڪوٺيو ويندو هو. مدد علي سنڌي پاران قائم ڪيل اهو آشرم اصل اوطاق جي مثل هو، جنهن ۾ ڪا ڪرسي ۽ ميز ڪانه هئي. فقط هڪ غاليچو وڇايل هوندو هو ۽ ڪجھه طول وهاڻا هئا، جتي نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ مان مدد سان تعلق وارا اديب، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اچي وسرام ڪندا هئا. مدد جي مامي ۽ ماسي جا گھر به ان گھٽيءَ ۾ هئا. آشرم ۾ منجھند جي ماني ماسي ٺاهي موڪليندي هئيس. جيترا به ماڻهو هجن، ماني سڀني جي لاءِ هوندي هئي. مدد جو دسترخوان سندس دل وانگر ڪشادو هوندو هو. ماسيءَ جو رڌل ٻوڙ سنهڙن ُڦلڪن جو ذائقو کائڻ وارن کان وسرندو ڪونه هو.”
شوڪت وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته،“ شاگردي ۽ جيئي سنڌ واري زماني ۾ مدد ڪپڙي لٽي جي شوق کان لاپرواهه هوندو هو. سندس ڪپڙا سدائين گھنجھيل ۽ ڪٿان ڪٿان ڦاٽل به نظر ايندا هئا. مدد جي ڪاوڙ ايتري ته خطرناڪ هوندي هئي، جو لڳندو هو ته جيڪڏهن سندس هٿ ۾ پستول هجي ته لاشن جا ڍير لڳي وڃن. ڪاوڙ ۾ مدد جي گجگوڙ ۽ گارين ۾ ٿوري دير کانپوءِ اهڙي ٺاپر اچي ويندي هئي، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ڪونه هو.”
هو هڪ دور ۾ هڪ اهڙو قومپرست اڳواڻ هو، جنهن جي هر سوچ ۽ هر تخليق جو سچو محور پنهنجي ڌرتي، ان جا ماڻهو ۽ انهن ماڻهن جي بهتر مستقبل جا خواب هئا. انهن خوابن جي تعبير جي حوالي سان هو اڄ به سوال اٿاري ٿو ته، جڏهن ملڪ ۽ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي حڪومت آئي ته، ڇا سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي حياتيءَ ۾ ڪا تبديلي آئي؟ ڇا سنڌ جي ٻهراڙي بدلي؟ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، امن امان جون حالتون سڌريون؟ سنڌ جي وڏيري، جاگيردار ۽ ڪاموري عام سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڌرتي واسي، پنهنجو ڀاءُ سمجهيو؟ ڇا ان جي ڏکن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪيو؟
مدد علي سنڌيءَ جي زندگي ۾ اهو ڪهڙو عذاب هو، جيڪو سياسي ڪارڪن جي زندگي ۾ ايندو آهي، پر مدد جي زندگي ۾ نه آيو هو. هن هر تڪليف سَٺِي. هر ڏک سَٺو، هر تذليل برداشت ڪئي. هوُ رسٽيڪيٽ ٿيو. هن جيل ڪاٽيا ۽ ڪوڙا ڪيس برداشت ڪيا. مٿس ٻن خونن جو ڪيس داخل ٿيو. 1973ع واري آئين خلاف جدوجهد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي لڳل چماٽ ۽ هنگامي واري ڪيس ۾ کيس 3 سال رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ٻن شاگردن، علي مردان شاهه “ رقصم” ۽ جان محمد کيڙو جي ٿيل قتل ۾ ٻين شاگردن سان گڏ هن کي به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ هو وڌيڪ پنجن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ٿي ويو. هو 5 سال روپوش رهيو. گھر کان ٻاهر رهيو. هو اهي عذاب سهندڙ اڪيلو پاڻ هجي ها ته، شايد کيس گھٽ تڪليف ٿئي ها، پر سندس 80 سالن جي پوڙهي پيءُ کي به گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو. سندس والده ۽ ٻين ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا. هن جي تعليم تباهه ٿي وئي. هو 8 سال رسٽڪيٽ رهڻ سبب تعليم پوري ڪري نه سگھيو. مون کي مدد جي اڄوڪن ڏينهن جي به خبر آهي. مون کي اها به خبر آهي ته هن جو مهينو ڪيئن ٿو گذري؟ هو بيمارين ۽ دوائن جا خرچ ڪيئن ٿو پورا ۽ برداشت ڪري؟ مون کي اها به خبر آهي ته کيس ڪڏهن ڪڏهن ته ڪن اهڙن ماڻهن جي واتان ڇا ڇا نٿو ٻڌڻو ۽ برداشت ڪرڻو پوي، جيڪي سندس آڏو ڪک به ناهن.
هن صحافت جي شروعات جديد سنڌي صحافت جي باني قاضي محمد اڪبر جي اخبار “سنڌ نيوز” کان ڪئي. ان کان اڳ هن وٽ ڪنهن اخبار ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪرڻ جو تجربو به نه هو، پر قاضي محمد اڪبر جي ماڻهو-شناس اک کي مدد علي سنڌيءَ ۾ اهو صحافي نظر اچي ويو، جيڪو سياست کان مايوس ٿي چڪو هو. هن مدد علي سنڌيءَ کي اخبار اچي جوائن ڪرڻ جي آڇ سان گڏ اهو به چيو ته “هڪ مايوس سياستدان لاءِ صحافت ئي آخري اجھو ۽ ڇپرو هوندو آهي.” مدد علي سنڌي ان تاريخي جملي جي معنيٰ کي سمجھي ورتو ۽ پوءِ صحافت ئي سڄي زندگي سندس لاءِ ڇپر به رهي، ته ڇانءَ به رهي. قاضي محمد اڪبر جي لاڏاڻي کانپوءِ قاضي اسلم اڪبر جي سرواڻيءَ ۾ مدد علي سنڌي “سنڌ نيوز” جو اهو صحافتي پنڌ جاري رکيو. هن زندگيءَ ۾ مشڪل ترين ڏينهن ۾ قاضي محمد اسلم اڪبر پاران سندس خيال رکڻ ۽ پرگھور لهڻ کي اڄ به محبت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿو. هن نه رڳو پاڻ صحافت کي پنهنجو مشن ۽ مرڪز بنايو، پر هن ڪيترن ئي ٽٽل دل سياسي ڪارڪنن کي به ان ڇانوَ هيٺان آڻي بيهاريو. هڪ سياسي ڪارڪن جو سياست ۾ اچڻ، ان جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون هڪ ڌار موضوع آهي، جنهن تي ڪڏهن بعد ۾ لکبو. صحافت جو ذڪر نڪتو ته مدد جي حوالي سان هڪ ٻيو تجربو به حيران ڪندڙ آهي. هن صحافت ۾ شين کي ڪيئن مڪس ۽ مئنيج ڪيو، ان بابت مون ڪڏهن به مدد کان ناهي پڇيو، پر اها ڳالهه تاريخ جو حصو آهي، ته هو پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي هٽڻ بعد قائم ڪيل غلام مصطفيٰ جتوئيءَ حڪومت جي دور ۾ ان جي ئي چوڻ تي روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بنيو ۽ ٻيهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سخت ترين مخالف ڄام صادق جي چوڻ تي ٻيهر هلال پاڪستان جوائن ڪيائين. اهو ساڳيو مدد علي سنڌي هو، جنهن وري پ پ جي اهم اڳواڻ جي اخبار “بختاور” کي ايڊيٽر طور سنڀايو، ته ساڳي طرح مدد علي سنڌي پ پ جي ڪٽر مخالف ارباب رحيم سان گڏ به رهيو ۽ ان جي پريس سيڪريٽري طور ڪم به ڪيائين. ماهوار “سهڻي” جو ايڊيٽر طارق اشرف، مدد لاءِ چوندو هو ته ، “هو تضادن سان ڀريل شخصيت آهي.” ان ڪري شايد مدد اهڙين شخصيتن سان گڏ ڪم ڪرڻ کي ممڪن بڻائي ورتو هو، جيڪي پڻ هڪ ٻئي ڏانهن ڪڏهن به ويجھڙائپ جو رويو رکندڙ نه هيون.
مدد ڪيترين اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، پر جڏهن هو 1991ع ۾ روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هو ته هُن انتظاميا جي چوڻ تي 150 سنڌي ملازمن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن ڪري کيس هلال پاڪستان جي چيف ايڊيٽر جي عهدي تان فارغ ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ ڪيترا ماڻهو ان وقت حيران ٿي ويا هئا، جڏهن محترما شهيد بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان کيس 1994ع ۾ پنهنجي اخبار “روزاني بختاور” جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو. محترما شهيد؛ وزيراعظم جي حيثيت ۾ کيس ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي دورن ۾ پڻ پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي. سوال اهو به آهي ته، مدد ڪنهن هڪ اخبار ۾ مستقل نوڪري ڇو نه ڪري سگھيو؟ شايد سندس بوهيمن طبيعت جو عمل دخل شامل آهي.
هن کي شيخ اياز سان عشق رهيو آهي. اهو ئي سبب هو جو 1971ع جي مارشل لا ۾ جڏهن شيخ اياز سکر سينٽرل جيل ۾ قيد هو ته اتي به شيخ اياز کي ڪتابن موڪلڻ سان گڏ سکر وڃي کيس سامان پهچائيندو هو. شيخ اياز کيس سکر جيل مان جيڪو خط لکيو هو، اهو پڻ ادبي ۽ سياسي شاهڪار آهي. 1970ع ۾ هو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو هو ۽ شيخ مجيب سان گڏ سنڌ جي دوري تي به ويو هو. روزنامه جنگ جي جولاءِ 1970ع واري اشاعت جي هڪ تصوير بيحد مشهور آهي، جنهن ۾ شيخ مجيب تقرير ڪري رهيو آهي ۽ مدد سنڌي سندس قدمن ۾ ويٺو آهي.
مدد کي اهو به ڪريڊٽ آهي ته هُن حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا جلسا ڪرايا، جن ۾ سائين جي ايم سيد کي وٺي آيو هو. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ مدد جلسو ڪرايو هو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد تي بم جو حملو ٿيو هو. ان حملي ۾ سندس هڪ ساٿي دوست، محمد پراچا شهيد ٿي ويو هو ۽ مدد جي دوست ڪامريڊ محمد عمر شورو جي هڪ ٽنگ ضايع ٿي وئي هئي. مدد ڪامريڊ محمد عمر شوري جي آخري گھڙيءَ تائين پرگھور لهندو رهيو بلڪ وٽس ئي رهندو هو.
چوٿين مارچ 1973ع تي مدد هڪ وڏو جلسو بسنت هال حيدرآباد جي ٻاهران ڪرايو هو، جنهن جي صدارت سائين جي ايم سيد ڪئي هئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل ان جو خاص مهمان هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مارچ 1973ع ۾ جڏهن هو شاگرد هو ته جساف جي شاگرد يونين ڪامياب ٿي هئي، جنهن کانپوءِ مدد ۽ سيد شاهه محمد شاهه شاگرد يونين تي زور ڀري محترم سائين جي ايم سيد کان “سنڌي شام” جي صدارت ڪرائي هئي.
سنڌي ادب ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيل ليکڪ ۽ صحافي حسن مجتبيٰ، جيڪو شايد تمام گھٽ ماڻهن کي پنهنجو استاد چوندو هوندو، اهو به مدد علي سنڌيءَ کي پنهنجو استاد مڃي ٿو. نه رڳو استاد، پر “هڪ مينٽور” چوندي به نه ٿو هٻڪي. حسن مجتبيٰ جو چوڻ آهي ته “مدد علي مون کي صحافت ۾ وٺي آيو، هو منهنجو استاد ۽ پسنديده ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار، شاعر، صحافي آهي. ان ئي مون کي صحافت سيکاري”. حسن اتي ئي مدد لاءِ هڪڙو مزيدار ۽ حيرت ۾ وجھندڙ جملو لکيو آهي. “زماني ساز ۽ زماني کان هڪ ئي وقت بيزار.” حسن جو هڪ ٻيو جملو آهي “پاڪستاني حڪومتن سان وڙهڻ وارو، جنهن سان هاڻي پاڻ حڪومت ئي سرچاءُ ڪري ورتو آهي.” هو مدد لاءِ لکي ٿو ته، هن پنهنجي اخبار ۾ مون کي ڪنهن به شئي لکڻ کان ڪڏهن به نه روڪيو. مدد چوندو هو ته مالڪن کي هو پاڻ ئي منهن ڏئي ويندو. هو مدد کي هڪ بهادر انسان سڏيندي چوي ٿو ته هن ان وقت پريس ڪلب حيدرآباد ۾ فهميده رياض کي سندن پاران آجياڻي ۾ سندن سرپرستي ڪرڻ واري درخواست قبول ڪري ورتي هئي، جڏهن هوءَ جلاوطني مان واپس موٽي هئي ۽ ضياءُ الحق جي آمريت ان وقت زنده هئي.
مدد علي سنڌي ڪڏهن نوجوان به هو، شاعر به هو ۽ رومانٽڪ به هو، ان ڪري هن عشق به ڪيا - ڪجھه هوائي ته ڪجھه اڏامندڙ عشق، پر ٽن عشقن کي هو انتهائي سنجيده سڏي ٿو. ڪي ليکڪ مڃيندا آهن ته، ڪي نه مڃيندا آهن، پر مدد علي سنڌي، پاڻ تسليم ڪري ٿو ته، انهن عشقن سندس زندگيءَ ۾ وڏا زلزلا آندا، پر انهن عشقن ئي سندس تخليقي سگھه کي مضبوط پڻ ڪيو. هن جي پهرئين عشق بابت سندس دوست چون ٿا ته، اهو مهر علي شاهه جي ان ڪلام وانگر هو ته “گستاخ اکيان، ڪٿ جا اڙيان...” اوچي ذات وارن سان مدد جو عشق ناڪام ٿيڻو ئي هو. پوءِ اهو درد سڄي ڄمار لاءِ سندس نصيب بڻجي ويو، پر پوءِ سندس هر عشق جي پڄاڻي جدائيءَ تي ٿيڻ لڳي.
مدد علي سنڌي پاڻ ته عشقن ۾ ناڪامين جا رڪارڊ قائم ڪيا، پر هو پاڻ وري ڪيترن ئي ليکڪائن، ڊاڪٽرياڻين، ماسترياڻين، پروفيسرياڻين ۽ پاڙيوارين جي عشقن جو نه رڳو رازدان رهيو، پر ڪيترن ئي جي شادين ۾ مددگار ۽ صلاحڪار پڻ رهيو. سندس جوانيءَ ۾ اهي عورتون کيس معصوم ۽ بي ضرر سمجھي، نه رڳو پنهنجو حال اورينديون هيون، پر کانئس اڳتي جي رٿابندي ۽ اسٽريٽجيءَ بابت پڻ پڇنديون هيون_ ۽ هڪ ناڪام عاشق وري سندن گرو بنجي انهن کي صلاحون ڏيندو هو. ان حوالي سان انهن مان ته ڪيتريون ئي عورتون اڄ لوڪ لڏي پرلوڪ پڌاري چڪيون آهن - ۽ ڪيتريون ئي پاڻ ڏاڏيون ۽ نانيون بڻجي پوٽن پُٽين ۽ ڏوهٽين ۽ ڏوهٽن جي شادين ۾ مصروف هونديون.
مدد علي سنڌي ادب، سياست ۽ صحافت جي دنيا جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جا سوين شاگرد، سڄي سنڌ ۾ هن جي محنتن ۽ محبتن جا اڄ به اسير بڻيل آهن. سندس اهو صحافتي سفر ڊگھو پر غير مستقل مزاجيءَ وارو رهيو آهي. هن وٽ هزارين تجربا، هزارين قصا ۽ هزارين ڪهاڻيون آهن. هن ڪهڙن ڪهڙن اهم ماڻهن ۽ اهم عهدن تي ڪم ڪيو، هو چاهي ها ته کيس اڄ ڪا فڪر معاش نه هجي ها، پر هو اڄ به هڪ مهيني جي پگهار ليٽ ٿيڻ تي تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ وٺجي ويندو آهي.
مدد علي سنڌيءَ جو مختصر تعارف:
پورو نالو: مدد علي قريشي، والد جو نالو: الله بخش قريشي، والده جو نالو: شهربانو، قلمي نالو: مدد علي سنڌي، گھرواريءَ جو نالو: شيرين، اولاد: گل حسين، الله بخش، اسفند يار علي ۽ مهوش علي. ڄم جي تاريخ 12 آڪٽوبر 1950ع، ڄم جو هنڌ: حيدرآباد، رهائش: ڪلفٽن ڪراچي، تعليم: بي اَي پوليٽيڪل سائينس (8 سال ريسٽيڪيٽ هجڻ سبب ايم اَي نه ڪري سگھيو)، سياسي وابستگي: قومپرست سياست.
ڇپيل ڪتاب: (1) اندر درياءُ (ڪهاڻيون)، (2) هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾ (3) هو جي مئا ماڳ ۾ (ناوليٽ) (4) پنر ملن (شاعري) (5) قلندر (قرته العين حيدر جون ڪهاڻيون (سنڌي ترجمو) (6) حشوڪيولراماڻي (شخصيت) (7) گونج به ڪائي ڪونج - انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪيل. ڪافي اهم ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما پڻ لکيا.
عملي زندگي: ايڊيٽر سنڌ نيوز، ايڊيٽر عبرت ميگزين، چيف ايڊيٽر هلال پاڪستان، ڪراچي، چيف ايڊيٽر بختاور، حيدرآباد، چيف ايڊيٽر ڊيلي خلق. چيف ايڊيٽر سچ اخبار ۽ اڳوڻو صدر پريس ڪلب حيدرآباد.
الطاف شيخ
ڪراچي
فون 03009241666