ڪهف سوره ...
ڪهف سوره ۾ 110 آيتون آهن. نائين آيت کان ڇهويهين آيت تائين ۾ اصحاب ڪهف جو ذڪر آهي. هتي انهن آيتن جو علامه علي خان ابڙو جو ترجمو ڏئي پوءِ ترڪي جي هن شهر اِفسوس جي ڳالهه ٿو ڪريان جتي جي غار ۾ هي اهل ايمان نوجوان اچي لڪيا هئا ۽ سوين سالن تائين ستا رهيا. هي هن غار (ڪهف) ۾ ان ڪري اچي لڪيا هئا جو وقت جي بادشاهه دقيانوس (Decius) نٿي چاهيو ته ڪو بت پرستي ڇڏي هڪ رب جي عبادت ڪري.
9. (اي پيغمبر) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۽ ڪتبي وارا (اصحاب ڪهف) اسانجي نشانين مان ڪا عجيب نشاني هئا.
10. ڳالهه هيئن آهي ته ڪي جوان هڪ غار ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هنن دعا گهري هئي ته اي اسان جا پروردگار پنهنجي طرفان اسان تي رحمت موڪل، ۽ تون اسانجي هن ڪم لاءِ ڪاميابيءَ جا اسباب پيدا ڪري ڇڏ.
11. پوءِ غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسان هنن جا ڪن (دنيا جي طرف کان) بند ڪري ڇڏيا.
12. پوءِ اسان هنن کي اٿاري کڙو ڪيو انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي وڃي ته ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي آهي جا گذريل مدت جو اندازو بهتر طريقي سان لڳائي سگهي.
13. (اي پيغمبر) اسان توکي انهن ماڻهن جو سچو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا. اهي ڪي نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هو. اسان کين هدايت جي واٽ تي زياده مضبوط ڪري ڇڏيو هو.
14. ۽ هنن جي دلين کي (صبر ۽ استقامت تي) محڪم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هو (حق جي راهه ۾) اٿي کڙا ٿيا تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهو ئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي. اسان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا نه آهيون. جيڪڏهن اسان ايئن ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي.
15. اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کان سواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي.
16. (پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جنهن صورت ۾ اسان انهن ماڻهن کان ۽ انهن (معبودن) کان جن کي هو الله کان سواءِ پوڄين ٿا پاسو ڪيو آهي (۽ ڇڏي ڏنو آهي) تنهن صورت ۾ هلو ته هلي ڪنهن غار ۾ پناهه وٺون. اسان جو پروردگار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اسانجي هن معاملي لاءِ ثمر ۽ سامان مهيا ڪندو.
17. ۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا اها اهڙي طرح جي هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو ته توهان ڏسندو ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو، ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. (جو هنن حق جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا). (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ٿو ڇڏي سوئي(سچي) راهه تي آهي، ۽ جنهن لاءِ (سندس ئي ضد ۽ هوس پرستيءَ سبب) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي تنهن لاءِ ڪو به سندس ڪارساز ۽ راهه ڏيکارڻ وارو ڪو نه لهندو ۽ ڏسندو.
18. ۽ توهان انهن کي ڏسو ته توهان سمجهندو ته هو جاڳن ٿا، حالانڪ هو ننڊ ۾ آهن. اسان هنن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي موڙيون ٿا (يعني هو پاسو ورائين ٿا جيئن اسان سمهڻ ۾ جاڳندي توڙي ننڊ ۾ پاسو ورائيندا آهيون) ۽ هنن جو ڪتو چائنٺ وٽ پنهنجيون اڳيون ٽنگون ڊگهيون ڪيو ويٺو آهي. جيڪڏهن توهان ليئو پائي هنن کي ڏسو ته جيڪر منهن ڦيرائي پٺتي ڀڄي هليا وڃو، ۽ توهان تي (ان نظاري کان) دهشت ڇانئجي وڃي.
19. ۽ (ڏسو) اهڙيءَ ئي طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان هنن کي وري اٿاري کڙو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪن، انهن مان هڪڙي پڇيو ته اسان هتي ڪيتري مدت رهيا هونداسين؟ سڀني چيو ته هڪڙو ڏينهن يا هڪڙي ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ (جڏهن پوري مدت معلوم ڪري نه سگهيا تڏهن) چيائون ته اسان جو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتريءَ مدت تائين هتي رهيا پيا هئاسين. (هاڻي) هڪڙي ماڻهو کي هيءُ چانديءَ جو سڪو ڏيئي شهر ۾ موڪليو وڃي ۽ ڏسي ته ڪنهن وٽان چڱو طعام ٿو ملي، ۽ جتان ملي اتان ڪجهه طعام وٺي اچي. مگر چپ چاپ ۾ رهي جيئن ڪنهن کي به اسانجي خبر نه پوي.
20. جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته (پوءِ هو ڇڏڻ وارا ناهن) يا ته اسان کي سنگسار ڪري ماريندا يا ته مجبور ڪندا ته وري سندن دين ۾ موٽي داخل ٿيو. جيڪڏهن ائين ٿيندو (يعني وري سندن بت پرستي جي دين ۾ داخل ٿيندو) ته پوءِ ڪڏهن به فلاح (يعني ڪاميابي ۽ دائمي سعادت) حاصل نه ڪندو.
21. ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) اهڙي طرح (يعني هڪ ماڻهوءَ طرفان سڪو کڻي وڃي بازار ۾ ڏيکارڻ سان) اسان ماڻهن کي سندن حال کان واقف ڪيو. (هنن جي ڳالهه لڪي ڪين سگهي ۽ هن لاءِ واقف ڪيوسين ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته الله جو وعدو سچو آهي، ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ان وقت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ته هنن (غار جي ساٿين - اصحابِ ڪهف) جي معاملي ۾ ڇا ڪجي. ماڻهن چيو ته هن غار تي هڪ عمارت ٺاهيو (ته يادگار ٿئي) جيڪي هنن تي ٿي گذريو تنهن کي سندن پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پر جيڪي ماڻهو هنن جي معاملي تي غالب هئا، انهن چيو، ته (ٺيڪ آهي) اسان ضرور هنن جي مٿان (يا ڀرسان) هڪ عبادتگاه بنائينداسين.
22. ڪي ماڻهو چوندا ته غار وارا ماڻهو ٽي هئا، ۽ چوٿون هو سندن ڪتو، ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ (رڳو ڌڪا ٿا هڻن ۽) غيب جي انڌاري ۾ تير ٿا اڇلائين. ۽ ڪي چون ٿا ته ست هئا، اٺون هو سندن ڪتو. (اي پيغمبر) تون چئه ته انهن جو سچو تعداد ته منهنجو پروردگار ئي بهتر ٿو ڄاڻي، ڇو ته هنن جو حال تمام ٿورا ماڻهو ٿا ڄاڻن... بس تون سرسري ڳالهه کان وڌي انهن جي تعداد جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر، ۽ نه انهن متعلق ڪنهن کان ڪجهه پڇا ڪر. (ڇو جو سندن ڏند ڪٿائون اعتبار جوڳيون ناهن)
23. ۽ ڪا به ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس.
24. (توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو) سواءِ ان جي ته الله چاهي جيڪڏهن ڀُل ۾ اهڙي ڳالهه نڪري وڃي ته يڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪريو. چئو ته اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راهه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو.
25. ۽ (چون ٿا ته) هو (غارجا سنگتي) ٽي سئو سالن تائين غار ۾ رهيا ۽ (ڪجهه ماڻهو مدت جي ان شمار ۾ 9 سال ٻيا به وڌايا آهن.
26. (اي پيغمبر) تون چئه ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مدت رهيا. هو آسمان ۽ زمين جون سڀ لڪل ڳالهيون ڄاڻي ٿو. وڏو ئي ڏسندڙ ۽ وڏو ئي ٻڌندڙ آهي. هن کانسواءِ ماڻهن جو ڪوئي ڪارساز ڪونهي ۽ نه هو پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي به شريڪ ٿو ڪري.
حضور صلعم جن پنهنجي اردگرد جي ماڻهن مڪي جي رهاڪن کي، جيڪي بت پرستيءَ ۾ غافل هئا ۽ هنن هيءَ زندگي عيش عشرت ۾ گذارڻ ۾ ئي سڀ ڪجهه ٿي سمجهيو، تن کي جڏهن پاڻ ڪريم صلعم جن فرمايو ته بت پرستي ڇڏي هڪ الله جي عبادت ڪريو ۽ هيءَ زندگي هڪ امتحان آهي ۽ بيحد مختصر آهي. اصل زندگي مرڻ بعد جي آهي جيڪا هميشه جي لاءِ آهي ۽ جنهن ۾ اسان کي هن زندگي ۾ ڪيل ڪرتوتن مطابق جزا ۽ سزا ملندي.
حضور صلعم جن جون اهي ڳالهيون مڪي جي مشرڪين کي بلڪل نٿي آئڙيون ۽ هنن لاءِ اها ڳالهه اڻ ٿيڻي يا ناممڪن ٿي لڳي ته هڪ انسان جيڪو مري وڃڻ بعد مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿيو وڃي اهو وري ڪيئن جيئرو جاڳندو ٿي اٿندو. مٿي بيان ڪيل اٺين آيت ۾ رب پاڪ اهو ئي فرمائي ٿو ته هن لاءِ هي غار وارن سنگتين جو مثال ڪا وڏي ۽ عجيب نشاني ناهي. يعني ڇا توهان ان خدا جي قدرت کان، جنهن زمين و آسمان کي پيدا ڪيو، ان ڳالهه کي ڏکيو ڪم ٿا سمجهو ته هو ڪجهه ماڻهن کي ٻه ٽي سئو سال سمهاري ڇڏي ۽ پوءِ هنن کي وري اهڙي ئي جوان ۽ تندرست حالت ۾ جاڳائي جنهن ۾ هو ستا هئا؟ جيڪڏهن سج، چنڊ ۽ زمين جي تخليق تي توهان ڪڏهن غور ڪيو هجي ها ته توهان هرگز هي خيال نه ڪيو ها ته خدا جي لاءِ هي ڪو وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي.