ڪيڏا اهم ماڻهو ۽ قصا وابسته آهن ....
روس طاقتور ملڪ ضرور چئي سگهجي ٿو ۽ هن جي هر ڳالهه ضرور هلندي هوندي پر سائين باسفورس مان لنگهڻ جي مرضي فقط ترڪيءَ جي هلي ٿي. بهرحال اسان جهاز وارن کي باسفورس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٻه ترسڻ ۽ گهمڻ لاءِ به ملي ويا ٿي. اهڙي طرح ترڪيءَ جي ٻين بندرگاهن ۾ پڻ. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته ترڪيءَ جو هي پاسو پڻ شام، عراق، ايران ۽ انڊيا پاڪستان وانگر ڪيڏي تاريخي حيثيت رکي ٿو. هتي جي ثقافت ڪيڏي آڳاٽي آهي.... ڪيڏا اهم ماڻهو ۽ قصا هنن پٽن سان وابسته آهن.
ترڪيءَ جي بندرگاهه بوڊروم (Bodrum) ۾ صبح پهر اچي لنگر ڪيرايوسين. ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي. فنشڊ وٿ انجن (FWE) جي ٽيليگرام ملڻ بعد جهاز جي مين انجڻ بند ڪري جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيٺس ۽ نظارو پسڻ لڳس. قدرت ڇا ته هن ڌرتيءَ کي سونهن بخشي آهي! اسان جي ڪاغان ۽ چترال جهڙو سهڻو، هي بندرگاهه آهي. چٽگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ تعليم دوران اسان جو هڪ انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن ترڪيءَ جي هن بندرگاهه جي تعريف ڪندو هو. هو ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ هن بندرگاهه ۾ سال ڏيڍ رهيو هو. مون وري غور سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. بندرگاهه جا مزور ۽ اسانجا خلاصي گڏجي جهاز جي گئنگ وي (ڏاڪڻ) هيٺ لاهڻ لڳا هئا، جيئن جهاز جي عرشي (Deck) تان هيٺ لهي سگهجي. جهاز جو ڊيڪ يعني عرشو بندرگاهه جي فرش کان ڪافي مٿي ٿئي ٿو. اٽڪل ڏهه فٽ کن، ۽ جي جهاز خالي آهي ته اهو اڃان به اتاهون ٿئي ٿو. جهاز مان لهڻ يا جهاز تي چڙهڻ واري هن ڏاڪڻ کي جهازي لغت ۾ Gang Way سڏجي ٿو. هن ڏاڪڻ جي تري ۾ چار ڦيٿا ٿين ٿا جن تي اها بندرگاهه جي جيٽيءَ تي گسڪندي رهي ٿي. سامان سان سڄو جهاز ڀرڻ تي جهاز ايترو ته سمنڊ اندر هليو وڃي جو جهاز جو ڊيڪ بلڪل جيٽيءَ جي ليول تي پهچيو وڃي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ هيءَ ڏاڪڻ اڀي هجڻ بدران ليٽيل رهي ٿي ۽ ڪو چاهي ته ڏاڪڻ بنا ڊيڪ تان ٽپ ڏئي جيٽيءَ تي لهي سگهي ٿو.
ڏاڪڻ (Gang Way) جي لڳڻ بعد، مختلف گاڏين ۾ آيل اميگريشن، ڪسٽمس، ميڊيڪل جو عملو ۽ اسان جي مڪاني آفيس جا ماڻهو ۽ جهاز لاءِ سامان مهيا ڪندڙ شپ چانڊلر، ورڪ شاپ وارا ۽ تيل پاڻي سپلاءِ ڪرڻ وارا ايجنٽ مٿي چڙهڻ لڳا. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي ”اميگريشن“ جو عملو جهاز ۾ موجود ماڻهن جا سفري ڪاغذ، پاسپورٽ، CDC وغيره چيڪ ڪري ٿو ته ڪو غيرقانوني ته نه آيل آهي. ان بعد ”هيلٿ کاتي“ جا ڊاڪٽر اسان جي صحت جي ڄاڻ وٺن ٿا ته اسان ۾ ڪو اهڙو ته ناهي جنهن کي ڪا وچڙندڙ بيماري هجي، جيڪا بيماري ڪناري تي رهندڙ صحتمند ماڻهن کي لڳي وڃي. ان بعد ”ڪسٽمس وارا“ چڪاس ڪن ٿا ته جهاز تي ڪهڙو ڪارگو ۽ ان ۾ موجود ماڻهن وٽ ڪهڙو سامان ۽ ڪيترا پئسا آهن. ڪنهن وٽ جيڪڏهن ان ملڪ جي قانون مطابق گهڻو سامان آهي ته ڪسٽمس آفيسر ان جو فالتو سامان جهاز جي بانڊ اسٽور ۾ Seal ڪري ڇڏين ٿا جيئن هو ڪناري ڏي کڻي نه وڃي سگهي. جهاز جي روانگي (Sail ڪرڻ) مهل ان بانڊ اسٽور کي کوليو وڃي ٿو ۽ سامان واپس ڪيو وڃي ٿو.
آئون هڪ دفعو وري پنهنجي نيويگيشن جي ماهر انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن جو سوچڻ لڳس ته هو اسان جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ اچڻ کان اڳ ههڙي بودروم جهڙي خوبصورت بندرگاهه ۾ رهيو. پر هن ”بودروم“ کان گهٽ سهڻو بنگلاديش جو بندرگاهه ”چٽگانگ“ به ته نه آهي. اسان سنڌ جي نيم بياباني پَٽن جي رهواسين لاءِ چٽگانگ جي ساوڪ ۽ هر وقت مينهوڳيءَ واري موسم حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي. پر نه. اسان جي انگريز پروفيسر کي چٽگانگ پسند نه آيو هوندو. چٽگانگ ترڪيءَ جي هن بندرگاهه بودروم (Bodrum) وانگر سرسبز سائو ضرور آهي ۽ ڪئپٽن واٽڪنسن اسان جي واهه واهه ڪرڻ تي چٽگانگ، يعني بنگال لاءِ واهه واهه ضرور ڪندو هو پر پڪ اٿم ته پٺيان انگلينڊ ۾ ڇڏي آيل فئمليءَ کي ضرور لکندو هوندو ته هي (چٽگانگ) ڪو شهر آهي؟ جتي 90 سيڪڙو کان مٿي گهم آهي، جتي رگهه ۽ گرمي آهي، جتي ڏينهن جو پاڻمرادو ڦٽجندڙ گاهه (Love Grass) جا ڪنڊا پتلون جي پانچن ۾ ڦاسي ٽنگن ۾ خارش ٿا پيدا ڪن ۽ رات جو مڇر ٿا پٽين. ٿڌن ملڪن جي بهترين ميوي: صوف، موسمي ۽ انگورن بدران ڪٺهل، انناس ۽ گيدوڙي جهڙو چِيپ فروٽ ٿئي ٿو... اهو سوچي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي، جيڪا ان وقت منهنجي اڳيان لنگهدڙ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم محسوس ڪري مون کي ٽوڪيو... ”مَنُو! ڪنهن جو سوچي کلي رهيو آهين؟“
درٻيلي جو هي ڪئپٽن مخدوم ان وقت جهاز جو چيف آفيسر هو يعني ڪئپٽن کان هڪ رئنڪ هيٺ فرسٽ نيويگيٽر هو ۽ آئون به چيف انجنيئر کان هڪ رئنڪ هيٺ سيڪنڊ انجنيئر هوس. ٻنهي جو Sea Time مڪمل ٿي ويو هو. يعني ان رئنڪ تي Sail ڪندي (جهاز هلائيندي) 21 مهينا ٿي ويا هئا ۽ هاڻ پروموشن لاءِ ٿيندڙ امتحان لاءِ تياري ڪري رهيا هئاسين.
”يار پنهنجي انگريز پروفيسر جو سوچي رهيو آهيان ته پاڻ کي پڙهائڻ کان اڳ هو هن جنت جهڙي ڌرتيءَ تي هو...“ مون چيو.
”ڪير ڪرنل ڪومبس؟“ مخدوم حيرت مان پڇيو.
”نه يار. اهو انگريز پرنسپال ته پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي جهنگلن ۾ رهيو هو... اهو ملائيشيا ۾ ئي ياد اچي سگهي ٿو. چٽگانگ مئرين اڪيڊميءَ واري انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪو هتي بودروم ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد 1963 ۾ پاڻ کي پڙهائڻ لاءِ چٽگانگ آيو هو....“
احمد حسين مخدوم کي شايد ان ڳالهه جي خبر نه هئي جو هن تعجب مان پڪ ڪئي. ”ريئلي؟“
”سئو سيڪڙو.“ مون وراڻيو ۽ هڪ دفعو وري نوستلجيائي انداز ۾ ماضيءَ جو سوچي مخدوم کي چيو: ”اهو سوچي ڪيترو ته عجيب لڳي ٿو ته ڪجهه ڏهاڪا سال اڳ اسان جو پروفيسر- نيويگيشن جو ڄاڻو، جنهن جا نيويگيشن تي لکيل ڪتاب اڄ به دنيا جا جهازي پڙهن ٿا، اهو ڪئپٽن واٽڪنسن هن بندرگاهه ۾ رهيو ۽ هن ڌرتيءَ تي واڪ ڪيو....؟“
احمد حسين ٽهڪ ڏيندي چيو ”يار! تون فقط 24 سال کن اڳ هتي رهندڙ جو پيو سوچين جنهن جا ڪتاب فقط اسان جهازران پڙهون ٿا. ان جو نٿو سوچين جييڪو 24 سئو سال اڳ- يعني عيسوي سن کان به 450 کن سال اڳ ۽ سڪندر اعظم جي ڄمڻ کان هڪ سئو سال اڳ، هتي رهي ويو ۽ جنهن ڏاهي ۽ تاريخدان جا ڪتاب سڄي دنيا پڙهي ٿي ۽ هو تاريخ جو ابو سڏيو وڃي ٿو......“.
”واهه جي ڳالهه ڪئي“، مون جواب ڏنومانس، ”مون کي به گذريل سفر ۾ جڏهن ازمير آيا هئاسين ته جهاز تي ڏنل دعوت ۾ هڪ ترڪ پروفيسر ٻڌايو هو ته قديم يوناني مورخ هرودوت Herodotus جيڪو قبل مسيح 484 ۾ ڄائو ۽ 60 ورهين جي ڄمار ۾، سن 425 ق. م وفات ڪيائين، هن بندرگاهه بودروم ۾ رهندو هو“.
واقعي هي شهر بودروم بصري ۽ بغداد وانگر، بنارس ۽ قاهري وانگر آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي جنهن ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون تاريخي هستيون رهيون جن ۾ ترڪ به هئا ته يوناني به. دراصل ترڪيءَ جو هي حصو يونان جي ڪناري کان پري ڪونهي. هي ملڪن جون سرحدون ته هاڻ ٻن ٽن صدين دوران ٿيون آهن نه ته اڄ جو يونان ۽ ترڪي هڪ ئي پَٽ هو. انهن جي وچ واري سمنڊ ۾ ڪيترائي ٻيٽ شيشي جي ڀڳل جڳ جي ٽڪرن وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ ڪيترن ٻيٽن تي اڄ جي دور ۾ به مونجهارو آهي ته اهي ترڪيءَ جا آهن يا يونان جا!
هن شهر بودروم (Bodrum) جي هڪ ٻي اهم شخصيت جنهن کان اسان جا تاريخ جا شاگرد به واقف هوندا ”طرغت پاشا“ آهي. هتي جا ترڪ ۽ يوناني هن کي ”ترگت رئيس“ ٿا سڏين. هو وڏو قابل جهازران ۽ جنرل هو. هن جي ڏينهن ۾ يورپ پاسي اهم سمنڊ ڀونچ (ميڊيٽرينين) ئي هوندو هو ۽ ترگت (جنهن کي اوسي پاسي جي ملڪن جا درگت به سڏين ٿا) نيويگيشن جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن هنر ۾ هن کي يورپي به مڃين ٿا. هن لاءِ هڪ فرينچ ائڊمرل جو هي قول مشهور آهي ته:
(Turgut Reis is a living chart of the mediteranean sea, skillful enough on land to be compared to the finest generals of the time. No one was more worthy than to bear the name of king)
طرغت پاشا ”سلطنت عثمانيه“ لاءِ ڪيتريون ئي بحري سوڀون ماڻيون. هو ميڊيٽرينين سمنڊ جو بي تاج بادشاهه هو. پاڻ 1485ع ۾ هن شهر بودروم ۾ ڄائو ۽ 80 روهين جي ڄمار ۾ 1565 ۾ وفات ڪيائين. تاريخ ۾ هن جو تعارف هنن لفظن سان ڪيو وڃي ٿو ته Turgut Reis, Known as, the Drawn Sword of Islam, Was a Famed, Respected & feared Muslim Ottoman Naval Commander of Greek Descent) هن جي اڳواڻيءَ ۾ سلطنت عثمانيه جي حڪومت اتر آفريڪا کان وڃي نڪتي. هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي آهي. هن تي ڪيترائي ناول ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. بهرحال آئون اهو سوچي حيرت ٿو کان ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اسان جو هي جهاز، هِن بودروم بندرگاهه ۾ هجڻ ڪري اسان جي هن شهر جي گهٽين ۽ روڊ رستن تي هلڻ ٿيندو جن تان اڄ کان 500 سال اڳ هي مشهور ماڻهو هليو چليو...
ترڪيءَ جو تاريخي بندرگاهه بودروم ....
هن بندرگاهه بودروم سان واسطو رکندڙ اهم ماڻهن جي هڪ ڊگهي لسٽ ٿي سگهي ٿي. جهازي دنيا سان واسطو رکڻ ڪري مون کي ته کڻي طرغت پاشا ياد اچي ويو تنهن لاءِ به جڏهن مڪاني ماڻهن بار بار ٻڌايو ته مون هن بابت هِتي هُتي پڙهيو ته معلوم ٿيو ته ڇا ته ماڻهو هو. هن ۾ ڇا ته خوبيون ۽ قابليتون هيون. هڪ اديب جي حيثيت ۾ ترڪي جي هڪ مشهور اديب خليقرناس باليقجسيءَ جو نالو به ڌيان ۾ اچي ٿو جيڪو 1886 ۾ هتي بودروم ۾ ڄائو ۽ 87 سالن جي ڄمار ۾ سن 1973ع ۾ وفات ڪيائين. يعني هن جي وفات اسان جي هن بندرگاهه ۾ اچڻ وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ئي ٿي. 1973 کان اڳ ۽ پوءِ وارا سال ئي ته اسان ترڪي جي هن ايجين سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ ايندا ويندا رهياسين. ترڪي زبان ۾ هن ڪيترائي ناول، افسانا، مضمون ۽ سفرناما لکيا. سندس اصل نالو جواد شاڪر قبا اغجلي آهي. خليقرناس باليقجسي سندس ادبي/ قلمي نالو آهي. جنهن جي معنيءِ آهي ”خليقرناس جو مهاڻو“. ياد رهي ته بودروم جو اصل نالو خليقرناس هو. ترڪيءَ جا ماڻهو اسان جي شيخ اياز، فراز ۽ فيض احمد فيض وانگر پنهنجي هن شاعر جي وڏي عزت ڪن ٿا. مون کي اڃان تائين سندس ڪو انگريزي ترجمو نه ملي سگهيو آهي جو کڻي پڙهان. انگريزيءَ ۾ ضرور هوندو... مون به ڪا دل سان ڳولا نه ڪئي آهي ۽ نه هن عمر ۾ پڙهڻ چاهيندس پر ادب جي نوجوان شاگردن کي صلاح ڏيندس ته ترڪيءَ جي هن اديب جو ڪو ڪتاب ضرور پڙهن... سندس هيڏي جو تعريف هلي رهي آهي سو ضرور سٺو اديب هوندو.
ڳالهه اديبن ۽ شاعرن جي نڪتي آهي ته هڪ ٻئي مشهور ترڪ شاعر ”ذڪري مورن“ جو به نالو کڻندو هلان جنهن جو پڻ ترڪيءَ جي هن تاريخي علائقي بودروم سان واسطو هو. پاڻ 1931ع ۾ استنبول ويجهو برصا (Bursa) شهر ۾ ڄائو ۽ 1996 ۾ ازمير ۾ وفات ڪيائين. زندگيءَ جو وڏو حصو هُن هن بندرگاهه بودروم ۾ گذاريو جتي سندس ياد ۾ ترڪ حڪومت ”ذڪي مورن آرٽ ميوزيم“ ٺهرايو آهي. ذڪي مورن نه فقط شاعر هو، پر هڪ پاپيولر ڳائڻو ۽ ائڪٽر پڻ هو. هن ترڪي ٻوليءَ جي ويهارو کن فلمن ۾ نه فقط اداڪاري ڪئي آهي پر انهن جي ميوزڪ به ڪمپوز ڪئي آهي. سندس ترڪي ٻوليءَ جو هڪ ڪتاب The Quail Rain جي نالي سان انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته ايجين سمنڊ جي هنن ڪناري وارن ترڪي جي بندرگاهن ۽ شهرن ۾ نه فقط اهم ماڻهو رهي چڪا آهن پر تاريخ جي شاگردن لاءِ ڪيتريون ئي نيون توڙي پراڻيون عمارتون ۽ کنڊهر پڻ موجود آهن. ترڪيءَ جي جاگرافيائي طور تمام بهترين پوزيشن آهي. هڪ طرف عراق، شام ۽ ايران سندس پاڙيسري ملڪ آهن ته ٻئي طرف آذربائيجان، آرمينيا ۽ جارجيا آهن. کاٻي پاسي بلغاريا ۽ يونان سان ڳنڍيو پيو آهي. اتر ۾ بحر اسود جهڙو اهم سمنڊ اٿس ته ڏکڻ ۾ ايجين سمنڊ- جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ جو ائين حصو آهي جيئن اسان جي ملڪ جي ڪنارن کي ڇهندڙ عربي سمنڊ، هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي.
آب هوا توڙي ميون ۽ ڀاڄين کان ميڊيٽرينين سمنڊ اڄ نه پر صدين کان بهترين ۽ God Gifted سمجهيو ويو ٿي. ۽ هن سمنڊ جو اهو حصو جيڪو يونان ۽ ترڪيءَ کي ڇهي ٿو ”ايجين سمنڊ“ سڏجي ٿو. جنهن جي موسم ۽ پاڻي بهترين سمجهيو وڃي ٿو. هتان لنگهندڙ ۽ ”اڄ جي ترڪيءَ“ جي هنن پٽن تي ايندڙ مرد توڙي عورتون، فقير توڙي بادشاهه هتي جي قدرتي سونهن ۽ اهم جاگرافيائي هنڌ جي سڳنڌ مان سراپجي ويا ٿي. اڄ به ايجين سمنڊ جي ڪناري جو پنهنجو حسن ۽ سحر انگيزي آهي تڏهن ته يورپ جا گورا به پنهنجن گورن جا ملڪ ڇڏي موڪلون ملهائڻ لاءِ ترڪيءَ جي هنن ايجين سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ اچن ٿا.... ڪي آرام لاءِ ته ڪي قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ.... ڪي ناچ گانا، شراب شباب ۽ مساج پارلرن لاءِ ته ڪي تاريخي عمارتون ڏسڻ لاءِ.
اڄ جي مادرن دنيا کي ڇڏيو. عيسوي سن کان ڪجهه صديون اڳ ۽ ڪجهه صديون پوءِ وارن ڏينهن جا جيڪي ست عجوبا هئا انهن مان هڪ موسولس (Mausolus) جو مقبرو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Tomb of Mausolus يا Mausoleum at Halicarnassus سڏين ٿا. اهو هتي ترڪيءَ جي شهر بودروم ۾ آهي. دراصل بودروم جو اصل نالو ”هاليڪارناسو“ هو. هي مقبرو عيسوي سن کان ٽي صديون اڳ يونانين پرشن سلطنت ۾ ٺاهيو هو ۽ اهو Seven Wonders of the Ancient World جو هڪ عجوبو مڃيو وڃي ٿو.
ايران ترڪي سان ائين مليو پيو آهي جيئن پاڪستان انڊيا سان ۽ ايرانين جي سلطنت هڪ طرف ترڪي ۽ روم جي بارڊر سان لڳي ٿي ته ٻي طرف ڪابل قنڌار ۽ سنڌ سان. وچ ۾ سڪندراعطم جي فتحيابي بعد ڪجهه عرصو يونانين جي حڪومت رهي پر پوءِ وري آتش پرست ۽ بعد ۾ مسلمان ايرانين جي رهي. هن مقبري کي فارسي ڳالهائڻ وارا ”آرامگاهه هاليڪارناسوس“ ۽ عرب ”ضريح موسولوس“ سڏين ٿا. ان زماني ۾ لاريون موٽرون يا هوائي جهاز نه هئا. ماڻهو اٺن، گهوڙن، بيل گاڏين، خچرن ۽ ڪاٺ جي سڙهن وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪندا هئا. ترڪيءَ سان جيئن ايران مليو پيو آهي تيئن شام (Syria) آهي. اهو ته اسان تاريخ ۾ به پڙهيو آهي ته حضور صلعم جن مڪي کان شام واپار جي سلسلي ۾ ويندا هئا.... ۽ مڪي جا ٻيا ڪيترا عرب سوداگر شام کان ٿورو اڳيان ترڪي جي هنن سامونڊي ڪنارن تي به ضرور ايندا هوندا ۽ هن مقبري کان واقف هوندا. عرب توڙي پرشن (جن کي هاڻ اسين ايراني سڏيون ٿا) عراق ۽ شام مان ٿيندا ترڪي جي ڀونچ سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ پهچندا هوندا ۽ ادانا، مرسن، انطاليا شهرن/ بندرگاهن مان ٿيندا ايجين (Aegean) سمنڊ وارن بندرگاهن: بودروم، ايفسوس ۽ ازمير کان اچي نڪرندا هوندا. انهن ملڪن ۽ بندرگاهن جا ترڪ ۽ يوناني مڪي مديني، شام عراق ۽ ايران کان آيل سوداگرن سان قصا ڪهاڻيون Share ڪندا هوندا. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي ريڊيو يا اخبار رسالا ته نه هئا. ماڻهو ايندڙ ويندڙ مسافرن کان خبر چار وٺي هوشيار ٿيندا هئا. پوءِ جيڪو گهڻيون خبرون ۽ ڄاڻ حاصل ڪندو هو اهو ڳوٺ جو ڏاهو ۽ سياڻو سڏيو ويندو هو.
ازمير (Izmir) هن تر ۾ ترڪيءَ جو وڏو بندرگاهه آهي ۽ استنبول ۽ انقره بعد ازمير ترڪيءَ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. ايندي ويندي اسان جهاز کي مرمت ۽ راشن پاڻيءَ لاءِ ”ازمير“ ۾ ترسائڻ ۾ بهتري سمجهندا هئاسين، جو هن بندرگاهه ۾ يورپ جي بندرگاهن وانگر جهاز ۽ ان جي انجڻ جي مرمت جون سهولتون هيون ته مشرق جي اسلامي ملڪن جي بندرگاهن وانگر اسان کي حلال گوشت به ملي ويو ٿي. ايجين سمنڊ جي ڪناري واري ترڪيءَ جي هن بندرگاهه ازمير جي آب هوا، ميون ڀاڄين ۽ ماڻهن جي سونهن جي اڳئي تعريف ڪري چڪو آهيان. جيئن عربي سمند جي ڪناري تي ممبئي ۽ ٻئي نمبر تي ڪراچي وڏو شهر آهي، تيئن ايجين سمنڊ تي به ٻه وڏا شهر/ بندرگاهه آهن. ”ازمير“ ڪراچيءَ وانگر ٻئي نمبر تي آهي ۽ پهرين نمبر تي وڏو بندرگاهه يونان جو ”اٿينس“ آهي. اٿينس ۽ ازمير سڏ پنڌ تي آهن. اسان کي ڪڏهن اٿينس وڃڻو هوندو هو ۽ اتي سامان تيار نه هوندو هو تي اٿينس جي بندرگاهه ٻاهران انتظار ڪرڻ بدران اسان ازمير جي ائنڪريج تي ئي ترسندا هئاسين. 1960 واري ڏهاڪي وارا سال هئا... جتي ڪٿي بهتر حالتون هيون... اڄ واريون ڪسٽمس ۽ اميگريشن واريون ايتريون سختيون نه هيون ۽ نه ئي ويزائن جا چڪر. جپان هجي يا لنڊن ــــــ ان شهر جي ايئرپورٽ تي پهچي ويزا جو ٺپو اتان هڻائبو هو. ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ ته ڪڏهن ويزا جو ٺپو لڳرائبو هو ته ڪڏهن نه.... ڳالهه مڙيئي ساڳي سمجهي ويندي هئي.
بهرحال ازمير بندرگاهه ۽ اوسو پاسو اڄ ته خوبصورت آهي ئي پر ان زماني ۾ به اسان جي دل وٽان شهر هو. اسان جو جهاز ازمير ۾ به گهڻا ڏينهن بيهندو هو، ۽ ازمير گهمڻ مان دل ڀرجي ويندي هئي ته ان جي چوڌاري پسگردائيءَ جي ڳوٺن سيلچوڪ، ايفسوس (Ephesus)، ڪوش آداسي (Kusadasi) ايدين (Aydin) هليا ويندا هئاسين. جيئن ڌارين ملڪن جا جهازي ڪراچي گهمي گهمي پوءِ لانڍي، ملير، ماريپور، منگهوپير- ويندي ٺٽي پيا ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي صدر تائين محدود هئي. ماڙيپور، ملير وغيره ڏورانهان ڳوٺ لڳندا هئا، اهري طرح ترڪي جا ايفسوس، ڪوش آداسي وغيره ازمير کان پري هئا. ازمير جي ڀر وارا ڳوٺ ڪراچيءَ جي ملير وانگر رڳو صوفي ٻيرن ۽ زيتونن کان مشهور نه هئا، پر اهي تاريخي جاين کان وڌيڪ مشهور هئا ۽ اڄ به آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جهاز جي نوڪري وارن شروع جي سالن ۾ جڏهن تاريخ کان اڻ واقفيت هئي، نوجواني هئي... اسان کي کنڊهرن ۽ تاريخي شين وارو نه ڀنڀور ۽ ڪوٽڏيجي وڻيو ٿي ۽ نه بودروم ۽ ايفسوس.