فوٽوگرافي بابت منجهيل آئون....
آئون ڪو مولوي مفتي نه آهيان. آئون پاڻ پنهنجن مونجهارن ۽ مسئلن جا حل انهن کان پڇندو رهان ٿو. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مون کي فوٽو گرافي به ڪرڻي پوي ٿي بلڪه ننڍي هوندي کان مون کي فوٽو گرافي جو شوق رهيو آهي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ دل چوندي هئي ته پنهنجن ڪلاس ميٽن جا فوٽو يادگار طور رکجن جو انٽر بعد ڪو ڪيڏانهن ڪو ڪيڏانهن هليو ويندو. انٽر ڪري چٽگانگ ۾ تعليم دوران ان بعد جهازي سفرن ۾ سفرناما لکڻ دوران بندرگاهن جي نظارن، جهازن ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ملڻ جا فوٽو ڪڍڻ لڳس. فوٽو ڪڍڻ جو ٻئي ڪنهن هنڌ ته ڪو مسئلو نٿي ٿيو پر پنهنجي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين ٿئي ٿو جو اسان وٽ ڪيترا ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿا جڏهن هنن کي فوٽوءَ لاءِ چيو وڃي ٿو. الله معاف ڪندو جيڪڏهن اهو گناهه جو ڪم مون کان ٿيندو رهيو آهي. پر مون کي سخت مونجهارو آهي ته جيڪڏهن اهو غلط ڪم آهي ته پوءِ اسان جا عالم، مولوي، مفتي وغيره جو ٽي ويءَ تي ايندا رهن ٿا ۽ ڪي ڪي مولوي خاص ڪري رمضان جي مهيني ۾ ته ڏاڍا ڪلف لڳل گونٽي ڪنارين وارا پهراڻ پائي، اکين ۾ ڪجل لڳائي هندي فلمن جي ڌنن تي نعتون ۽ ڪلام پڙهندا نظر اچن ٿا. ڏٺو وڃي ته اها به ته فوٽو گرافي آهي ۽ ٻئي جو ذهني پورهيو (ڌنون) کڻي انهن تي ڳائي پاڻ وڻائڻ ته هڪ چوريءَ جو ڪم ٿيو. نه فقط ايترو پر سجيل سنواريل عورتن سان گڏ ڪچهري يا سوال جواب ڪندي نظر اچن ٿا!
سعودي عرب ۾ منهنجو عربن جي گهرن ۾ رهڻ ٿيو ته مون کي حيرت ٿي ته ڪيترن جي گهرن ۾ ٽيبل ۽ شوڪيسن تي ٻارن ۽ فئملي جا فوٽو نظر آيا. ويندي مديني ۾ آئون پنهنجي عرب دوست سان گڏ هن جي ڀيڻوئي جي گهر ۾ ٻه ڏينهن رهيس. هو پاڙي جي هڪ مسجد جو امام آهي. هن جي گهر ۾ فريمن ۾ فوٽو ڏسي مون ساڻس جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته هن مون کي سمجهايو ته هي فوٽو پوڄا نه پر فئملي يادگار آهن. ايران ۾ دارا، نادر شاهه ۽ ٻين آتش پرست ۽ يوناني حاڪمن جا مجسما ڏسي جڏهن مون پڇيو ته هنن چيو ته هيءَ اسان جي ثقافت جي ياد ڏيارين ٿا.
سوچيان ٿو ته ايراني شيعا ۽ سعودي سني اسان پاڪستانين کان ته دين جي معاملي ۾ وڏي ڄاڻ رکن ٿا. هو نماز ۽ روزي جا سخت پابند آهن. هو شرڪ جي سخت خلاف آهن. اهي جيڪڏهن ڪو ڪم ڪن ٿا ته ضرور مذهب جي ڄاڻ مطابق ڪن ٿا. هروڀرو غلط ڪم ڇو ڪندا. سعودي عرب، ايران توڙي ٻين مسلمان ملڪن جون اخبارون توڙي رسالا ته فوٽن سان ڀريا پيا آهن. ايران منهنجو سڀ کان آخر ۾ وڃڻ ٿيو. اتفاق اهڙو جو منهنجو ڪو به جهاز ڪڏهن به هن اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ نه ويو. سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد مون کي منهنجا شيعا دوست چوندا رهيا ته يار ايران جو به سفرنامو لک. آئون دل ۾ اهو ئي چوندو رهيس ته ڇا لکان؟ توهان جا ايراني ڪٽر مولوي آهن هو مون کي فوٽو ئي ڪڍڻ نه ڏيندا. نيٺ باءِ ايئر ايران روانو ٿيس. هونءَ ٻه ٻه ٽي ٽي ڪئميرائون کڻي نڪرندو آهيان پر ايران ۾ فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هجڻ جو سوچي هڪ کڻي ويس ته متان هوائي جهاز يا ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ڪڍي وٺان. پر يارو ايران وڃي مون کي حيرت ٿي ته مون کي ڪنهن به فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع نه ڪئي. اسان وٽ ڪنهن ملان مولوي جو فوٽو ڪڍڻ وقت يا ويندي ڪنهن جي سونهاري ڏسي هن کان ادب سان پهرين فوٽو جي اجازت وٺي پوءِ فوٽو ڪڍندو آهيان. پوءِ ڪو هائوڪار ڪندو آهي ته ڪو منع ڪندو آهي ڪو ته وري اهڙو ليڪچر ڏيندو آهي جو آئون منهن لڪائڻ ۾ پورو هوندو آهيان.... ۽ شرم کي پرچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي بيعزتيءَ جي احساس کي مٽائڻ لاءِ دل ۾ اهو سوچيندو آهيان ته فوٽو جرنلزم يا فوٽو آرٽيڪل لاءِ اهي سعوبتون ته سهڻيون پونديون. پر ايران ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪيم ته ڪنهن عام ماڻهو ته ڇا ڪنهن ملان مولويءَ به منع نه ڪئي. عام جاين تي ته ڇا پر امام خمينيءَ جي مدرسي ۾ قرآن ۽ قرآن جو تفسير پڙهائڻ وارن عالمن کان بيبي فاطمه معصوما ۽ امام علي رضا جي روزي تي وڏن مولوي مفتين جا به فوٽو ڪڍندو رهيس. هنن منع نه ڪئي ۽ جيئن چيم ٿي ائين بيهي يا ويهي اڪيلي يا مون سان گڏ تصوير ڪڍرائي ٿي. منهنجو مطلب آهي هنن جي سوچ Confused نه هئي.... يعني فوٽو جو پڇڻ تي منجهيا نٿي ته ڪڍائڻ کپي يا نه. سڀني جي هڪ سوچ لڳي.
مرد حضرات ته ڇا پر ايران ۾ مون ڏٺو ته پارڪن ۾، عبادت گاهن ۽ مسجدن ۾، مزارن تي مختلف فئملين ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرين فوٽو ڪڍرائڻ کان انڪار نٿي ڪيو. وڌ ۾ وڌ فوٽوءَ کان اڳ ۾ هنن ٻه منٽ ورتا ٿي جيئن هو پاڻ کي چادر سان ڍڪي سگهن.
منهنجي ”ايران کي دن“ سفرنامي جي جڏهن پهرين ايڊيشن ڪراچيءَ جي هڪ امام بارگاهه وارن ڇپي ته هنن عورتن جا ڍير فوٽو ڏسي مون کان تعجب مان پڇيو ته ائين ڀلا ڇو؟
”ان ڪري ته پڙهندڙن کي خبر پوي ته ايران لبرل ملڪ آهي ۽ جيڪي ايران نه ويا آهن انهن کي مون وانگر دل ۾ نه رهي ته ايراني عورتن کي ڪنهن به قسم جي آزادي ناهي. هو سڄو ڏينهن گهر اندر برقعي ۾ قيد رهن ٿيون....“
بهرحال ايران ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته ايراني قوم هڪ ئي ڳالهه تي سهمت آهي. هو اسان وانگر مونجهاري جو شڪار نه آهن جو اسان وٽ ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪي هڪڙي راءِ ڏيندا ته ٻيا ٻي“.
هڪ دفعي ملائيشيا کان ڪراچيءَ موٽيس ته پنهنجي دوست رشيد کرل سان سندس گهر ملڻ ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ رشيد ٻڌايو ته سندس ڀرواري يعني ڀت جي هن پاسي واري گهر ۾ مشهور شخصيت جنيد جمشيد ٿو رهي جنهن هاڻ پاپ ميوزڪ ۽ ان قسم جون سڀ ڳالهيون ڇڏي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو آهي. مون سندس زندگيءَ ۾ آيل تبديليءَ بابت ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ٻڌو هو. ڪئميرا منهنجي هٿ ۾ هئي سو رشيد کي چيم ته منهنجي خوش نصيبي ٿيندي جي تو وٽ آئي سارو هن سان به ملاقات ٿي وڃي. رشيد سان موڪلڻ وقت رشيد جو پٽ شرجيل يا شايد راحيل مون سان گڏ هليو. جنيد جي گهر جو بيل وڄايوسين ته هو اتي پورچ وٽ ئي بيٺو هو. هو ان وقت گهر پهتو هو ۽ ڪار مان نڪري رهيو هو. شرجيل کيس ٻڌايو ته آئون سندس والد جو دوست آهيان ۽ ليکڪ پڻ. آئون ان وقت اڻ استري ٿيل سٿڻ قميص ۾ اسان جي ڊفينس واري علائقي جي مسجد مان نماز پڙهي رشيد وٽ آيو هوس ۽ مٿي تي هڪ جهٻلي جهڙي آر جي ٽوپيءَ سان عجيب مسخرو لڳي رهيو هوس. جنيد پهرين ته مون کي مٿي کان هيٺ اسپنج جي چمپل تائين ڏٺو ته سندس پاڙي ۾ رهندڙ رٽائرڊ هوم سيڪريٽريءَ جو هي ڪهڙو دوست آهي پر پوءِ نيٺ مطمئن ٿي ويو هوندو ته واقعي اديب يا شاعر ٿو لڳان. جنيد سان ملڻ جي خوشي ۽ Excitement ۾ منهنجو هوش ئي ٺڪاڻي نه هجي. آخر پاڻ کي ڪمپوز ڪري چيومانس ته ”سائين توهان جو وڌيڪ وقت نٿا وٺون بس بيٺي بيٺي توهان سان هڪ ٻه فوٽو ٿي وڃي“ ۽ مون پنهنجي کيسي مان ڪئميرا ڪڍي. پر مون کي حيرت ٿي جڏهن منهنجي ٻه ٽي دفعا Request تي به جنيد راضي نه ٿيو. نيٺ مون اهو سوچي ته ٻي جي عقيدي جو خيال ڪجي. اڳلو فوٽو ڪڍائڻ ۾ خرابي يا گناهه ٿو سمجهي ته هن کي زور نه ڪجي ۽ آئون بان ڪري موٽيس ٿي ته هاڻ رشيد جي پٽ هن کي چيو ته سائين انڪل ملائيشيا کان آيو آهي ۽ هن جي سڄي زندگي ٻاهر گذري آهي. هونءَ توهان فوٽو ڪڍرائڻ خراب ٿا سمجهو ته ٺيڪ آهي پر ٻين سان به ڪڍرايو پيا ته انڪل جي خواهش تي هن سان به کڻي ڪڍرايو“.
رشيد جي پٽ جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته پهرين مون کي صحيح نه لڳو ته هو هڪ نيڪ ماڻهوءَ کي Embarrass ڪري رهيو آهي. هو شايد فوٽو ڪڍرائڻ گناهه جو ڪم ٿو سمجهي ان ڪري هن کي وڌيڪ نه چوڻ کپي پر پوءِ ان وقت مون کي به خيال آيو ته هي جو ٽي وي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان جنيد جو پروگرام پيو اچي اها به ته فوٽو گرافي آهي ۽ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ساڻس سيلفي پيا ڪڍرائين.
بهرحال کيس دل ۾ آيو ۽ پوءِ ڀاڪر پائي مون سان هڪ نه پر ڪئين فوٽو ڪڍرائين.... هو منهنجو اڄ به فئوريٽ هجڻ جي باوجود مون کي ان واقعي جو سوچي ٻه ٽڪا ڏک ٿيندو آهي ته هن مون سان پهرين فوٽو ڇو نه ڪڍرايو! ڇا ائين ته نه آهي ته ڪن سان ڪڍرائڻ گناهه آهي ته ڪن سان بي گناهي! سچي ڳالهه ته اها آهي ته آئون ته اڄ به منجهيل آهيان ته فوٽو ڪڍجي يا نه؟ آئون ٻين تي پنهنجي راءِ هرگز نه ٿاڦيندس. بهتر آهي ته هر ڪو- خاص ڪري جرنلزم ۽ TV سان واسطو رکندڙ، جن لاءِ مضمون ۽ ڪهاڻيءَ سان گڏ فوٽو ڏيڻ لازمي ٿو ٿئي، اهي پاڻ معلوم ڪن ته فوٽو ڪڍڻ يا فوٽو ڪڍرائڻ سٺو ڪم آهي يا ڀَڏو ڪم. آئون هڪ نو مسلم مولوي جي- جيڪو اسان جي ننڍي کنڊ جو نه پر يورپ جو آهي ۽ مون کي ٻاهر مليو ان جي ڳالهه تي سهمت ضرور آهيان.... يا کڻي چئجي ته فوٽو گرافي بابت ٻڌايل هن جي راءِ مون کي دل سان لڳي ٿي ته اها فوٽو گرافي نه پر ان پويان ”نيت“ آهي جنهن تي گناهي يا بي گناهي ٻڌل آهي. جيڪڏهن توهان جي فوٽو گرافي فحاشي يا ڪنهن ٻي خراب نيت تي آهي ته ان ۾ نه رڳو گناهه آهي پر قانوني ڏوهه به آهي.
بهرحال يارو! مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. مون کي ڪو به فالو نه ڪري هر ڪو پاڻ پڇا ڪري پاڻ کي مطمئن ڪري ته اخبارن رسالن لاءِ فوٽو ڪڍڻ ۾ ڪا برائي آهي يا نه. مون به ڪئين مولوين سان ان بابت ڊسڪس ڪيو هوندو. ڪي ته چون هڪ ڳالهه ٿا پر پاڻ عمل الٽو ڪن ٿا. هڪ مولويءَ کي ته توهان به ٽي ويءَ تي ڏٺو هوندو ته ڪيئن هڪ ماڊل گرل جي ڀر ۾ ويهي هن سان خوش ٿي سيلفيون پيو ڪڍرائي..... ويندي پنهنجي ٽوپي لاهي هن کي پيو پارائي ۽ خوب پيو چَهڪي. غريب ماڊل گرل ان قصي بعد جلدي ئي قتل ٿي وئي. سندس ان قتل جي راز جي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي.
ننڍي هوندي مون کي ڳوٺ جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ مُلن ڪڏهن به Impress نه ڪيو. ديني ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجو گهڻو واسطو يورپ جي نو مسلم مبلغن ۽ داعين سان پيو جيڪي اسلام جي ڄاڻ چڱي طرح حاصل ڪري پوءِ مسلمان ٿين ٿا ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه تبليغ ڪن ٿا يعني داعي ٿي رهن ٿا. مون کي ياد آهي ته هڪ اهڙو يورپي نو مسلم منهنجي پڇڻ تي مون کي هي چئي مطمئن ڪندو هو ته هر اها شيءِ جنهن ۾ فحاشيءَ جو پهلو هجي يا ڪنهن جي دل آزاري ٿيندي هجي يا جنهن مان شرڪ ظاهر ٿئي حرام آهي. پوءِ اها چاهي فوٽو گرافي هجي يا مجسمي سازي، چترڪاري هجي يا پينسل ورڪ.
”ڀلا راڳ گانو؟“ مون پڇيومانس.
”سچ ڳالهه اها آهي ته ويندي ٺلهي ڳالهه ٻولهه/ ڪچهري به جيڪڏهن اها مٿئين زمري ۾ اچي ٿي ته حرام آهي“. هن چيو. سئيڊن ۾ تعليم دوران هڪ عيسائي ڪليگ اسان مسلمانن (پاڪستان، سعودي عرب ۽ يمن جي شاگردن) کي چوندو هو ته ”اسان ڪنهن ڪنهن آچر تي ٻه پيگ شراب جا يا بيئر جي بوتل ٿا پيون ته توهان ان کي خراب ٿا سمجهو. صحيح آهي. پر ان کان ته بدتر توهان آهيو جو هر روز ناني ڪنڙو ٺاهي ٻين جي گلا ويٺا ڪريو“.
واقعي گلا هڪ خراب شيءِ آهي جنهن گناهه کان اسان کي بچڻ کپي. توڙي ٻين براين کان به پاسو ڪجي جيڪي اسان جو مذهب يا اسانجو اخلاق منع ٿو ڪري. اڄڪلهه ته هر مسئلي جو اسلامي حل Net تي يعني Online مليو وڃي ان کان علاوه ٽي وي جي مختلف چئنلن تي به وڏي پئماني جا عالم اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ٽي وي تي هڪ اهڙو عالم جاويد غامدي پڇندڙن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو جيڪي هاڻ يوٽيوب تي به موجود آهن. هڪ همراهه غامدي صاحب کان پڇيو:
”ڇا موسيقي، ميوزڪ يا انَٽرٽينمينٽ حرام آهي؟“ غامدي صاحب قرآن شريف جي حوالي سان ڏاڍو سٺو جواب ڏنو، جيڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ رهنمائيءَ لاءِ هتي هوبهو لکي رهيو آهيان:
”الله تعاليٰ سوره اعراف جي آيت نمبر 32 ۾ صاف فرمايو آهي.... پيغمبر کي مخاطب ٿي چيو آهي ته ماڻهن کي ٻڌاءِ.... قُل اِنَما حَرَمَ رَبِيَ الفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنهَا وَما بَطَنَ..... مون کائڻ پيئڻ جي شين کان علاوه فقط پنج شيون حرام ڪيون آهن. پهرين ڇا آهي؟ بدڪاريءَ کي حرام ڪيو آهي. وَالاِثمَ.... حق تلفيءَ کي حرام ڪيو آهي.... وَالبَغيَ بِغَيرِ الحَقِ.... ناحق جان مال آبرو جي خلاف زيادتيءَ کي حرام ڪيو آهي.... وَاَن تُشرِڪُو بِاللهِ مَالَم يُنَزِل بِهه سُلطانا.... الله سان گڏ ڪنهن کي بغير دليل شريڪ ڪرڻ کي حرام ڪيو آهي ۽ پنجون ڇا آهي. وَاَن تَقُولُوا عَلَي اللهِ مَالاَ تَعلَمُونَ.... ۽ الله جي نالي تي ڪا اهڙي ڳالهه چوڻ جنهن متعلق توهان کي علم نه هجي ته اها حقيقت ۾ رب پاڪ فرمائي آهي.
سو اهي فقط پنج شيون حرام آهن. انهن ۾ ڪا شيءِ شاعريءَ ۾ هوندي ته ان کي به روڪيو ويندو، موسيقيءَ ۾ هوندي ته به روڪيو ويندو.... گپ شپ ۾ هوندي ته ان کي به روڪيو ويندو.... اسلام جو Approach هن ۾ به اصول تي آهي.... موسيقي، شاعري، مصوري سڀ حلال آهي سواءِ انهن جي جن ۾ مٿين پنجن شين ما ڪا هجي“، جاويد غامديءَ سمجهايو.
هڪ ٻي ڳالهه. اسان وٽ، يعني اسان جي ننڍي کنڊ ۾ يا کڻي پنهنجي محدود علائقي جي ڳالهه ڪجي ته سنڌي اردو ۾ ڪيترا گانا ته ٺهيو پر غزل ۽ نعتون اهڙيون آهن جيڪي سوز ۽ ساز جي حساب سان ته ڏاڍيون وڻندڙ ۽ پاپيولر آهن پر ڏٺو وڃي ته انهن جو ميسيج صحيح ناهي.
هڪ ڏينهن امر جليل وٽ ويٺو هوس. رمضان جو مهينو هو. ٽي وي تي ٽي ڳائڻيون زبردست ميڪ ۾ هڪ نعت ڳائي رهيون هيون جيڪا ننڍي هوندي کان آئون به ٻڌندو اچان بلڪه منهنجي به فئوريٽ رهي آهي. ان جي ٻولن تي مون به ڪڏهن غور نه ڪيو هو .... شاههِ مدينا، شاههِ، مدينا.... يثرب ڪي والي.....
آئون هنن خوبصورت ڇوڪرين سان گڏ جهونگارڻ لڳس. امرجليل چيو ”الطاف! اسان جنهن تي وڻي ٿو ان تي Blasphemy (توهين رسالت) جو الزام هڻي ان کي سزا ڏيون ٿا. هونءَ ڏٺو وڃي ته هن گاني جا هي ٻول ته ”ساري نبي تيري در ڪي سوالي“.... به ته بلاسفيمي آهي. اسان سڀني کي الله جي در جو سوالي هجڻ کپي.....“
دراصل اسان وٽ ڪيترن جا عقيده صحيح نه آهن. اسان کي دين جي صحيح ڄاڻ ناهي تڏهن ته اسان جا ماڻهو جڏهن مسجدِ نبوي ۾ حضور صلعم جي مقبري اڳيان ٻڪ کڻي دعا گهرن ٿا يا ان جي چوڌاري لڳل ڄاريءَ کي چميون ڏين ٿا ته سعودي شرطو (گارڊ) لڪڻ هڻي اسان کي منع ڪري ٿو ته جيڪو گهرڻو اٿانوَ ڪعبي ڏي منهن ڪري الله کان گهرو. پر اسان وٽ ان ڳالهه جي ماڻهن کي سمجهه نه آهي. سمجهه جي هجي ته اسان ”ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منهنجييون تو پڄائيون“ تي ڇو جهمريون هڻون. ڀَٽ تي وسئي نور“ تائين ته ڳالهه صحيح آهي پر ”منهنجيون تو پڄايون“ ته صحيح ناهي. دل جون مرادون، دعائون، خواهشون ته رب پاڪ پڄائڻ وارو آهي. مون جيڪا شاهه لطيف جي شاعري پڙهي آهي ان حساب سان ته سوچيان ٿو ته ان قسم جا شعر ۽ گانا ٻڌي شاهه لطيف جي روح کي راحت ته هرگز نه ايندي هوندي. بلڪه اڄ جي شاهه لطيف قبر مان جيئرو ٿي نڪري اچي ۽ پاڻ بابت اهو ٻڌي ته ڳائڻ واري کي خوب دڙڪا ڏئي ته مون ته پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو ئي سبق ڏنو ته ”تون ڏئين تون لاهين ڏاتر کي ڏکندن..... يا تون طبيب تون حبيب تون دردن کي دارون.... ڦڪيون به تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ڪرين انهن کي.....“ بهرحال اهو مان ملائيشيا، انڊونيشيا، سعودي عرب، ڪويت يا ٻين مسلمان ملڪن ۾ نه ڏٺو جيڪو اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ عام آهي ته اسان فاني انسانن کي، توبه نعوذ باالله، رب جو درجو ڏيون ٿا ۽ انهن کي داتا، گنج بخش، غريب نواز، مشڪل ڪشا وغيره وغيره سڏيون ٿا. اسان جون اهي ئي ڪوتاهيون ۽ ڪچا عقيدا آهن جن جي ڪري ٻين ملڪن جا ماڻهو اسان کي ٽوڪين ٿا ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون جو اسان ان حد تائين شرڪ ڪريون ٿا.
دراصل اسان پنهنجي قرب، محبت ۽ عزت جي حد کي ايترو وڌايو ڇڏيون جو شرڪ جي ليول تي پهچيو وڃون. هڪ شاعر، هڪ ليڊر، درويش، فقير، پير مرشد، پيغمبر کي خدا جو درجو ڏئي وهون ٿا. اهو ئي ته غلط ڪم عيسائين ڪيو. حضرت عيسيٰ عظيم پيغمبرن مان هڪ آهي هن ڪڏهن خدائيءَ جي دعوا نه ڪئي. پر هن جي قوم عيسائي هن کي خدا يا خدا جو پٽ سمجهڻ لڳي. بائيبل جي ڪنهن به ڇاپي ۾ ڪنهن هنڌ به اهو لکيل نه آهي، يا حضرت عيسيٰ چيو هجي، ته آئون خدا آهيان منهنجي عبادت ڪريو. بائيبل ۾ مختلف هنڌن تي جيڪي مختلف آيتون (Verses) آهن، اهي هن ريت آهن ته:
My Father is Greater than I
(منهنجو والد، منهنجو خدا مون کان وڌيڪ عظيم آهي).
My Father is greater than all
(منهنجو خدا سڀني کان وڌيڪ عظيم آهي)
I Cast out devil with the spirit of God.
(آئون شيطانن کي ڀڄايان ٿو ته الله جي مدد سان) سو عيسائين جي اها غلط فهمي آهي جو هنن جا ٻاوا Priest هنن کي اهو ئي ٻڌائين ٿا ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ هو. ۽ انهي قسم جون غلطيون اسان جا ماڻهو ڪندا رهن ٿا.