در بند ڪجانءِ پر ٻاهران
• چون ٿا ته بيمار جو حال پڇڻ مهل جيتريقدر ٿي سگهي ته هن وٽ گهٽ وهجي. يعني گهڻي دير ويهي هن کي بيزار نه ڪجي.
• امام غزالي رح “احياءَ العلوم” ڪتاب ۾ حضرت طائوس رضه جو هي قول نقل ڪندي فرمايو آهي ته حضرت عبدالله بن عباس رضه جن فرمائين ٿا ته “مريض وٽ گهٽ وهڻ سنت آهي.”
• بڪر بن عبدالله مزني لاءِ چون ٿا ته هو هڪ دفعي بيمار هو ته هن جا ڪجهه همعصر عيادت لاءِ حاضر ٿيا ۽ دير تائين ويٺا رهيا ته پاڻ هنن کي چيائون:
“مريض جي عيادت ۽ صحت مند جي زيارت ڪبي آهي.”
مطلب اهو ئي ته مريض وٽ گهٽ وقت وهڻ کپي.
• هڪ چرچو مشهور آهي ته هڪ همراهه ڪنهن بيمار کي پڇڻ لاءِ ويو ۽ ويٺو ئي رهيو. اٿڻ جو نالو ئي نه وٺي. بيمار نموني سان چيس ته ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ مون کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن ويچاري کي ايترو ٻڌڻ بعد به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ معصوميت سان مريض کي چوڻ لڳو. “جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته دروازو بند ڪري ڇڏيان.”
بيمار چيس: “ها. پر ٻاهران ڪنڊو ڏئي ڇڏجانءِ.”
• هڪ بيمار وٽ ڪجهه ماڻهو عيادت لاءِ آيا ۽ چڱي دير تائين حال احوال پڇندا رهيا ۽ پوءِ وڃڻ وقت بيمار کي چيائون ته ڪا وصيت ڪر. مريض چيو: “جڏهن ڪنهن بيمار کي پڇڻ وڃو ته گهڻي دير تائين نه وهندا ڪريو.”
• امام غزاليءَ جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان ڪنهن مريض وٽ وڃو ته هن سان سٺيون ڳالهيون ڪريو، هن کي ڊيڄارڻ، خوفزده ڪرڻ يا مايوسيءَ جون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن.