باسفورس ترڪيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو .....
ڪڏهن ڪڏهن باسفورس ٽپڻ لاءِ جهاز جي رش هوندي هئي ته اسان پنهنجي جهاز کي کلئي سمنڊ ۾ لنگر انداز ڪرائي ڇڏيندا هئاسين ۽ پوءِ ڀاڙي جي لنگهندڙ ٻيڙين ذريعي استنبول گهمڻ پهچي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته جهاز جي وڏي مرمت هوندي هئي يا استنبول لاءِ گهڻو سامان کڻي ايندا هئاسين ته اسان جهاز وارن کي اسان جي مقامي نمائنده آفيس استنبول جي اوس پاس وارن علائقن کي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪندي هئي.
پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ٽئي مسلمان ملڪ آهن، هڪ ٻئي جي ڀرسان آهن، هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ 1970 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن تائين ته ٽئي ملڪ معاشي طرح ۽ تعليم توڙي ٽيڪنالاجيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا. ايتريقدر جو ٽنهي ملڪن گڏجي هڪ ٻئي جي ترقي ۽ مدد لاءِ RCD ادارو (Regional Cooperation For Development) ٺاهيو هو جنهن تحت ٽنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ بنا پاسپوٽ ۽ ويزا آيا ويا پئي. ٽئي ملڪ هڪ جهڙا خوش حال هئا ان ڪري ڪنهن به ٻئي جي ملڪ ۾ رهي پوڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ٽنهي ملڪن کي ڳنڍڻ لاءِ جيڪو رستو ٺاهيو ويو ان کي اڄ به RCD روڊ سڏيو وڃي ٿو. هاڻ اسان جو ملڪ پئسي ڏوڪڙ ۽ امن امان جي حالتن ۾ باقي ٻين ملڪن کان پٺتي رهجي ويو آهي. سياسي حالتون بهتر ٿيڻ سان اسان جو ملڪ به هنن جهڙو وري ٿي سگهي ٿو. پر ان هوندي به اسان کي احساس هجڻ کپي ته اسان جا ٽئي ملڪ خوش نصيب آهن جن ۾ هر قسم جو اناج، ڀاڄي ۽ ميوو ٿئي ٿو. چار مختلف موسمون آهن. درياءَ، جبل، ميدان، ڍنڍون ۽ جهنگل آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي ملڪن جي وڏي حصي کي سمنڊ ڇهي ٿو جيڪا هڪ سٺي ڀاڳ جي نشاني آهي نه ته سئٽزرلئنڊ ۽ افغانستان جهڙا ملڪ جن کي سمنڊ ناهي انهن کي ٽرانسپورٽ جو ڪيڏو مسئلو ٿو ٿئي. ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ ٽرانسپورٽ هڪ اهم شيءِ آهي.
پاڪستان جي ڌرتيءَ جي وڏي حصي کي عربي سمنڊ ڇهي ٿو ۽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪافي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن جن مان جيواني، گوادر، پسني، ڪراچي ۽ پورٽ بن قاسم اهم بندرگاهه آهن. جيواني ته بلڪل ايران جي بارڊر وٽ ۽ سندن ڇابهار بندرگاهه وٽ آهي. ايتري قدر جو جتي جيوانيءَ ۾ فارسي يا فارسي نموني جي مڪراني عام هلي ٿي اتي ڇابهار جا ڪناري وارا ماڻهو فارسي سان گڏ اردو به ڳالهائين ٿا. عربي سمنڊ ”هندي وڏي سمنڊ“ جو اتر اوڀر وارو حصو آهي. ايران خوش نصيب آهي جو هن کي ٽن سمنڊن جو پاڻي ڇهي ٿو. هيٺ ڏکڻ ۾ ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عربي سمنڊ جو پاڻي ڇهي ٿو ته اتراهين پاسي ڪئسپين سمنڊ آهي. ايراني نار وارو سمنڊ توڙي اسان وارو عربي سمنڊ هڪ ئي وڏي سمنڊ ”انڊين اوشن“ جو حصو آهن ۽ سندن ساڳيو پاڻي ساڳي لوڻياٺ آهي پر تڏهن به هر سمنڊ جي حصي جي پنهنجي موسم ۽ پنهنجي Temprament (مزاج) آهي. منجهن پنهنجي رخ ۽ رفتار جون هوائون (جَهڪن کان طوفانن تائين)، ڪُنون (Under Currents) ۽ ڇولين جي ڇتائي آهي. سانوڻي (جون، جولاءِ ۽ آگسٽ) جي موسم ۾ اسان جو ڪراچي وارو عربي سمنڊ ايڏو ته رف ٿيو وڃي جو جهونن جهازين کي به پگهر اچيو وڃن، جنهن جي مستيءَجو نقشو شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ خوب چٽيو آهي. عربي سمنڊ کان لڳندڙ هوائون ان جي ڪناري وارن علائقن کي فرحت بخشين ٿيون ۽ سياري جي سردي ۽ اونهاري جي گرمي گهٽائين ٿيون پر ڪئسپين ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن جي ڇا ڳالهه ڪجي! بهترين موسم ڪري جتي ماڻهو صحتمند ۽ تازا توانا آهن اتي ڌرتي به سٺا ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ڪري ٿي. دنيا جي سياحن جو رخ ان ڪري اسپين موراڪو، لبنان، اسرائيل، ايران، آذربائيجان، ترڪي يونان جهڙن ملڪن ڏي هوندو آهي.
ايران جا بندرگاهه: بندر امام خميني، بندر بوشهر، بندر عباس ۽ ڇابهار وغيره هيٺ ڏاکڻن سمنڊن ۾ آهن ته رشت، رامسرا، چالوس، امل ۽ ساري بندرگاهه اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن، جتي نه فقط دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا پر ايران جا ماڻهو به موڪلون گذارڻ لاءِ ڪئسپين سمنڊ جو رخ ڪن ٿا. ترڪيءَ جي بارڊر کي به دنيا جا ٽي اهم سمنڊ ڇهن ٿا: ڏکڻ ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean)، اولهه ۾ ايجين سمنڊ ۽ اتر ۾ بحر اسود (Black Sea). ٽنهي سمنڊن جي پنهنجي موسم ۽ مزاج آهي جيڪا صدين کان اميرن توڙي غريبن، بادشاهن توڙي فقيرن کي پاڻ ڏي ڇڪيندي رهي آهي. دنيا جون پراڻيون تهذيبون جتي سنڌو، گنگا، دجله، فرات، نيل جهڙين ندين جي ڪناري تي آباد ٿينديون آيون آهن اتي سامونڊي ڪنارن تي پڻ. ترڪيءَ جا ٽراءِ، ازمير، اِفسوس، بوڊروم، انتطاليا، مرسن، استنبول جهڙا بندرگاهه به اها تاريخي حيثيت رکن ٿا، جيڪا ٺٽو، قاهرو، بنارس، مَلاڪا ۽ مشهدَ وغيره رکن ٿا.
آئون جنهن به جهاز تي رهيس، اهو جهاز سئيز ڪئنال مان ٿي جيئن ئي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آيو ٿي ته يورپ ڏي ويندي يا اتان موٽندي ترڪيءَ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ضرور ڪال ڪيو ٿي. ڪڏهن سامان کڻڻ لاءِ ته ڪڏهن يورپ کان آندل سامان لاهڻ لاءِ. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي مرمت لاءِ ته ڪڏهن اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ. ڇو جو يورپ جي بندرگاهن کان وري به ترڪيءَ ۾ سستائي آهي ۽ ٻيو ته ترڪي اسلامي ملڪ هجڻ ڪري جهاز جا خلاصي سڪون ۾ رهيا ٿي. حلال گوشت يورپ جي ملڪن مان به ملي ويو ٿي پر اسان جا پٺاڻ ۽ مڪراني خلاصي مطمئن نٿي رهيا ته ايم ڪي (Muslim Killed) سرٽيفڪيٽ سان گڏ جيڪو ذبح ٿيل گوشت سپلاءِ ٿيو ٿي اهو واقعي صحيح طرح حلال ٿيل آهي يا نه؟
رومانيا، بلغاريا، روس جي بندرگاهن لاءِ بحر اسود ۾ گهڙڻ لاءِ ۽ اتان موٽندي، ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول ۾ هر جهاز کي ترسڻو پوي ٿو جو بحر اسود (ڪاري سمنڊ) ۾ گهڙڻ لاءِ هڪڙي ئي سوڙهي گهٽي ”باسفورس“ آهي جيڪا ترڪيءَ جي شهر استنبول مان لنگهي ٿي. استنبول ۾ لنگر ڪيرائي هن سامونڊي گهٽيءَ مان لنگهڻ جي نه فقط موڪل وٺڻي پوي ٿي پر مڪاني پائلٽ (سامونڊي جهازن جي تجربيڪار ڪئپٽن) جي به گهُر ڪرڻي پوي ٿي جيڪو اسان جي جهاز کي باسفورس مان پار ڪري بحر اسود ۾ پهچائي يا واپسي تي بحر اسود جي بندرگاهن مان موٽڻ مهل هو اسان کي ان سوڙهي سامونڊي نديءَ مان ڪڍي ايجين (Aegean) سمنڊ ۾ پهچائي جتان پوءِ اسان ڀونچ (Mediterranean) سمنڊ ۾ هليا وڃون. باسفورس مان لنگهڻ ۽ مقامي پائلٽ Hire ڪرڻ جي ڪافي ڳري في ٿئي ٿي جنهن جي ادائگي ته بعد ۾ جهازن جي ڪمپني يا مالڪ ڪري ٿو پر ڪاغذ پٽن تي صحيح اسان کي ڪرڻي پوي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باسفورس جي منهن وٽ يعني استنبول جي ائنڪريج (انتظارگاهه) وٽ ايترا جهاز اچي گڏ ٿيندا آهن جو ٻه ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي..... پوءِ اسان جا ڪي ڪي جهازي بي صبرا پيا ٿيندا آهن ۽ جهونا آفيسر کلي پيا سمجهائيندا آهن ته ”بابا صبر کان ڪم وٺو. ڏسو نٿا ته روس جهڙي طاقتور ملڪ جا جهاز به ڪيئن هٿ ٻڌيو بيٺا آهن. روس هونءَ کڻي وڏو طاقتور ملڪ آهي (خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏهن اهو ٽٽو نه هو) پر هتي ترڪي جهڙي ملڪ کي جيئن وڻي هن جي ٻانهن مروڙي سگهي ٿو. ڇو جو ترڪي وارا جيڪڏهن روس جي جهازن تي باسفورس مان لنگهڻ جي پابندي وجهن ته هو ڇا ٿو ڪري سگهي. روس جي گهڻي ٽين ٽين ڪندو ته ترڪيءَ وارن کي باسفورس مان لنگهندڙ جهازن مان فقط هڪ پنهنجي يا پرائي جهاز تي بم هڻي تباهه ڪرڻو آهي ان بعد جهڙا ميرا جِت تهڙا ميرا تِتِ. جيڪي جهاز بحر اسود سمنڊ ۾ اهي هميشه لاءِ اتي جيڪي ٻاهر سي ٻاهر، باسفورس بلاڪ ٿيڻ تي اهي واپس بحر اسود ڏي موٽي نٿا سگهي. ان ڪري روس جڪ ضرور کائيندو هوندو پر ڪڇي نٿو سگهي. باسفورس پهچي مون کي وتائي فقير جو اهو قصو ياد ايندو آهي. وتايو فقير پهريون دفعو جمعي نماز تي ويو. مولوي صاحب واعظ ڪري رهيو هو ته ”بابا هر شيءِ الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. هن کي جيڪي وڻي اهو ڪري سگهي ٿو“. وتائي فقير رڙ ڪري چيو: ”هوندو! پر هڪ ڳالهه ته منهنجي ماءُ جي هٿ ۾ آهي. وڻيس ته ماني پچائي، وڻيس ته ڀت رڌي“. سو اها ڳالهه ترڪيءَ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن ملڪ کي جهاز کي وڻيس ان کي باسفورس مان لنگهڻ ڏئي.