سئيڊن جي هڪ مسجد ۾ ....
مالمو (سئيڊن) جتي جي بندرگاهن ۾ ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻ کان علاوه مون ٻه سال يڪا گذاري هتي جي هڪ يونيورسٽيءَ مان جهازن جي انجنيئرنگ ۽ سلامتيءَ سان واسطو رکندڙ هڪ سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجيوئيشن ڪئي اتي منهنجي ڪيترن ئي يورپي نو مسلم عالمن سان ملاقات ٿي. هنن گورن جي ڳالهين ۽ ديني درسن مون کي ڳوٺ جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ مولويءَ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. هتي (مالمو) جي جامع مسجد يورپ جي مختلف ملڪن، خاص ڪري سئيڊن، جرمني، يوگوسلاويا وغيره جي نو مسلم سان ڀريل ڏسي تعجب کائيندو هوس. هي ماڻهو اسان وانگر مسلمان گهر ۾ پئدا ٿيڻ ڪري مسلمان نه ٿيا آهن. هنن، پڙهيل ڳڙهيل ۽ هن مغربي ماحول جي رونق واري ڪلچر ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيڻ وارن يورپين، ضرور هن دين (اسلام) ۾ ڪجهه ته ڏٺو هوندو، ڪجهه ته سمجهيو هوندو تڏهن پنهنجو ڌرم (جيڪو ڪجهه پهرين هون) ان کي ڇڏي اسلام جي دائري ۾ آيا آهن ۽ هو رب پاڪ جي وحدانيت، رسول پاڪ صه جي سنت ۽ ڏينهن قيامت تي يقين رکي عبادت ڪري رهيا آهن. هنن لاءِ هن فاني دنيا کان ٻيو جهان مٺو آهي جنهن ۾ هميشه جي زندگي آهي ۽ اها زندگي سندن هن جهان جي اعمالن مطابق هوندي.
نماز بعد مسجد جي ورانڊي ۾ بينچ تي ويهي پنهنجن بوٽن جا ڪشا ٻڌڻ مهل منهنجي ڀر ۾ ويٺل گوري يورپيءَ سان مذهب تي ڳالهه ڪڍان ٿو. هو ڪنهن ڀر واري يورپي ملڪ جو سئيڊن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارو لڳي ٿو. عمر ۾ مون کان به ڪجهه سال وڏو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻاهر سخت برف باري شروع ٿيڻ ڪري هو مون سان گڏ ويهي رهي ٿو . اوور ڪوٽ مان تسبي ڪڍي ڪجهه پڙهي ٿو. وچ وچ ۾ مون سان ڳالهائيندو به رهي ٿو. هو خوش آهي. هو عبادت ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. ظاهري رنگينين جي باوجود هو هن زندگيءَ ۾ جٽاءُ نٿو محسوس ڪري. هن جو هڪ جملو هن وقت به منهنجي دماغ ۾ Fresh آهي:
“دنيا جي زندگي دراصل امتحان جي زندگي آهي هن امتحان جي لاءِ اسان وٽ فقط ايتري مهلت آهي جيتري زندگي آهي. جيستائين هن دنيا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن وقت کي جيڪڏهن اسان ضايع ڪري ڇڏيو ۽ قرآن ۽ نبي ڪريم (صلعم) جي هدايت تي عمل ڪري امتحان جي ڪاميابيءَ جو سامان تيار نه ڪيو ته پوءِ ٻيو ڪو موقعو نه ملندو. جيڪو هن موقعي مان فائدو نه وٺندو ان کي بعد جي ابدي زندگيءَ ۾ هميشه هميشه پڇتائڻو پوندو.”