موت ناهي مهڻو
ننڍپڻ جا ڪجهه سال..... ستين ڪلاس تائين، پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ گذاريم جتان ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد ناناڻن وٽ وڃڻ ٿيندو هو ان بعد وڏو عرصو جهڙوڪر ڳوٺ کان ٻاهر ئي رهڻ ٿيو...... پيٽارو.... ان بعد وڌيڪَ تعليم لاءِ چٽگانگ مشرقي پاڪستان (جيڪو هاڻ الڳ ملڪ بنگلاديش نالي آهي)، مالمو (سئيڊن) يا نوڪري دوران سمنڊ تي جهاز هلائڻ ۽ مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي رهڻ ۽ ان بعد ڪناري جي نوڪري جي سلسلي ۾ ڪويت، جپان ۽ وڏو عرصو ملائيشيا ۾ رهڻ...... ان بعد ئي پنهنجي ملڪ جو رخ ڪيم. هاڻ وڏي عمر ڪري ادبي محفلن ۾ وڃڻ نٿو پڄي نه ته سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ شپ يارڊ وارن ڏينهن ۾ توڙي جهاز جي نوڪري ۾ جڏهن به جهاز ڪراچي ايندو هو ته پنهنجن اديب دوستن: نسيم کرل، امر جليل، قمر شهباز، نوردين سرڪي، تاجل بيوس، طارق اشرف، غلام نبي مغل، استاد بخاري وغيره وغيره سان ملڻ لاءِ هلي ملي ڪراچي توري حيدرآباد يا دادو ويندو هوس. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت ۽ سِگا جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪندو هوس.
سنڌ ۾ اسان جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ نه ايترا مدرسا هئا ۽ نه عالمِ دين جيترا اڄ ڪلهه نظر اچن ٿا. وڌ ۾ وڌ قرآن پڙهڻ لاءِ گهٽيءَ ۾ کُٿاب هو جتي بنا معنيٰ ۽ تفسير سان پڙهايو ويو ٿي. صحيح تلفظ نه سکڻ ڪري پنجاهه سالن جي عمر بعد وري پڙهڻو پيو. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه چئبي جو هڪ اديب ۽ مطالعي جو شوقين ٿي اڙدو، سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ته هزارين ناول پڙهندو رهيس پر قرآن صحيح طرح نٿي پڙهي سگهيس. ڪنهن سان ڳالهه به نٿي ڪيم ۽ وڏي عمر ۾ ڪنهن وٽ پڙهڻ ۾ شرم ٿي آيو. پوءِ الله ڀلو ڪري منهنجي هم عمر عدنان ڪيهر ۽ سئي گئس جي چيف انجنيئر عبدالشڪور ميمڻ جو جن کي مسجد ۾ بابن کان وري نئين سنئين قرآن شروع ڪندو ڏسي منهنجو به شرم ۽ ندامت جو احساس ختم ٿيو ۽ مون به قرآن جو شروع کان سبق وٺڻ شروع ڪيو ۽ اڄ آئون چئي سگهان ٿو ته اهو ته ڪيڏو ته آسان آهي. قرآن جو ترجمو خاص ڪري اسانجي دوست بدر ابڙي جي ڏاڏي علامه علي خان ابڙو جو ۽ تفسير (خاص ڪري مولانا مودودي جو ته) پهرين کان پڙهندو رهيس ٿي.
اسلام بابت ڪا گهڻي ڄاڻ به ننڍي هوندي ڳوٺ ۾ نه پئجي سگهي. بلڪه بعد ۾ احساس ٿيو ته اسانجو صوبو سنڌ باب السلام سڏجڻ جي باوجود اسين ان جا ماڻهو اسلام کان اڻ ڄاڻ رهون ٿا ۽ اسان جون ڪيتريون ڳالهيون ۽ عمل شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿيون يا حقيقت ۾ اهي بِدعتون آهن. ٿوري گهڻي اسلام بابت جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ان لاءِ آئون ملائيشيا ۽ سئيڊن ملڪ کي ڪريڊٽ ڏيندس. جيتوڻيڪ شروع جي ڏينهن ۾ منهنجا ملئي دوست جڏهن اسان تان يعني پاڪستاني مسلمانن جي ڪجهه ڪمن تان حيرت کائيندا هئا ته مونکي ڪاوڙ لڳندي هئي پر پوءِ غور سان سوچڻ تي هو مونکي صحيح لڳا ته برابر اسان ڪيتريون ڳالهيون غلط ٿا ڪريون...... قبرن کي ويٺا چمون، ٻارن جي طهرن تي بئنڊ باجا ۽ رنڊيون پيا نچايون ۽ پنهنجي رب سان سنئون سڌو تعلق رکڻ بدران شرابي، زاني، ٺڳ پيرن کان ويٺا ڦيڻا پڙهايون!
اسلام بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سئيڊن به منهنجي لاءِ سڀاڳو ملڪ ٿيو جو مالمو شهر توڙي درياهه جي ٻي پار ڪوپن هيگن جي مسجدن ۾ جيڪي احمد ديدات، ذاڪر نائڪ جهڙا ايشيائي توڙي مقامي نو مسلم گورا ليڪچر ڏيندا هئا انهن جو دل تي اثر ٿيندو هو. ڳوٺ جي مولوي جي جتي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي اتي هنن عالمن جون حديثن ۽ قرآن جي حوالن سان انگريزيءَ ۾ تقريرون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون ته اسلام ڇا آهي. هڪ يورپين نو مسلم چيو:
Islam is a religion without any mythology. Its teaching is simple & intelligible. It is free from superstitions & irrational beliefs. All is based on reason & sound logic. There is no hierarchy of priests no complicated rites & ritual.
”هيءَ دنيا هڪ مختصر گهڙيءَ برابر آهي ٻيو جهان هميشه جي لاءِ آهي. هيءَ دنيا امتحان گاهه آهي جنهن ۾ ڪيل هر سٺائي ۽ خرابيءَ جي جزا توڙي سزا ٻئي جهان ۾ هر انسان کي ملڻي آهي. هر شيءِ جو خاتمو ٿيڻو آهي هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. رب پاڪ تمام گهڻو بخشڻهار ۽ ٻاجھارو آهي. موت کان اڳ هن ڏي رجوع ٿيو........“ ٻين لفظن ۾ هن يورپيءَ ان حقيقت کان آگاهه ٿي ڪرڻ چاهيو ته: موت ناهي مند، تائب ٿيو تڪڙا.
اهڙن ماڻهن ۽ ملڪن ۾ رهي سالن پڄاڻان پنهنجي وطن وريس. هاڻ اها همت ۽ شوق نه رهيو آهي تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ادبي محفل ۾ حاضري ڀرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو يا ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۾ پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان ملڻ ۽ پنهنجي تعليمي تجربي مان کين ڪجهه آگاهيون ڏيندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. سڄي عمر ڌارين ملڪن ۾ انگريزي ڳالهائڻ بعد پنهنجي وطن ۾ ليڪچر ٻڌندڙن سان اڙدو يا سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي هڪ عجيب خوشي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو.
هڪ ادبي محفل جنهن ۾ آئون خاص مهمان طور ويٺل هوس ٻڌندڙن مان هڪ عجيب سوال ڪيو ـــ يعني مون لاءِ اهو سوال عجيب هو ته فلاڻي مشهور شاعر جي قبر بارشن ڪري ڊهي رهي آهي سرڪار کي کپي ته هيڏي وڏي شاعر جي قبر شايان شان ٺهرائي ۽ ان مٿان مقبرو اڏائي.
هڪ اهڙي ٻي گڏجاڻيءَ ۾ مونکان پڇيو ويو ته منهنجي دفن بابت ڇا خواهش آهي. ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”جيئن فلاڻي شاعر کي سندس خواهش (يا شايد وصيت) مطابق شاهه لطيف جي پڙ ۾ (يعني پسگردائي ۾) دفن ڪيو ويو يا فلاڻي اديب پاڻ کي مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو.....“ هن مونکي مثال ڏئي سمجھايو..... ۽ سمجھي ويس ته هو مونکان ڇا ٿا پڇڻ چاهين. نه فقط اديب شاعر پر اسان جا ڪيترائي ماڻهو اها ئي خواهش ڪندا آهن ته کين پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ ماءُ پيءُ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. ڪيترن جو پنهنجن پونئيرن کي اهو چوڻ هوندو آهي ته مرڻ بعد سندن لاش کي ڪنهن اولياء، پير، بزرگ جي ويجھو دفن ڪيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن پيرن، مرشدن، اوليائن جا گادي نشين يا مجاور نه چاهيندا آهن ته هر ايري غيري جي خواهش پوري ڪئي وڃي..... هڪ عام ماڻهوءَ جي ڪانڌين کي ڀڄائي ڪڍندا آهن..... ها البت ڪنهن وڏيري، وزير يا ڪارخانيدار جو لاش آهي ته ان کي دفن ڪرڻ کان انڪار نه ڪندا آهن. اسان وٽ اهو ئي خيال آهي ته ڪنهن اولياءَ، بزرگ يا پير جي ويجھو دفن ٿيڻ سان گناهه معاف ٿيو وڃن ۽ اهو ماڻهو ظالم، ڏوهاري، شرابي ڪوابي هجڻ جي باوجود سڌو جنت ۾ هليو وڃي ٿو..... پنهنجي خاندان جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ سان سندس ڀر ۾ دفن ٿيل عزيز کيس قبر جي عذاب کان بچائي وٺندا...... تڏهن ته اسان وٽ پرديس ۾ وفات ڪري ويندڙ همراهه جي لاش کي هن جي ڳوٺ ۾ آڻي سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو..... پوءِ چاهي ان ۾ هفتو لڳي وڃي.... ٽرانسپورٽ جي خرچ پٺيان مرحوم جا پويان قرضي ۽ بي حال ٿي وڃن....... چي ائين جي نه ڪبو ته هن جو روح پنهنجن عزيزن احبابن لاءِ ٻاڪاريندو رهندو!
هڪ علامتي سڪ لاءِ ته ڪو کڻي پنهنجي وطن کي ياد ڪري ۽ مارئيءَ وانگر چوي ته:
واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
سو اها ته ٿي ٻي ڳالهه پر اسلام جي ٿوري ڄاڻ رکندڙ به ان ڳالهه کي بيوقوفي سمجھندو ته جنت ۽ دوزخ جي ملڻ جو مدار دفن واري هنڌ تي آهي. دنيا هڪ ڊراما اسٽيج وانگر آهي جنهن تي ڪو ڀلي بادشاهه هجي، فقير هجي، پيءُ هجي، پٽ هجي.... ڊرامو ختم ٿيڻ بعد اداڪارن جو هڪ ٻئي سان اسٽيج وارو ڪو تعلق نٿو رهي..... يعني آئون اهو سمجھي سگهيو آهيان.... ته مرڻ بعد ڪو به مائٽ دوست نٿو رهي جيڪو اسان جي مدد ڪري سگهي يا اسان هن جي ڪم اچي سگهون.... پر ڇا ڪجي اسان وٽ اسلام کي ان صحيح انداز ۾ نٿو سمجيو وڃي.... اسان وٽ عجيب ريتون رسمون آهن.....
ننڍي هوندي مونکي ڏاڏيءَ نپايو. هن جو مون ۾ ساهه هوندو هو. سندس هڪ پٽ احمد مئٽرڪ ۾ هو ته گذاري ويو. ان کان اڳ سندس گهر وارو (اسان جو ڏاڏو محمد رحيم) گذاري ويو. منهنجو پيءُ گل محمد سندس اڪيلو پٽ هو جيڪو به کانئس پري حيدرآباد، پوني ۽ بعد ۾ نيويارڪ ۾ پڙهندو رهيو. گهر ۾ آئون سندس پهريون پوٽو ڄائس ته هوءَ مونکي سڄو ڏينهن پاڻ سان وهاريو ويٺي هوندي هئي. گهٽيءَ ۾ به نه ڇڏيندي هئي. گهٽيءَ ۾ جي ويندو هوس ۽ ڪو ٻار يا وڏو دڙڪو ڏيندو هو ته پاڻ اٿي مون پاران هن جي خبر وٺندي هئي. منهنجي والد جي نوڪري شروع ٿي ته اها به پري مٺي، عمر ڪوٽ پاسي. تن ڏينهن ۾ بسون ڪارون عام نه هيون. ٿرپارڪر پاسي ماڻهو اٺن تي سواري ڪندا هئا. منهنجو پيءُ مهيني ٻن بعد ڳوٺ ايندو هو. سو منهنجي لاءِ منهنجي ڏاڏي وڏي ڍال هئي. بلڪه ايڏي گهڻي ۽ هر وقت جي حفاظت ڪري ڊڄڻو ٿي پيو هوس. چڱو جو ستين ڪلاس ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ويس نه ته ڏاڏيءَ وٽ ايندڙ ٻين پوڙهين کان مرڻ ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌي هر وقت اهو چوندو هوس ته مري وڃڻ بعد ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ ئي مونکي دفن ڪجو .... يعني پنهنجي هر قسم جي بچاءَ لاءِ مون پنهنجي ڏاڏيءَ کي ئي بهترين باڊي گارڊ ٿي سمجھيو. پر پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ کان به پوءِ پوءِ مونکي جڏهن اسلام جي صحيح ڄاڻ ٿي ته خبر پئي ته مرڻ بعد هرڪو پنهنجن دنيا ۾ ڪيل نيڪين ۽ بدين جو ڦَل حاصل ڪري ٿو..... چاهي هن کي ڪٿي به دفن ڪيو وڃي.... چاهي هن جي مٿان ڪيڏا وڏا گنبذ ۽ قبا اڏيا وڃن. مري وڃڻ بعد هر هڪ کي سندس اعمالن مطابق ئي جزا ۽ سزا ملڻي آهي.... دنيا ۾ چاهي هو ڪنهن بادشاهه، وزير اعظم يا ڪنهن گادي نشين جو پٽ هجي يا ڪنهن غريب فقير جو .... جهنم يا جنت هرڪو اعمالن جي شڪل ۾ پاڻ سان کڻيو ٿو وڃي. تڏهن ته وتائي فقير پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هن کي جهنم ۾ به ڪو ٽانڊو نظر نه آيو. لطيفو مشهور آهي ته هڪ دفعي وتائي فقير کي ماڻس چلم لاءِ پاڙي مان ڪو ٽانڊي ڀور آڻڻ لاءِ چيو جيئن هوءَ تماڪ کي دکائي سگهي.
ڪافي دير بعد وتايو خالي چمٽو وڄائيندو گهر پهتو.... يعني ٽانڊو نه مليو.
ماڻس ڪاوڙ ۾ چيس ته هيڏي ساري پاڙي ۾ توکي ڪنهن به گهر مان ٽانڊو نه مليو؟
”تڏهن ته هٿين خالي موٽيو آهيان“. وتائي وراڻيو.
ماڻس ڪاوڙ مان چيس ته ”پوءِ جهنم ۾ هليو وڃين ها. اتي ته ضرور ملي وڃئي ها.“
وتائي وراڻيو: ”امان اتي به ويس پر اتان به نه مليو. ملائڪن چيو ته هتي ڪا باهه ڪانه پئي ٻري هر گناهگار پاڻ سان کڻيو ٿو اچي.“
پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به گهٽ تعليم ۽ ٺڳ پير مرشدن جي چٻيل ڇٿريل ڳالهين ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته جنت جي ڪنجي هنن پيرن مرشدن وٽ آهي. هو پنهنجن مريدن ۽ پوئلڳن کي نه فقط پٽ ٻار ڏين ٿا پر جنت جو پروانو به پهچائين ٿا. هڪ پير بابت اها ڳالهه ته توهان به ”واٽس ائپ“ تي ٻڌي هوندي ته هن جو پنهنجي مريدن کي چوڻ آهي ته توهان کي جي دوزخ ۾ وڌو وڃي ته به نه گھٻرائجو ”آئون جهنم کي فقط لٺ هڻندس ته اهو ٿڌو ٿي ويندو......“ توبه نعوذ باالله! ڇا ته اسان وٽ غلط عقيدا آهن! يعني ماڻهو نيڪ ڪم ڪرڻ بدران اهڙن ٺڳ پيرن مرشدن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ سان هو هن کي ٻئي جهان ۾ به بچائي سگهن ٿا. اهڙن ماڻهن کي حضور اڪرم صلعم جن جي عقيدي جي ڄاڻ هجڻ کپي. الله جو رسول پنهنجي پياري ڌيءَ کي فرمائي ٿو...... ”يا فاطمة الزهرا بنت محمد اِنقِذِي نَفسَکِ مِنَ النَّارِ سَلِينِي مَالِي مَاشِئتِ لا اُغنِيکِ مِنَ اللهِ شيئاً“.... بچاءِ پنهنجو پاڻ کي باهه کان (جهنم کان) دنيا ۾ جيڪي توکي کپي اهو مونکان گهر دنيا ۾ تنهنجو پيءُ محمد (صلعم) تنهنجي ڪم اچي سگهي ٿو. پر آخرت ۾ الله کان ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ توکي بچائي نٿو سگهي.“
هاڻ ان مان اندازو لڳايو ته هي نقلي پير انسانن کي ڪيڏو گمراهه ڪن ٿا.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن خاص قبرستان ۾ دفن ڪرائڻ سان ڪو جنت جو حقدار ٿي سگهي ٿو ته قرآن ۽ سنت ۾ نيڪ ڪم ڪرڻ ۽ بااخلاق رهڻ بدران ان تي زور هجي ها ته پاڻ کي ڪنهن خاص قبرستان ۾ دفن ڪرايو..... ڪنهن غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند کي خيرات، صدقو، ذڪوات ڏيڻ بدران بچائي رکو..... بلڪه غريب عوام کي لٽي ڦري ان پئسي مان هن دنيا ۾ به عيش جي زندگي گذاريو ۽ ٻئي جهان ۾ به سرخرو ٿيڻ لاءِ بس پنهنجي مٿان هڪ اعليٰ ۽ شاندار مقبرو ٺهرائي وڃو.
اسان جي سنڌ ته مقبرن ۽ درگاهن سان ڀري پئي آهي. هڪ ان قسم جي نئين تيار ٿيل درگاهه ۾ دفن ٿيل سياستدان جي قبر کي اسان جا جاهل ماڻهو نه فقط چمي رهيا آهن پر اسان جا ميڊيا وارا هڪ عذر واري شخص کي ان جي قبر کي سجدو ڪندي بار بار ڏيکاري رهيا آهن! خبر ناهي ميڊيا وارا اسان جي عوام کي ڪهڙي تعليم ڏئي رهيا آهن....... خبر ناهي هو اسلام جي ڪهڙي خذمت ڪري رهيا آهن! مون ان عرس يا سالگرهه جي ويڊيو ملائيشيا ۾ ٽي وي تي ڏٺي. مون سان گڏ ويٺل ملئي مسلمانن کان رڙ نڪري وئي ۽ هو مون ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته توهان وٽ هي ڪهڙو اسلام آهي؟ قبرن کي چُمڻ ۽ سجدو ڪرڻ ته شرڪ آهي جيڪورب پاڪ ڪڏهن به معاف نٿو ڪري.
ملائيشيا ۾ درگاهه يا گنبذ ته پري جي ڳالهه اوچن پٿرن جي قبر به نٿي ٺاهي وڃي. غريب هجي توڙي امير هن جي سادي قسم جي قبر ٺاهي وڃي ٿي. جنهن جي سيرانديءَ تي لڳل سِرَ (ڪتبي) تي مرحوم يا مرحومه جي نالي بعد لکيل هوندو آهي: ”ڪمبالي ڪَ رحمت الله“ (الله جي رحمت ڏي موٽيو).
انسان وفات بعد ڌڻيءَ حوالي آهي. هو دنيا ۾ ڪيل اعمالن مطابق جزا ۽ سزا پائي ٿو. عالمِ برزخ/قبر ۾ به هو ان مطابق تڪليف يا خوشي محسوس ڪري ٿو. ڀلي ڪنهن غريب جي سادي قبر هجي پر هن جي نيڪين ڪري هن جي قبر جنت جي ٽڪرو بنجي ٿي. ۽ ٻي طرف ڇا توهان اعليٰ مقبرو ٺاهي ڪنهن گناهگار کي عذاب کان بچائي سگهو ٿا؟ ائين هجي ته پوءِ دنيا جا فقط امير - پوءِ ڀلي هو چور، ڌاڙيل، رشوتي، اغواڪار هجن پنهنجي قبر شان و شوڪت واري ٺهرائي جنت ۾ Entry وٺي سگهن ٿا!
هي سڀ ڳالهيون آئون پنهنجي معمولي ڄاڻ ۽ سوچ مطابق لکي توهان کي ان ڳنڀير مسئلي ڏي ڌيان ڇڪرائي رهيو آهيان جيڪو اسان جي هم وطنين کي پرديس ۾ پريشان ڪري ٿو. اهو آهي پنهنجي ڪنهن پياري جي وفات تي هن جي لاش کي ان ملڪ ۾ دفنائڻ بدران پنهنجي وطن کڻائي وڃڻ. جيئن هن کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ڪا اهڙي پابندي ناهي ته لاش کي لنڊن يا نيويارڪ کان هزارين ميلن جو سفر ڪرائي ديره غازي خان يا ٽنڊو باگو يا بدين پهچايو وڃي پر اسان پنهنجو پاڻ کي ريتن رسمن ۾ اهڙو ته ڦاسائي ڇڏيو آهي جو ڊپ ٿو ٿئي ته مائٽ مٽ ڇا چوندا ته لاش کي اباڻي ڳوٺ ۾ آڻڻ بدران پرديس ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيانوَ.
جڏهن اسلام اسان کي اها تعليم ٿو ڏئي ته لاش جو ايترو خيال ڪجي جو هن کي غسل به آرام سان ڪپهه سان ڏنو وڃي.... تنهن لاش کي هوائي جهاز ۾ چاڙهي وطن آڻڻ لاءِ هن جي ڇا ته بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي.... ان بابت به ڪنهن سوچيو آهي ته ان جي ڪيڏي چير ڦاڙ ڪري پوءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچايو ٿو وڃي! ۽ آئون ته ڏسان پيو ته ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران، ترڪيءَ جا مسلمان ته ڇا پر آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو به لاش کي ٽلڪائڻ کان بچائين ٿا. افسوس جو اسلام جي ڄاڻ هجڻ جي باوجود اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي اڃان تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.
ان سلسلي ۾ آئون پنهنجي 1980ع واري ڏهاڪي جي ملائيشيا وارن سفرنامن مان هڪ ۾ پنهنجي هڪ ملئي شاگرد بابت لکي چڪو آهيان ته هن جو والد پنهنجي شهر ڪوالالمپور کان ساڻس ملڻ لاءِ اسان وٽ ملاڪا آيو جتي جهازرانن جي اعليٰ تعليم لاءِ نيول اڪيڊمي آهي ۽ اسان پڙهايو ٿي. هو ڪو دل جو مريض هو ۽ پٽ وٽ ٻه ڏينهن رهڻ بعد گذاري ويو. مون سمجھيو ته هن جو پٽ جيڪو ڪئپٽن ٿيڻ جي آخري امتحان لاءِ اسان وٽ ٽن مهينن جو ڪورس ڪرڻ آيو هو، هفتو کن موڪل ڪندو. پر مونکي حيرت ٿي هن پنهنجي پيءُ جي لاش کي ڪوالالمپور کڻائي وڃڻ بدران عصر جي نماز تي اتي ملاڪا ۾ ئي دفن ڪرايو ۽ ٻئي ڏينهن ڏسان ته هو ڪلاس ۾ ويٺو آهي. مون جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته هن جذباتي ٿيڻ بدران آرام سان چيو ته ”سر! جيڪا شيءِ وڃڻي هئي اها هلي وئي. اسان جون فقط دعائون هن تائين پهچي سگهن ٿيون. موڪلون ڪرڻ سان آئون پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ سان بي ايماني ڪندس جنهن ڳريون فيون ڀري مونکي هيڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي جيئن آئون جلدي ڪئپٽن ٿي هنن جي جهازن کي وڃي هلايان. باقي جيستائين لاش کي دفن ڪرڻ جو سوال آهي سو انگلنڊ ۾ آئون هوندو هوس ته توهانجي پاڪستانين کي ڏسندو هوس ته هو هر صورت ۾ لاش پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويندا هئا. سر! اسلام هرگز نٿو چوي ته لاش جي ائين بي حرمتي ڪئي وڃي ۽ توهان ته Astronomy (علم فلڪيات/چنڊ تارن) بابت ڄاڻ رکو ٿا ته ڪائنات ۾ هيءَ ڌرتي ڪڻڪ جي داڻي جيتري به نه آهي. توهان کڻي هتي ملاڪا ۾ دفن ڪريو يا دنيا جي گولي جي ٻي پاسي پاناما ۾..... فاصلو ئي ڇا آهي؟“
”فاصلو ئي ڇا آهي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”ملاڪا کان هوائي جهاز رستي پاناما 12000 ميل پري آهي پر جي ملاڪا کان هيٺ ڌرتيءَ ۾ کوٽائي ڪجي. جيڪا ممڪن ناهي پر جي ممڪن هجي ته ٻيو ڇيڙو..... يعني پاناما 8000 ميلن بعد ايندو.... ۽ 8000 ميل ڇا گهٽ فاصلو آهي؟“ پر نه اهو فقط اسان انسانن کي لڳي ٿو جن جي ڄاڻ ۽ عقل محدود آهي. اسان جي حالت ان منڊي ماڪوڙيءَ وانگر آهي جيڪا کوهه جي تري مان اُڀ کي پئي ڪَڇي. هن لاءِ ته سڄو آسمان ايترو آهي جيتري کوهه جي پڳهه..... جنهن کي هوءَ وڏي ڳالهه ٿي سمجھي. جيئن کوهه جي ڏيڏر لاءِ اهو کوهه جو پاڻي ئي پئسفڪ سمنڊ آهي ته ائٽلانٽڪ به.
رات جي وقت جهاز هلائڻ لاءِ اسان مختلف تارن کان مدد حاصل ڪريون ٿا ۽ ٽرگناميٽري ذّريعي پنهنجي جهاز جي نه فقط دنيا جي گولي تي پوزيشن معلوم ڪريون ٿا پر اهو به ته 24 ڪلاڪن ۾ اسانجي جهاز ڪيترا ناٽيڪل ميل سفر ڪيو. ائسٽرانامي سبجيڪٽ سج، چنڊ تارن جي چمڪڻ جي طاقت، چرپر ۽ ڌرتيءَ کان دوريءَ بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جي رفتار، دوري، سائيز ۽ تعداد جو ٿو سوچجي ته انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي. هيڏي وڏي سائيز جا لکين اربين ٻرندڙ گولا بنا ٽڪرائڻ جي تيز رفتار ڊوڙي رهيا آهن.... بقول منهنجي هڪ يورپي پروفيسر جي ”آئون کڻي مسلمان نه آهيان پر مون جهڙو ائسٽرانامي جي ٿوري ڄاڻ رکندڙ به ان ڳالهه جي نفي نه ڪندو ته هن نظام کي هلائڻ واري عظيم طاقت آهي جنهن جو هر ڳالهه تي ڪنٽرول آهي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي“.
ڪجهه ڏينهن اڳ ”واٽس ائپ“ تي چنڊ تارن بابت هڪ واهه جو ويڊيو ڏيکاريو پئي ويو جنهن ۾ هڪ عام ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هيءَ ڪائنات ڪيڏي وسيع آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڇا آهي..... وغيره وغيره..... ۽ اها ڳالهه پڙهي توهان کي منهنجي ملئي شاگرد جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته ڪائنات جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڌرتي آهي ئي ڇا؟!
پئسفڪ سمنڊ يعني دنيا جو فقط هڪ حصو لتاڙڻ لاءِ، جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٽوڪيو کان لاس اينجلس يا وئنڪوئر ويندا هئاسين ته ٻارهن تيرهن ڏينهن راتيون جهاز هلائي هلائي ساڻا ٿي پوندا هئاسين ۽ چوندا هئاسين ته هيءَ ڌرتي ڪيڏي ته وڏي آهي ۽ هڪ هڪ سمنڊ ڇا ته آفت جيڏو آهي! هوائي جهاز ۾ به هڪ دفعو ان سفر ڪرڻ جو موقعو مليو. ڏهه يارهن ڪلاڪ ڪرسيءَ تي هڪ ئي هنڌ ويهي ويهي ماڻهو چٻو ٿيو وڃي ۽ آئندي هوائي جهاز جي ايڏي ڊگهي سفر کان توبهه ڪري ڇڏيم. پر يارو سامهون 1496 لک ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهه جيڏي سج جو ٿو سوچجي ته اهو ٻرندڙ بال اسان جي ڌرتيءَ جي گولي کان ڏهه لک دفعا وڏو آهي! توهان ڏهه لک تسبيحَ جا ڪڻا يا ڪنهن اَنَ جا داڻا هڪ طرف رکو ۽ ٻئي پاسي فقط هڪ داڻو..... اها آهي ڀيٽ سج جي ڌرتيءَ سان!
سج هڪ ٻرندڙ گولو آهي.... يعني تارو آهي جنهن جي چوڌاري اسان جي ڌرتي 60 هزار ميل في ڪلاڪ جي حساب سان ڦري ٿي. سج اسانکي ويجھو آهي ان ڪري اهو ٿالهه جيڏو نظر اچي ٿو نه ته ٻين تارن جي مقابلي ۾ ڪو وڏو ناهي. آسمان ۾ موجود اربها تارا سج کان به وڏا آهن. ”ايٽاڪارينائي Etacarinae تارو“ سج کان به 250 ڀيرا وڏو آهي.
آسمان ۾ جيڪي تارا گهڻو روشن هجڻ ڪري اسان کي بنا دوربين جي نظر اچن ٿا. انهن جو تعداد 6000 کن چئي سگهجي ٿو. انهن مان 57 تارا اهڙا آهن جن ذريعي اسان سمنڊ تي رستو ڳوليون ٿا..... يعني اسان کي نيويگيشن (جهازراني) ۾ ڪم اچن ٿا ۽ جهازن تي موجود چارٽن Nautical Almanacs ۾ انهن تارن جي روزمرهه جي پوزيشن ۽ چرپر جي ڄاڻ ملي ٿي. هي تارو يعني ايٽاڪارنائي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول جو تارو آهي. نيوزيلئنڊ، آسٽريليا، فجي ڏي ويندي اسان هن تاري جي سنوت وٺون ٿا. هي تارو 1500ع بعد هڪ ڊچ ڳوليو. عرب ان کي ”ايتاقاعده“ ۽ ايراني ”اتا شاهه تختہ“ سڏين ٿا. تمام تکي روشني وارو تارو آهي. سندس روشني اسانجي سج کان 50 لک دفعا وڌيڪَ آهي. اسان کان 7500 نوري سال پري آهي. هونءَ گهڻي ڀاڱي تارا جيڪي اسان ائسٽراناميءَ جي انگريزي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا عربن ايجاد ڪيا ۽ انهن جا اصل نالا عربي آهي جيئن انگريزي نالو Algorab دراصل عربي نالو الغراب (ڪانگ) آهي. اهڙي طرح ٻيا انگريزي نالن وارا تارا: Arkub، Alhena، Denab، Okda، Rigel، Sulafat وغيره عربي نالن: العرقوب الهنعة (اٺ جي ڳچي)، ذنب الدجاجة (ڪڪڙ جو پُڇُ)، العقده (ڳنڍ)، رجل الجبار (آفت جو پير)، السلحفاة (ڪڇون) تان ورتل آهن. اهڙي طرح جپان ويندي اسان Sextant دوربين ذريعي ”بيتل گيز“ نالي چمڪندڙ تاري ذريعي رستو ڳولڻ کان اڳ روز جي سفر جو مفاصلو ماپيندا آهيون.
مٿيون تارو ”بيتل گيز“ به عربن جي تمام آڳاٽي ايجاد آهي جنهن جو عربي نالو ”ابط الجوزاء“ آهي. هي تارو جيتوڻيڪ اسان کان تمام گهڻو پري آهي پر وڏو هجڻ ڪري اسان کي صاف نظر اچي ٿو ۽ نائين نمبر تي چلڪندڙ تارو آهي. ڳاڙهسرو هجڻ ڪري هن کي سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. پاڻ مٿي ڳالهه ڪئي ته ايٽڪارنائي تارو سج کان 250 ڀيرا وڏو آهي پر يارو بيتل گيز (ابط الجوزاء) سج کان 1200 ڀيرا وڏو آهي. اهڙي طرح هڪ ٻيو تارو ڪئنيس مئجورس (Canis Majoris) سج کان 2600 ڀيرا وڏو آهي ۽ اسان کان 3900 نوري سال پري آهي.
ڪائنات (Universe) ايڏي وڏي آهي جو ان جا فاصلا ميلن ۽ ڪلوميٽرن ۾ ماپڻ ناممڪن ڳالهه آهي. ان ڪري مفاصلي جو يونٽ ”نوري سال“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چنڊ اسان کان پري آهي ته به فقط 250,000 ميل آهي ۽ سندس روشني اسان وٽ ڌرتيءَ تي فقط سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي. اهڙي طرح سج اسان کان 9 ڪروڙ ميل پري آهي ۽ ان جي روشني اسان تائين 8 منٽن ۾ پهچي ٿي. هاڻ ان مان اندازو لڳايو ته اهي تارا جن جي روشني اسان تائين هڪ سال ۾ پهچي ٿي اهي اسان کان ڪيترو پري هوندا ۽ هيءَ ڪائنات ڪيڏي وڏي هوندي!
لکين ڪروڙين تارن جا مختلف جھڳٽا (Constellations) آهن جيڪي ملي Galaxy ٿا ٺاهين جنهن کي اڙدو ۽ فارسي ۾ ڪهڪشان ۽ هنديءَ ۾ آڪاس گنگا ٿا سڏين. اسان جنهن ڪهڪشان ۾ آهيون ان جو نالو Milky Way آهي جنهن کي سنڌ ۾ ”نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو“ سڏيون ٿا. هن ۾ سج جهڙا 300 اربن کان مٿي سج موجود آهن..... يعني تارا آهن. دراصل اسان جو سج به هڪ تارو آهي جيڪو اسان کي ويجھو هجڻ ڪري ٿالهه وانگر ٿو لڳي. پري هجي ها ته ٻين تارن جي مقابلي ۾ هڪ گهٽ روشني وارو چنجھو تارو لڳي ها. اسان فقط پنهنجي ڪهڪشان Milky Way جو اندازو لڳايون ته ان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين وڃڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا اهڙي سواري هجي ها جنهن جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلوميٽر هجي ها ته هن سواريءَ کي سڄي ڪهڪشان اڪرڻ ۾ هڪ لک سال لڳي وڃن. ان مان ڪائنات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فقط هڪ اسان واري ڪهڪشان ڪيڏي وسيع آهي. اهڙي طرح اسان جي ڀر واري ڪهڪشان (Galaxy) جيڪا ائنڊرو ميڊا (Andromeda) سڏجي ٿي اسان کان ٻيڻي وڏي آهي. ان بعد M81 نالي ڪهڪشان اسان جي ڪهڪشان کان 60 دفعا وڏي آهي ۽ هڪ IC1011 نالي ڪهڪشان ته M81 کان به گهڻو گهڻو وڏي آهي! سو انهي انساني معمولي ڄاڻ مان ئي اسان کي اندازو لڳائڻ کپي ته اهو رب العالمين جيڪو هيڏي وڏي قدرت رکي ٿو ان لاءِ هڪ ڌرتي جو ننڍڙو گولو ڇا حيثيت رکي ٿو ۽ بقول اسانجي ملئي شاگرد جي ڪنهن کي توهان کڻي ملائيشيا ۾ دفن ڪريو يا ڌرتي جي گولي جي پٺئين پاسي ميڪسيڪو ۾. قيامت جي ڏينهن رب پاڪ هر انسان کي سندس اعمالن مطابق ئي جزا ۽ سزا ڏيندو...... ۽ نه ان ڳالهه تي ته ڪو ٽنڊي آدم ۾ دفن ٿيل آهي يا ٽمبڪٽو ۾.... مڪليءَ تي آهي يا مڪي ۾.... ائين جي هجي ته اسان جا امير ماڻهو پنهنجي اعمالن تي نه پر ناڻي جي زور تي پنهنجي لاش کي هوائي جهاز ۾ کڻائي ان بهتر جاءِ تي پاڻ کي دفن ڪرائڻ جو جيئري ئي بندوبست ڪرائي ڇڏين ها.
اسان کي انهن ماڻهن جو سوچڻ کپي جيڪي جنگين ۾ مارجيو وڃن ..... سمنڊ ۾ ڪرڻ سان مڇين جي حوالي ٿيو وڃن، بمن ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃن ۽ دفن به نٿا ٿين.... پر حساب واري ڏينهن اهي به پنهنجي رب جي اڳيان حاظر ٿي پنهنجي ڪمائيءَ جو بدلو حاصل ڪندا.
سمنڊ جي نوڪري بعد ملائيشيا پهريون ملڪ آهي جتي مون کي وڏو عرصو ڪناري جي نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. اتي جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اٺ نو سال لڳاتار رهڻو پيو. ننڍپڻ جا ڏهه ٻارهن سال پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ رهڻ بعد ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ وڏو فرق نظر آيو..... خاص ڪري پنهنجي دين اسلام کي سمجھڻ ۾. پهرين مونکي ملئي ماڻهن تي ڪاوڙ ايندي هئي جڏهن هو اسان جي ملڪ جي ماڻهن تي حيرت کائيندا هئا ته اسان وٽ ڪيتريون ڳالهيون اسلام جي نقطي نگاهه کان صحيح نه آهن. منهنجو اهو ئي بحث هوندو هو ته اسان جي ملڪ جي مسلمانن جهڙو دنيا ۾ ڪو نه هوندو جو اسان اسلام خاطر ملڪ حاصل ڪيو آهي ۽ اسان جو هر عمل عين اسلام مطابق آهي. پر پوءِ ملئي مولوين جي واعظن بعد آهستي آهستي سمجھڻ لڳس ته هي هٿ جي ٺهيل تابوتن يا پيرن فقيرن جي قبرن کي چمڻ يا انهن کان دل جون مرادون گهرڻ غلط ڪم آهي ۽ شرڪ آهي. اهڙا ڪم ته ايران، سعودي عرب يا شام ۽ مصر ۾ به نٿا ٿين. ان سلسلي ۾ پنهنجي ملئي باس (ڪمانڊنٽ) بابت لکي چڪو آهيان ته ٽن سالن جي نوڪريءَ بعد آئون جڏهن مهينو کن موڪلن تي ڳوٺ آيس ته هو به انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا لاءِ وڌيڪَ پاڪستاني آفيسر کڻڻ لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ آيو هو. آخري ڏينهن تي آئون کيس هالا وٺي ويو هوس. ان ڏينهن شامَ جو ڀر واري هڪ ڳوٺ جي وڏيري جي پٽ جي طهر جي دعوت تي پنهنجي ڪمانڊنٽ کي به وٺي ويس جتي طهر جي خوشيءَ ۾ شام کان بئنڊ باجا وڄي رهيا هئا ۽ رات جو رنڊين جي ناچ ۾ خاص مهمانن لاءِ شراب هلي رهيو هو. اهو سلسلو فجر تائين هلندو رهيو ۽ اسان اتان ئي ناشتو ڪري ڪراچيءَ لاءِ نڪتاسين. ٿڪل هجڻ جي باوجود کيس ڀٽ شاهه جو به چڪر ڏياريم ۽ شاهه لطيف جي مزار تي وٺي آيس. گذريل ٽن سالن ۾ مون کيس شاهه لطيف جا ڪيترائي شعر ترجمو ڪري ٻڌايا هئا ۽ هن کي شاهه لطيف سان وڏي عقيدت هئي. ان وقت ڪجهه ڳوٺاڻيون عورتون شاه لطيف جي قبر کي چمي دل جون مرادون پني رهيون هيون. مون پنهنجي باس کي بانور ڪرايو ته ڏس هي ڪيڏو بزرگ اولياءَ آهي جنهن جي قبر تي ڏورانهن ڳوٺن کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا ۽ پنهنجيون مرادون حاصل ڪن ٿا..... هر ملئي ماڻهوءَ وانگر اسانجو ڪمانڊنٽ به خاموش طبيعت وارو.... سٺي يا خراب Comment ڏيڻ کان گريز ڪرڻ وارو.... ڪجهه نه ڪڇيو. پر پوءِ جڏهن موڪلون پوريون ڪري ملائيشيا پهتس ته هڪ ڏينهن چانهه تي آفيس ۾ گهرائي هالا ۽ ڀٽ شاهه جي حوالي سان چيو ته ”توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟“
مونکي سندس اهو سوالي جملو نه وڻيو پر پوءِ هن مونکي ٿڌو ڪندي چيو ته سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته سنت ابراهيمي (طهر) تي هي ڪهڙي قسم جي خوشي آهي جنهن ۾ فرض (نمازن) جي ادائگي ته نه ٿي ويتر رنڊين جا ناچ ۽ شراب هلندا رهيا. ۽ شاهه لطيف جنهن جي جيڪا شاعري تو مونکي ٻڌائي آهي جنهن ۾ هو هر شيءِ رب طرفان سمجھڻ جي تلقين ڪري ٿو ته ”تون حبيب تون طبيب، تون ڏئين تون لاهين“.....اهو جي جيئرو هجي ها ته ههڙا قبر پرستي جهڙا شرڪ ڪڏهن به پسند نه ڪري ها.... وغيره وغيره..... ان ڏينهن مون محسوس ڪيو ته اسان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا اسلام بابت صحيح معلومات نه هجڻ ڪري ڪيترا غلط ڪم ڪريون ٿا جيڪي شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿا.... جن ريتن رسمن ۽ ٺينگ ٽپن لاءِ اسانجو مذهب هرگز اجازت نٿو ڏئي. حق تي ملائيشيا جا ملئي مسلمان يا سعودي عرب جا ماڻهو اسان کي ٽوڪين ٿا ته اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون! ملائيشيا ۾ جنهن مئرين اڪيڊمي ۾ منهنجي نوڪري هئي، اسان ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن (يعني پڙهائڻ وارن) جي رهائش جو بندوبست ڪئمپس اندر هو. مين گيٽ جي ٻاهران ئي مين روڊ هو جيڪو هڪ پاسي ملاڪا ۽ ان بعد سنگاپور ويو ٿي ته ٻئي پاسي ”پورٽ ڊڪسن“ مان ٿيندو سريمبان ۽ اڳتي ڪوالالمپور پهتو ٿي. ڪئمپس جي گيٽ سامهون مسجد هئي ۽ ٻه سؤ ميٽرن جي فاصلي تي هن ڳوٺ (ڪئالا سنگائي بارو ـــ جنهن ۾ اسان جي اڪيڊمي هئي) جو قبرستان هو. اسان گهڻو ڪري شامَ جو گيٽ کان ٻاهر نڪري ميل کن واڪ ڪندا هئاسين. روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي ڳوٺ جي ماڻهن جا گهر هئا جن ۾ اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ننڍو اسٽاف بورچي، مالهي، ڪلارڪ، ڊرائيور جهڙا ڪم وارا، ۽ ڳوٺ جا هاري ناري ۽ ساٽي مهاڻا رهيا ٿي.
هڪ ڏينهن آفيس ۾ خبر پئي ته اڪيڊمي جي بس هلائڻ واري ڊرائيور هارون بن حطام جي زال گذاري وئي آهي. اسان ساڻس عذرخواهي ڪرڻ چاهي ٿي پر خبر پئي ته هو ڪئڊٽن جي هڪ ڪلاس کي بس ۾ ’جوهور بارو‘ بندرگاهه وٺي ويو آهي. جوهور بارو شهر ملائيِشيا جي ڏکڻ واري ڇيڙي جو شهر اڪيڊمي کان 300 ڪلوميٽر ٿيندو. بس سمجھو ته نواب شاهه کان ڪراچي جيتري فاصلي تي آهي. ’جوهور بارو‘ شهر ۽ ’سنگاپور ٻيٽ‘ جي وچ ۾ پُل ٺهيل آهي. اسان سمجھيو ته هارون جي زال کي پڪ ٻي ڏينهن دفن ڪيو ويندو جو منجھند مهل ته وفات ڪئي اٿس ۽ جيسين هارون کي اطلاع ٿيو هجي ۽ هو بس يا ٽرين رستي موٽي تيسين رات ٿي ويندي. پر پوءِ اسان شام جو واڪ لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته هارون جي گهر مان جنازو نڪري رهيو هو. اسان به ان سان گڏ سڌو قبرستان روانا ٿياسين. رستي تي مون هارون جو پڇيو ته سندس مائٽن ۽ پاڙيوارن چيو ته ان جو انتظار ڪيوسين پر هاڻ مغرب نماز جو وقت ٿي رهيو آهي. سو وڌيڪَ دير ڪرڻ صحيح ناهي. منهنجي حيرت تي اڪيڊمي جي هڪ ملئي نيول آفيسر (جنهن جو جهاز تي نوڪري دوران ڪراچي ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو هو) ٻڌايو ته ”اسين ملئي ماڻهو لاش کي گهڻي دير نه رکندا آهيون“ بهرحال جنازي نماز بعد لاش کي جنهن وقت قبر ۾ لاٿو پئي ويو ته ان وقت وفات ڪري ويل زال جو مڙس هارون به پهچي ويو. خبر ناهي منهن به ڏٺائين يا نه پر سندس ۽ ٻين جي Feelings مان مونکي اهو احساس ٿيو ته اها هڪ نارمل ڳالهه آهي. وارث جي پهچڻ جو بهانو ڪري لاش جي دفن ۾ دير نٿي ڪئي وڃي.
ملائيشيا ۾ جنهن ڳوٺ ۾ رهندو هوس اتي جي هڪ پير مرد چاچي ابراهيم سان منهنجي سٺي دوستي ٿي وئي. هو عمر ۾ ڪافي وڏو هو. سمجھو ته آئون انهن ڏينهن ۾ 40 سالن جو هوس ته هو 75 سالن جو هو. وڏي همت وارو ۽ نيڪ انسان هو. ان عمر ۾ هن جي نظر سٺي هئي ۽ آر ۽ سوئن ذريعي آرَ جون ٽوپيون ٺاهي وڪڻندو هو يا ڄاڻ سڃاڻ وارن کي Gift ڪندو هو. هن جي ٽوپين جي اها خاصيت هئي جو هر ٽوپيءَ جي چوڌاري قرآن جي آيت لکندو هو. کيس ڏهه کن ٻار هئا. وڏا سٺين نوڪرين ۾ هئا ته ننڍا ٽي چار يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا هئا. سندن گهر ۾ ديني ماحول هو جيتوڻيڪ هن جي زال چينياڻي هئي. هو هميشه پنهنجن ٻارن کي سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو هو. هن جي وفات به منهنجي هجڻ دوران ٿي. ان وقت سندس هڪ پٽ آسٽريليا ۾ هو ۽ ٻيا ٻار ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽر انجنيئر هئا. هن لاءِ به مون سمجھيو ته هن کي شايد ڏينهن ٻن بعد دفن ڪن جيسين آسٽريليا وارو پٽ اچي. سندس وفات جو ٻڌي اسان سندس گهر وياسين. مڪاني رواج مطابق ڪنهن مسلمان جي وفات تي پاڙي اوڙي جا هن جي گهر پهچي چپ چاپ ياسين يا قل پڙهي دفن جو وقت پڇي موٽندا آهن. چاچي جي لاش تي موجود سندس ٻارن ٻڌايو ته مغرب نماز کان اڳ دفن ڪيو ويندو. وچئين (عصر) نماز پڙهي اسان قبرستان پهتاسين ۽ دفن بعد دعا پڙهي پنهنجي پنهنجي گهر موٽياسين. رستي تي سندس ننڍي پٽ کان آسٽريليا واري ڀاءَ لاءِ نه ترسڻ جو پڇيم ته هن وراڻيو ته لاش کي ايڏي دير ڪيئن ٿو رکي سگهجي.... ”منهنجو پيءَ ان معاملي ۾ ته تمام سخت هو.“
واقعي! هن صحيح ڳالهه ڪئي. چاچو ابراهيم وفات کان ٽي مهينا اڳ سخت بيمار رهيو. هڪ دفعي سندس ڊاڪٽر پٽ جيڪو ڪوالالمپور کان اڳيان اپوح شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر هو. پنهنجي پيءُ جي ياد اچڻ تي ساڻس ملڻ لاءِ ڳوٺ هليو آيو. ان وقت آئون به هنن جي گهر ۾ موجود هوس. چاچو ابراهيم هن کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ پٽ کان پڇيو:
”ڇو پٽ! اڃان آچر (يعني موڪل واري ڏينهن) ۾ ته ٽي ڏينهن آهن تون خير ۾ آيو آهين؟“
” بس بابا توهان کي ڏسڻ لاءِ هڪ ڏينهن موڪل ڪري آيو آهيان“. هن جي پٽ جواب ڏنو.
”تو تمام غلط ۽ گناهه جو ڪم ڪيو آهي“، چاچي ابراهيم چيس، ”مونکي ڏسڻ لاءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻيون ويٺيون آهن. ڪجهه وڌيڪَ ٿيو ته اسپتال وٺي هلندا يا ڊاڪٽر کي گهرائي وٺندا. تون آچر تي اچين ها. هڪ ڏينهن موڪل ڪري تو اتي جي ڪيترن غريب مريضن کي رلائي ڇڏيو.“
پڙهندڙن لاءِ هي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم ته هنن کي هن پاسي جي ماڻهن، خاص ڪري ملئي مسلمانن جي سوچ جي خبر پئجي سگهي ته هتي جا سرڪاري ڪامورا نه فقط رشوت وٺڻ تي خراب سمجھيا وڃڻ ٿا پر چڱي طرح ڊيوٽي نه ڏيڻ تي به انهن کي ملئي سوسائٽيءَ ۾ خراب سمجھيو وڃي ٿو.
ملائيشيا ۾ ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آچر موڪل ٿئي. جتي ڪٿي شاديون ڇنڇر يا آچر ڏينهن منجھند جو 12 کان 4 بجي تائين ٿين. هاڻ مڙيئي شهرن ۾ ڇنڇر ڏينهن شامَ جو هوٽلن ۾ ٿين ٿيون. سي به ستين اٺين بجي ڌاري. هتي به اهو ئي پهلو آهي ته ڪو سرڪاري آفيسر جيڪو عوام جو نوڪر آهي پنهنجي نوڪريءَ تان نه گسائي. ايتريقدر جو ڪنهن باس کي خبر پوندي آهي ته سندس ماتحت رات جو دير تائين پيو گهمي ڦري ته هن کي منع ڪئي ويندي آهي جو اهڙو ماڻهو ٻئي ڏينهن تازگي محسوس نه ڪرڻ ڪري عوام جي صحيح طرح خذمت نٿو ڪري سگهي. ۽ اهي ئي Fine Points آهن جن تي اسان جي ماڻهوءَ جو ملائيشيا يا ٻين ملڪن ۾ نوڪري دوران ڦڏو رهي ٿو ڇو جو اسانجو ماڻهو هڪ ته “No Work” ڪلچر جو عادي آهي ٻيو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪو آفيسر ٿيو معنيٰ ’جيئن هن کي وڻي تيئن پيو ڪري‘. اسان جي ملڪ جي آفيسن ۾ وڃ ته ڪڏهن آفيسر نه آهن ته ڪڏهن ڪلارڪ يا فائيل غائب! اهو ئي حال اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻين ادارن جو آهي. پڇڻ تي ٻڌايو ويندو ته صاحب پنهنجي دوست جي پٽ جي شاديءَ تي سکر ويو آهي يا فوتيءَ تي دادو ويو آهي. اسان وٽ مرڻي پرڻي تي پير ڀرڻ اهم ڳالهه ۽ فرض سمجھيو وڃي ٿو..... جنهن ڳالهه لاءِ پگهار ملي ٿو يعني عوام جي خذمت ان کان آڱوٺو ـــ بلڪه ڪو احساس ئي نه ته مريض دوا لاءِ پيا واجھائين، ٻار ڪلاس روم ۾ مکيون پيا مارين.... پري پري کان آيل ڳوٺاڻان سرڪاري آفيسن اڳيان سڄو ڏينهن اُسَ، گرمي ۽ بک اڃ تي گذاري موٽيو پيا وڃن .... ڊاڪٽر، ماستر توڙي مختيارڪار تپيدار وتن پير ڀريندا!
هڪ انسان جي وفات بعد عذر خواهيءَ تي آيل مائٽ مٽ، دوست يار ڇا ٿا ڪري سگهن؟ دعا ئي ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ اها ڳالهه مونکي وڻي ته ويجھڙائيءَ ۾ رهندڙ مائٽ، دوست ۽ پاڙيسري پهرين ٽن ڏينهن مان ڪنهن به ڏينهن فوتي جي گهر اچي قل پڙهي.... يا ٻي ڪا دعا پڙهي هليا وڃن ٿا. ڏور رهندڙن کي پنهنجيون آفيسون ۽ ڪاروبار ڇڏي اچڻ جي ضرورت ناهي. هو اتي ئي فوتيءَ لاءِ دعا گهري سگهن ٿا. پاڻ وٽ ڇا ٿو ٿئي؟ هرڪو پنهنجي دل تي هٿ رکي سوچي. تڏي تي ڪچهري ۽ گلا پئي هلندي آهي. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ بزرگ جي پٿر تي سندس ڳوٺ ويس. سندس اولاد دعا يا قرآن پڙهڻ بدران ايندڙ ماڻهن طرفان مليل اجرڪن جي گريڊنگ ڪري رهيا هئا جيئن ولايت جي مارڪيٽن ۾ پٽاٽن بصرن جي انهن جي سائيز ۽ جنس مطابق ٿيندي آهي. هڪ کان پڇيم ته هي ڪهڙي خفي ۾ اچي پيا آهيو مرحوم ته انهن سڀني ڳالهين کان اتاهون هو ۽ بنا ڪنهن لالچ جي هر هڪ جو خير گهرندو رهيو ٿي. هو ته هميشه چوندو هو ته مونکي سادگي سان دفن ڪجو.... ڪنهن کي تڪليف نه ڏجو.... ٽيجھا، چاليها يا ٻيون غير اسلامي ڳالهيون نه ڪجو.
مرحوم جي پونئيرن مونکي سمجھايو ته هي ڪم جيڪي هو ڪري رهيا آهن پڻ ضروري آهن.... يعني دعا، قرآن نه پر اجرڪن جو قسم ۽ مليل پئسن جو انگ لکڻ ته ڪنهن اوچي اجرڪ نصرپور جي ڏني ۽ ڪنهن هالا جي ٺهيل سادي اجرڪ. ”آخر اسان به ته ڏيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ اسان کي چيڪ ڪرڻ کپي ته موٽ ۾ هنن اسان کي اوترو ئي ڏنو آهي يا نه“.
هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته آفيسر، ڪامورو يا ڪو وڏو ماڻهو آيو ٿي ته فوتيءَ جا پٽ، ڀائيٽيا، قرآن جا سيپارا ۽ پٿريون پڙهڻ ڇڏي ان جي کيڪار کڙي ۽ خذمت لاءِ اٿي کڙا ٿيا ٿي. ”ابا سائين لاءِ ٿڌو وٺي اچ.... ڇوڪرا بيڪري جا بسڪٽ وٺي اچ....“ مونکي پڪ آهي ته اسانجي ٻين شهرن ۾ به اهو ئي ماحول هوندو. انهن اوڻاين جي اسانکي خبر نٿي پوي پر ڌاريان حيرت کائين ٿا. ان خيال کان ملائيشيا ۽ سعودي عرب توڙي ايران ۾ ڏسان پيو ته اهڙن موقعن تي ايندڙ خاموشيءَ سان اچي دعا پڙهن ٿا يا ٻه گهڙيون چپ چاپ ويهي اٿي وڃن ٿا. اجرڪ اوچي يا سادي وجھڻ جي نوبت ئي نٿي اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي ملڪ يا پرديس ۾ پنهنجن پيارن کي دفن ۾ دير نٿا ڪن.
مالمو (سئيڊن) ۾ ٻه سال رهڻ دوران اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني گذاري ويو. هو ڏهه سال اڳ پورهئي لاءِ سئيڊن آيو هو ۽ اتي جو ئي شهري (Citizen) ٿي ويو. سئيڊن حڪومت دل کولي پنهنجي شهرين جي مدد ڪري ٿي. ٻار جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ته سرڪار کان هن جو ماهانو وظيفو ماءُ کي ملڻ شروع ٿيو وڃي جيڪو 18 سالن تائين هلي ٿو. اسڪول، اسپتال ويندي نوڪري جيسين ملي تيسين بيروزگاري الائونس، رهائش وغيره سڀ سرڪار طرفان ملي ٿي. پوڙهو ۽ اڪيلو ٿيڻ تي هن لاءِ ”اولڊ هائوس“ آهن جتي هن جي خذمت چاڪري ٿئي ٿي ۽ گذاري وڃڻ تي ان ڪم لاءِ ٺهيل سرڪاري کاتو ڪفن دفن جو بندوبست ڪري ٿو. عيسائين ۽ يهودين لاءِ الڳ کاتو آهي ته مسلمانن لاءِ الڳ جنهن جا ماڻهو عين اسلامي طريقي سان غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪري مسجد ۾ کڻي آيا ٿي ۽ جنازي نماز بعد دفن ڪيو ويو ٿي. متاثر خاندان کي نه ڪنهن ڳالهه جي تڪليف آئي ٿي ۽ نه پئسو خرچ ٿيو ٿي. هاڻ جو اسانجي پاڙي جو هڪ پاڪستاني گذاري ويو ته سندس غريب ڀاءُ جيڪو پڻ هن وانگر هڪ ڪارخاني ۾ مزدور هو تنهن پنهنجي ڀاءُ کي سرڪاري خرچ تي اتي مالمو ۾ ئي دفن ڪرائڻ چاهيو ٿي جيئن مالمو ۾ رهندڙ ٻين ترڪ، عراقي، سومالي مسلمانن کي دفن ڪيو ويو ٿي. پر سائين مون ڏٺو ته هتي رهندڙ ٻيا پاڪستاني هن غريب جو مٿو کائي ويا ته ميان ڀاءُ جي لاش کي هتي ڪافرن جي ڌرتيءَ تي دفن ٿو ڪرائڻ چاهين! ساڳي وقت هن کي ڳوٺان به ان تي زور ڀريو ويو ته لاش کي وطن کڻائي اچ جيئن اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ تي سندس روح کي راحت ملي!
اهو به خوب آهي ته اسان جا ماڻهو انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا يا ٻين ڌارين ملڪن ۾ رهڻ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ وقت پنهنجي ملڪ مان ڏهه خاميون ڪڍندا ته اتي اسان کي نوڪري نٿي ملي، مذهب جي آزادي ناهي وغيره وغيره ۽ پوءِ ههڙن موقعن تي ان ڌارئين ملڪ (جنهن کين رهڻ ڏنو) جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ کي گهٽ وڌ چون. بهرحال هن غريب مزدور ڪجهه پنهنجي بچت، ڪجهه بئنڪ کان قرض ۽ ڪجهه پاڙيوارن کان اوڌر وٺي لاش کي ٻه ڏينهن کن ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکرايو ۽ لاش کي ڪيميڪل لڳرايا. ان بعد پهرين اڏام ۾ اسلام آباد کڻائي ويو جتان پوءِ ايمبولنس ۾ سندن ڳوٺ پهچايو. واپس اچڻ تي مون ڏٺو ته هو غريب بس ٿي ويو هو. ظاهر آهي ڀاءُ جو لاش ڳوٺ پهچائڻ لاءِ هو لکين روپين جو قرضي ٿي ويو. ڏٺو وڃي ته اتي يعني سئيڊن ۾ لبناني، عراقي، ايراني، ترڪ، الباني، مصري به رهن ٿا جيڪي مسلمان آهن. هنن ۾ ڪيترائي عالم ۽ مولوي مفتي به آهن هو ته پنهنجن عزيزن جا لاش يڪدم ۽ اتي جو اتي دفن ڪرايو ڇڏين. پر سڀني کي حيرت آهي ته پاڪستاني پنهنجن پيارن جي لاشن کي ڪيڏو ته ٽلڪائين ٿا. اسان پاڪستانين کي پنهنجن عزيزن جي لاشن کي فلائيٽ واري ڏينهن تائين ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکائڻ، هوائي جهاز جي سفر لاءِ لاش جي ٽريٽمينٽ ڪرائڻ ۽ ٽڪيٽ پٺيان خرچ ڪري قرضي ٿيڻ ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ اسانجا مسلمان ملڪن جا ڪيترائي عالم، اسان جي ڄاڻ لاءِ انگريزي توڙي ٻاهران (خاص ڪري انگلنڊ ۽ آمريڪا مان) نڪرندڙ اڙدو اخبارن ۾ لکندا رهن ٿا. هينئر به لنڊن ۾ رهندڙ هڪ همراهه ”جناب عمر فاروق لوهاروي“ جو اڙدو ۾ مضمون ”تدفين مين جلدي ڪيجئي“ لنڊن جي اخبارن ۾ ڇپيو جيڪو پوءِ ڪراچيءَ مان عالمگير مسجد وارن پنهنجي رسالي ”تدريس القرآن“ جي ڊسمبر 2016ع واري پرچي ۾ ڏنو آهي. هو صاحب لکي ٿو ته ”اسلامي شريعت ۾ موت سان واسطو رکندڙ هدايتن مان هڪ هدايت اها به ڏني وئي آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گذاري وڃي ته هن جي دفن ڪفن ۾ جلدي ڪرڻ کپي.“ هن حديث بيان ڪئي آهي ته حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم صلعم کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته: جڏهن توهان مان ڪو گذاري وڃي ته هن جي لاش کي روڪي نه ڇڏيو. هن کي جلدي هن جي قبر ۾ پهچايو ۽ (دفن کانپوءِ) ان جي سيرانديءَ کان سورة بقر جون شروعاتي آيتون (مفلحون تائين) ۽ پيرانديءَ کان سورة بقر جون آخري آيتون (آمن الرسول کان آخر تائين) پڙهيون وڃن. (مشڪوات)
عمر فاروق لکي ٿو ته تدفين ۾ جلدي ڪرڻ جو شريعت جيڪو حڪم ڏنو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته مؤمن باعزت ۽ باڪرامت آهي ۽ دفن ۾ دير ڪرڻ سبب انديشو آهي ته ميت جو جسم بگڙڻ لڳي (يعني Decomposition شروع ٿي وڃي) ۽ اهو جيفه (بدبودار) ٿي وڃي ۽ ٻين کي خراب لڳي ته اها ميت جي بي حرمتي آهي ۽ ان جي تعظيم ۽ تڪريم جي خلاف آهي. ۽ ٻيو سب اهو آهي ته دفن ۾ دير ڪرڻ سان هنجي مائٽن ۽ عزيزن جي ڏک ۽ بي چينيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ڇو جو هو ميت کي پنهنجين اکين اڳيان ڏسندا رهندا ته هنن جو صدمو وڌندو. پر جي ميت نظرن کان غائب ٿي وڃي، ان کي دفن ڪيو وڃي ته ان جو توجه هٽي ويندو ۽ رنج ۽ غم هلڪو ٿي ويندو. بقول حضرت شاهه ولي الله دهلوي رحه: نبي صلعم مختصر جامع ارشاد ۾ انهن ٻنهي سببن ڏي اشارو فرمايو آهي ته ”مسلمان جي لاش لاءِ مناسب ناهي ته اهو هن جي اهل و عيال جي وچ ۾ روڪي رکيو وڃي“.
حضرت علي رضه کان مروي آهي ته رسول الله صلعم ارشاد فرمايو: ”جنازي ۾ تاخير نه ڪريوجڏهن اهو تيار ٿي وڃي.“ (ابن ماجه).
حضرت ابوهريره رضه نبي اڪرم صلعم کان روايت ڪن ٿا ته پاڻ صلعم جن فرمايو ته: ”جنازي کي جلد کان جلد دفن ڪريو. ڇو جو جنازو جيڪڏهن نيڪ ماڻهوءَ جو آهي ته توهان جلدي هن کي خير سان هم آغوش ڪندائو، ۽ جيڪڏهن اهو ان کان علاوه جو آهي ته توهان جلدي هڪ بديءَ کي پنهنجي ڪلهن تان لاهيندائو“.
هن مضمون جو مصنف وڌيڪَ لکي ٿو ته : ڪجهه ماڻهو بنا ڪنهن معقول شرعي عذر جي دفن ڪرڻ ۾ چڱي خاصي دير ڪريو ڇڏين جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت نظر اچن ٿا:
1. ڪڏهن ڪڏهن دفن ۾ ان ڪري دير ڪئي وڃي ٿي ته ان جو ولي ـــ پيءُ يا پٽ موجود نه آهي. ان جي اچڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو هو ٻئي ملڪ ۾ آهي ته به دفن کي ترسايو وڃي ٿو. اهو صحيح ناهي. ويجھو مائٽ موجود ناهي ته ان بعد واري کي کپي ته دفن جو ڪم جلد سرانجام ڏئي.
2. ڪجهه ماڻهو مائٽن يا دوستن جي انتظار ۾ غير معمولي دير ڪن ٿا. اها ڳالهه به شريعت موجب ناهي.
3. ڪن هنڌن تي ميت کي غسل ڏيڻ کان اڳ يا دفن ڪرڻ کان اڳ هڪ تعداد تسبيحن جو يا پٿرين جو پڙهڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. ان جي تڪميل ڪري دفن ۾ دير ڪئي وڃي ٿي. عالمن جو چوڻ آهي ته اهو صحيح ناهي ۽ ان رسم جي پوئواري نه ڪجي.
4. ڪجهه ماڻهو جمعي نماز جو انتظار ڪن ٿا جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو جنازي نماز پڙهي سگهن. اها ڳالهه ته سٺي آهي ته ڪنهن کي اها فضيلت نصيب ٿئي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته دفن ۾ غير معمولي دير ڪئي وڃي.
5. دفن ۾ دير ڪرڻ لاءِ ڪي اهو سبب ڏيندا آهن ته مرڻ واري اها وصيت ڪئي هئي ته منهنجي نماز جنازه يا دفن لاءِ فلاڻو مائٽ يا مولوي ضرور موجود هجي ۽ ان جي اچڻ جي انتظار ۾ دفن کي دير ڪئي وڃي ٿي. اسان کي ڄاڻ هئڻ کپي ته اها وصيت شرعي طرح غير معتبر آهي. ان ڪري مرڻ واري جي وارثن تي اهڙي وصيت پوري ڪرڻ ضروري ناهي.
مفتي رشيد احمد لڌيانوي جي وصيت ۾ آهي ته : ”منهنجي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ڪنهن ويجھي کان ويجھي مائٽ يا ڪنهن وڏي کان وڏي بزرگ يا گهڻن ماڻهن جي ميڙ جو انتظار نه ڪيو وڃي. بلڪه وقت تي جيترا ماڻهو به گڏ ٿيا هجن ته اهي جنازي نماز پڙهي جلد از جلد قبرستان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن.“ سنت مطابق چند ماڻهن جي نماز جنازه پڙهڻ سان الله تعاليٰ جي جيڪا رحمت متوجهه ٿئي ٿي اها خلاف سنت هزارن جي مجمع تي به نٿي ٿئي. حضرت موصوف جي ان وصيت تي عمل ٿيو ۽ وفات بعد ساڍن ٽن ڪلاڪن اندر سندن دفن مڪمل ٿي ويو.
مولانا حڪيم محمد اختر جي وصيت نامي ۾ آهي:
”جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪنهن جو به انتظار نه ڪيو وڃي. جيترا ماڻهو آسانيءَ سان موجود هجن نماز جنازه پڙهي جلد از جلد قبرستان پهچائڻ جي ڪوشش ڪجو“.
آمريڪا، انگلنڊ ۽ ٻين ڪيترن يورپي ملڪن ۾ اهڙا رسالا ۽ اخبارون آهن ۽ هاڻ ته ويب سائيٽون به آهن جن ذريعي ولايت ۾ رهندڙ مسلمان مختلف مسئلن جا حل پڇندا رهن ٿا. ولايت ۾ دفن ڪرڻ لاءِ عالم دين اها ئي نصيحت ڪندا رهن ٿا ته وفات بعد ميت کي جلد دفن ڪيو وڃي ۽ جتي وفات ڪري ٿو اتي جيڪڏهن مسلمانن جو الڳ قبرستان آهي يا عيسائين يا يهودين جي قبرستان ۾ مسلمانن جو سيڪشن آهي جيئن انگلنڊ جي شهرن ۾، ته مري ويل کي اتي ئي دفن ڪرڻ بهتر آهي يعني کيس پنهنجي وطن پاڪستان کڻائي نه وڃجي. هڪ اهڙي سوال جو مفتي طرفان جواب هوبهو هتي لکي رهيو آهيان.
“A body should be buried as soon as possible after death, and burial should not be delayed unnecessarily, such as by transporting the body from one Country to another. The Sunnah is to be buried where you die, so if there is a Muslim Graveyard in the Country the person dies in, or graveyards with a Muslim section, (as there are in UK) then the person should be buried there”.
شروع ۾ لکي آيو آهيان ته اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ ــــ خاص ڪري سئيڊن ۾ (جتي تعليم خاطر آئون ٻه سال رهيس. ان کان علاوه ڪيترائي سال سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جي بندرگاهن ۾ جهازن کي وٺي ويس)، حڪومت طرفان دفن ڪرڻ جو الڳ کاتو آهي ۽ مسلمانن جي غسل، ڪفن دفن لاءِ ان کاتي ۾ مسلمان عملو آهي. آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ جيتوڻيڪ سرڪار طرفان بندوبست ناهي پر هر رياست ۾ مسلمانن جا ادارا آهن جيڪي ان معاملي ۾ مدد ڪن ٿا ۽ دفن ڪفن جو بندوبست ڪن ٿا ۽ لاش کي پنهنجي ملڪ کڻي وڃڻ جي تڪليف ۽ لاش جي بيحرمتي ڪرڻ لاءِ وارثن کي بچائين ٿا. ويجھڙائيءَ ۾ پاڪستان جو عالمِ دين مفتي منيب الرحمان آمريڪا ۾ آيو ۽ هن اتي رهندڙ مسلمانن جي ان قسم جي ادارن کي ساراهيو جيڪي لاش کي جلد ۽ اتي جو اتي دفن ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ هن پنهنجي مضمون ذريعي به پاڪستانين کي ڄاڻ ڏني ته هو لاش کي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ نه کڻائي وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به اسان جا ڪيترا هم وطني اهو ٿا سمجھن ته مري ويل کي پنهنجي ملڪ بلڪه پنهنجي ڳوٺ جي آبائي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ عين ثواب جو ڪم آهي. ولايت ۾ رهندڙ هاڻ ڪيترا جيتوڻيڪ اهو سمجھي ويا آهن ته لاش کي ٽرانسپورٽ نه ڪرڻ کپي پر افسوس جو ڳوٺ ۾ رهندڙ هنن جا مائٽ هنن تي زور آڻين ٿا ..... ڇو جو انهن تي وري انهن جا ڄاڻ سڃاڻ وارا ڳوٺاڻا ڇٿرون ڪن ٿا ته ايترو پئسو نه هئانوَ جو هن کي پنهنجي وطن ۾ کڻي دفن ڪرايو.“
دراصل ڳالهه اها آهي ته لاش کي ولايت ۾ ئي دفن ڪرڻ بدران جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته هڪ ته ان ڌارئين ملڪ کي اطلاع ڪجي ٿو ۽ پوءِ لاش کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو جو ضروري ناهي ته ان ڏينهن يا ٻي ڏينهن جي فلائيٽ ۾ جاءِ ملي وڃي ۽ ٽي ڳالهه جيڪا سڀ ۾ ڏکوئيندڙ ۽ وڏو خرچ طلب ڪندڙ آهي اها آهي ”حنوط ڪاري“ يعني Embalming. هوائي جهاز وارا، توڙي هوائي اڏي وارا ۽ پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني وارا مري ويل جي ٻي معلومات جي سرٽيفڪيٽن سان گڏ Embalming (حنوط ڪاري) جو سرٽيفڪيٽ به گهرن ٿا جنهن بنا لاش ٻئي ملڪ ٽرانسپورٽ ڪري نٿو سگهجي.
ڪيترا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته مري ويل جو لاش پاڪستان کڻي اچڻ لاءِ بس هڪ ڪاٺ جي پيتي جي ضرورت آهي جنهن ۾ لاش کي بند ڪري ڪارگو جهاز ذريعي لاش موڪلي سگهجي ٿو يا پئسينجر جهاز ۾ ٽن سيٽن جو ڀاڙو ڏئي انهن تي اها پيتي رکي ڪراچي يا لاهور پهچي سگهجي ٿو. پر ائين ناهي. مردي جي Embalming جنهن کي اسان وٽ عربي فارسي توڙي اڙدو ۽ سنڌي ۾ ”حنوط ڪاري“ سڏجي ٿو تمام ضروري آهي. حنوط ڪاري هڪ اهڙو ڪيميائي عمل آهي جنهن ذريعي ميت کي محفوظ ڪيو وڃي ٿو ۽ لاش کي جراثيمن کان صاف رکيو وڃي ٿو. جيڪا ڪمپني اهو ڪم ڪري ٿي اها ”حنوط ڪاريءَ“ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ٿي. جنهن بنا ڪا به هوائي ڪمپني لاش نه کڻندي.
هاڻ سوال ٿو پئدا ٿئي ته حنوط ڪاري ڪيئن ٿي ٿئي يعني مردي کي ڪهڙي سالوشن ۽ طريقن سان تيار ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. اسان جي ڪيترن ماڻهن کي ان جي خبر ئي ناهي. جيڪڏهن ٿوري به ڄاڻ هجين ته هو پنهنجن پيارن جي لاشن سان اها بيحرمتي ۽ اهو ظلم وارو وهنوار هرگز نه ڪن ۽ انهن کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏين جتي هنن جو آخري ساهه نڪري ٿو.
حنوط ڪاري (Embalming) جي عمل لاءِ سڀ کان پهرين ميت کي مرده خاني وٺي وڃن ٿا جتي ان کي لوهه جي چادر يا چينيءَ جي ٽب ۾ ليٽائي هن جي جسم کي جراثيمن کان پاڪ صاف (Disinfect) ڪيو وڃي ٿو. جنهن سالوشن سان لاش کي ڌوئي صاف ڪيو وڃي ٿو اها “Germicide – Insecticide – Olfactant” سڏجي ٿي. اها سالوشن فارملڊيهائيڊ (Formaldehyde)، ميٿانال ۽ ايٿانال جو مڪسچر ٿئي ٿي. توهان ڪنهن انٽر جي شاگرد کان به پڇندائو ته هو به توهان کي ٻڌائي سگهندو ته اهي شيون خاص ڪري ايٿانال (Ethanol) جيڪو ان ۾ اڌو اڌ ٿئي ٿو پيئڻ وارو شراب (Ethyl Alcohol) ئي آهي. بقول مفتي منيب صاحب جي ان جو تصور ئي دل کي ڏاري ٿو رکي ته هڪ مسلمان جنهن سڄي زندگي شراب کان نفرت ڪئي هجي، ان کان بچڻ جي هر ممڪن تدبير ڪئي هجي، مرڻ بعد هن جي جسم ۾ الڪوحل (شراب) داخل ڪيو وڃي!
ميت جي جسم ۾ شراب داخل ڪرڻ کان اڳ هن جي سوٽائي (Stiffness) ختم ڪئي وڃي ٿي. ڪن حالتن ۾ ـــ خاص ڪري دير سان خبر پوڻ تي لاش جو گردن يا ڪا ٽنگ ٻانهن چٻي ٿي اتي ئي سخت (Stiff) ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورت ۾ حنوط ڪاري دوران انهن عضون جي مالش (Massage) ڪري سڌو (يعني اصلي حالت) ۾ آندو وڃي ٿو. مساج سان لاش جا عضوا نارمل حالت ۾ نٿا اچن ته انهن جون مشڪون (Muscles) ۽ تندون (Tendons) ڪٽيون وڃن ٿيون. نڪ ۽ وات کي الڪوحل جي سالوشن سان ڪپهه ۽ ڪپڙي ذريعي ڌوئي ڳچيءَ تائين سڪايو وڃي ٿو. ان بعد نڪ ۾ ڪپهه ڀري بند ڪيو وڃي ٿو ۽ وات کي بند رکڻ لاءِ چپن کي ڌاڳن سان سبيو وڃي ٿو. اکين مٿان خاص قسم جا کوپا ٻڌا وڃن ٿا جيئن جسم ۾ الڪوحل ڀرڻ مهل اندرين پريشر تي اکين جو مواد ٻاهر نه نڪري سگهي. ان بعد حنوط ڪاري واري مشين ذريعي جسم جي ڪنهن هنڌ شريان (Artery) کي ڪٽ ڏئي ان ۾ الڪوحل پمپ ڪيو وڃي ٿو ۽ جسم ۾ موجود رت، گند، گئس وغيره ڪنهن نس (Vein) مان يا دل وٽان ڪڍيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري ان ڪم لاءِ ڪنڌ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي جتي موجود Carotid Artery ۽ Jugular Vein سڀ کان بهتر آهن. انهن ۾ سوراخ ڪري هڪ لوهي ٽيوب (Metal Trocar) ذريعي هي ڪيميائي مواد داخل ڪيو وڃي ٿو. دراصل حنوط ڪاري ۾ جسم ۾ موجود رت يا ٻي پاڻيٺ سڀ ڪڍي وڃي ٿي ۽ انهن جاين تي هي جراثيم مارڻ وارو ڪيميائي مواد (الڪوحل) داخل ڪيو وڃي ٿو.
ان کان پوءِ جسم جي سڀني عضون جيئن ته معدي، آنڊن، مثاني وغيره ۾ لوهه جو ٽيوب وجھي جيڪي ڪجهه پاڻيٺ جهڙو مواد آهي ان کي ٻاهر ڇڪيو وڃي ٿو. ان بعد ٻئي ٽيوب ذريعي جيڪو ڌن وٽ چيهڪ ڏئي اندر داخل ڪيو وڃي ٿو ان ٽيوب رستي جسم جي سمورن خالن ۾ ڪيميائي مواد ڀريو وڃي ٿو. ان کانپوءِ جسم جي جنهن جنهن حصي کي چيريو ويو آهي ان کي سئي سڳي سان سبيو وڃي ٿو يا لوهي تار ذريعي بند ڪيو وڃي ٿو. انسان جا سمورا سوراخ ڪنن کان هيٺ تائين سڀ بند ڪيا وڃن ٿا يا پلاسٽڪ جا کوپا فٽ ڪيا وڃن ٿا. ان بعد جسم مٿان ڪريمون، لوشن ۽ عطر مَليا وڃن ٿا ۽ پوءِ ميت کي تابوت ۾ بند ڪيو وڃي ٿو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ”حنوط ڪاري“ جي ڪم لاءِ جيڪو عملو ٿئي ٿو اهو گهڻو ڪري غير مسلم عورتن تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪي Embalmer Technicians سڏجن ٿيون.
اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ميت کي اهڙين تڪليفن ڏيڻ کان بهتر آهي ته ان کي اتي ئي دفن ڪجي جتي هن جو موت ٿئي ٿو. بقول مفتي منيب الرحمان جي ”اسان دعا مغفرت ۽ ايصال ثواب جو اهتمام ڪٿي به ۽ هزارين ڪلوميٽر پري ويهي به ڪري سگهون ٿا. اسلام ميت جي تڪريم جو حڪم ڏئي ٿو. رسول الله صلعم جو ارشاد آهي:
(1) ميت جي هڏين کي ڀڃڻ ائين آهي جيئن زندهه حالت ۾ انهن کي ڀڃڻ“. (يعني ميت کي ايذاءَ پهچائڻ شرعي ممنوع آهي) (سنن ابن ماجه: 1616)
(2) ”توهان مان ڪو به شخص باهه جي ٻرندڙ ڪوئلي (ٽانڊي) تي ويهي رهي ۽ اهو سندس ڪپڙن مان ٿيندو هن جي جسم جي کل تائين پهچي وڃي ـــ اها (تڪليف) ان کان بهتر آهي ته هو (ڪنهن جي) قبر مٿان وهي“ (سنن ابو دائود: 3228).
مفتي منيب اهي ٻه حديثون پيش ڪري فرمائي ٿو ته ”منهنجي راءِ ۾ پري جي مائٽن مٽن جي انتظار ۾ ڪيترا ئي ڏينهن ميت کي برف خاني ۾ رکڻ، اهو به اذيت (تڪليف پهچائڻ) جو عمل آهي ۽ اسان کي ان کان احتراز ڪرڻ کپي. شريعت جو حڪم غسل ميت، تڪفين ۽ جنازي کانپوءِ جلد از جلد تدفين جو آهي.“
ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين يا ٻين ملڪن جي مسلمانن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته اڄ ڪلهه ڪيترائي مولوي، مفتي، مدرسا ۽ اسلامي ادارا آهن جيڪي اسان جي مونجھارن ۽ ديني مسئلن جا قرآن و سنت جي روشنيءَ ۾ تشفي بخش حل ڏين ٿا. ڪيترين پاڪستاني ۽ عرب دنيا جي اخبارن ۾ ولايت ۾ رهندڙ مسلمانن جي مذهبي مسئلن جا جواب ڏنا وڃن ٿا. آئون سئيڊن ۾ پڙهندو هوس ته مونکي يا منهنجي عرب ڪلاس ميٽن کي ڪو مذهب جي نقطه نگاهه کان مسئلو درپيش ايندو هو ته اسان جدي (سعودي عرب) جي روزنامه انگريزي اخبار The Arab News کي لکندا هئاسين جن وٽ موجود مفتين جو پئنل هر سوال جو جواب سوچي لکندا هئا. انهن جا جواب ايترا ته Authentic آهن جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انهن سوالن جوابن کي مرتب ڪري ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. سن 2000ع تائين ته اسان وٽ به ڪراچيءَ ۾ محمد عارف نالي هڪ ديندار ۽ مخير صاحب پنهنجي خرچ تي “Dialogue” ۽ ”ڊائلاگ پلس“ نالي ڪتاب ڇپائي ضرورتمندن کي مفت ڏيندو رهيو ان بعد هن اهي سڀ سوال جواب انهن ڪتابن جي نالن سان Net تي ڏئي ڇڏيا آهن ۽ ڪو به ان کي مفت ourdialogue.com لکي برائوز ڪري سگهي ٿو. محمد عارف صاحب بزنيس مئن آهي ۽ سندس Apkar Pk نالي آفيس ٽاور وٽ قمر هائوس ۾ روم نمبر 404 ۾ هئي پر هاڻ ڊفينس سوسائٽي جي زمزما ڪمرشل لين 6 تي 25C بلڊنگ جي پهرين فلور تي آهي ۽ فون نمبر آهي 0213- 2312495 .
اهڙي طرح ڪيترن ئي مولوين ۽ مفتين جون اهم اسلامي ڳالهين بابت سمجھاڻيون ۽ فتوائون انٽرنيٽ تي موجود آهن جيڪي گوگل يا ٻين سرچ مشينن ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ميت جي دفن بابت ته دارالعلوم ديوبند وارن جو به تصديق شده خط نمبر 7862 نيٽ تي آهي جيڪو 22 نومبر 2008ع جو آهي ان خط ۾ جيڪي سوال پڇيا ويا آهن اهي هن ريت آهن: 1. جڏهن ڪو ڌارئين ملڪ ۾ وفات ڪري ٿو ته ڇا هن جي ميت کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ٽرانسفر ڪرڻ جي اجازت آهي جيئن امير جماعت مولانا يوسف جو ميت پاڪستان کان انڊيا ٽرانسفر ڪيو ويو هو.
سوال2: ڇا ڪنهن اصحابيءَ جو ميت هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ٽرانسفر ڪيو ويو؟
سوال3: ڪو شخص اهڙي ملڪ ۾ گذاري وڃي جتي هن جو ڪو مائٽ مٽ نه هجي ۽ جيڪڏهن اهو ملڪ جتي هن جا مائٽ رهن ٿا ويجھو آهي ته ڇا ان صورت ۾ ميت کي ٽرانسفر ڪرڻ جي اجازت آهي؟
مٿين سوالن جا جواب ”دارالعلوم ديوبند“ وارن فتوا نمبر 1611/1528=D/1429 مطابق هن ريت ڏنا آهن:
جواب1: ميت کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا هڪ هنڌ کان ڏورانهين هنڌ ڏي موڪلڻ سٺو نٿو سمجھيو وڃي يعني مڪروهه آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه اسلامي قانوندان اجازت ڏين ٿا پر ترجيح وارو فيصلو اهو ئي آهي ته جيڪڏهن ڪا اهڙي سخت مجبوري ناهي ته بهتر اهو ئي آهي ته ميت کي اتي ئي دفن ڪيو وڃي جتي هو دم ڏئي ٿو.
جواب2: صحابين مان حضرت عبدالرحمان رضه اتي دفن نه ڪيو ويو جتي هن ساهه ڏنو. هن جي ميت کي ٻئي هنڌ پهچائي اتي دفن ڪيو ويو. حضرت عائشه رضه ان تي اعتراض ڪيو هو. هڪ دفعي سفر دوران، هوءَ جڏهن هن جي قبر وٽان گذري ته هن چيو: ”منهنجي وس ۾ هجي ها (مونکي جي پاور هجي ها) ته آئون توکي هتي دفن ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏيان ها. توکي اتي ئي دفن ڪرايان ها جتي تو آخري ساهه کنيو.
جواب3: ميت کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪجهه ميلن تائين کڻي وڃڻ جي ته اجازت آهي پر هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي وڃڻ ”مڪروه تحريمي“ آهي يعني ”حرام“ جي حد تائين نا پسنديده آهي.
بهرحال هتي سڄي مضمون جي باٽم لائين اها آهي ته اسان مسلمانن کي ـــ خاص ڪري پاڪستان جي مسلمانن کي اهو سمجھڻ کپي ته اسلام جي اها ئي تعليم آهي ته ميت کي جيترو جلد ٿي سگهي دفن ڪجي ۽ لاش جي وڍ ڪٽ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ٽرانسفر نه ڪجي جو ان سان لاش جي بي حرمتي ٿئي ٿي ۽ ڏٺو وڃي ته ان جي وارثن کي به خرچ هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته تڪليف الڳ اچي ٿي. ۽ اهو به سمجھڻ کپي ته ان جا عزيز، مائٽ هزارين ميل ڏور رهي به ان جي لاءِ دعا ڪري سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ رهن ٿا انهن جو پنهنجن مائٽن مٽن سان اڳواٽ جو اهو ئي سمجھوتو هجڻ کپي ته پرديس ۾ وفات تي کيس اتي ئي ۽ يڪدم دفن ڪيو وڃي.
ملائيشيا ۾ آئون رهندو هوس ته هر سال ٻن بعد منهنجا والدين ٽن چئن مهينن لاءِ مون وٽ اچي رهندا هئا. پهرين دفعي پهچڻ تي ئي منهنجي والد مونکي سمجھايو ته: ”موت جي ڪا خبر ناهي. هر هڪ وٽ اچڻو آهي ۽ ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو. منهنجي هتي وفات ٿئي ته لاش کي پنهنجي وطن ٽرانسفر ڪرڻ بدران هتي ئي دفن ڪري ڇڏجو“ هن ملاڪا ۾ اسانجي گهر جي سامهون واري قبرستان ڏي اشارو ڪندي چيو هو. هن محسوس ڪيو ته سندن اها ڳالهه مونکي عجيب لڳي رهي آهي. ان تي هن مونکي سمجھايو ته هر ٻاهر رهندڙ کي ان قسم جا Instruction پنهنجن وارثن کي ڏئي ڇڏڻ کپن جيئن بعد ۾ ابهام پئدا نه ٿئي ۽ پويان غير شرعي ڪم ڪرڻ کان بچي وڃن.
* * *