جهاز پنهنجي مرضيءَ سان بندرگاهه ۾ گهڙي نٿا سگهن ....
اسان جڏهن پاڻيءَ جي جهاز کي پنهنجي ملڪ مان وٺي ٻي ملڪ جي ڪنهن بندرگاهه ڏي وڃون ٿا ته ان بندرگاهه وٽ پهچڻ سان ان ۾ داخل ٿي نٿا سگهون. هر جهاز کي، ڀلي اهو ڌارئين ملڪ جو هجي يا پنهنجي ملڪ جو، ڪنهن به بندرگاهه ۾ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ بندرگاهه کان ڏهه پنڌرهن ناٽيڪل ميل، يعني ويهارو کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي، سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيسين بندرگاهه اٿارٽيءَ وارا هن کي اندر گهرائڻ جو ڏينهن ۽ ٽائيم ٻڌائين ۽ بندرگاهه ۾ گهرائڻ لاءِ پنهنجو ڪئپٽن موڪلين جيڪو پورٽ پائليٽ سڏجي ٿو. لنگر ان ڪري ڪيرائڻو پوندو آهي جيئن اهو سمنڊ جي تري ۾ ڪلي وانگر کُپي بيهي ۽ جهاز هوا ۽ لهرن جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن رڙهڻ بدران، سمنڊ جي تري ۾ کُتل لنگر جي ئي چوڌاري ڦرندو رهي.
هونءَ ته وچ سمنڊ تي جڏهن جهاز خراب ٿئي ٿو ته ان کي بيهاري ان جي انجڻ صحيح ڪرڻ وقت لنگر ڪيرائڻ جي ضرورت نٿي پوي جو چوڌاري کليل سمنڊ آهي ۽ جهازن جي ٽرئفڪ نه آهي، جن سان اسان جو جهاز ٽڪرائي. ٻي ڳالهه ته هر جهاز جو لنگر هڪ لميٽيڊ زنجير سان ٻڌل ٿئي ٿو. جيڪا وڌ ۾ وڌ کڻي سئو يا ٻه سئو ميٽر ڊگهي هجي پر کلئي سمنڊ ۾ ان جي اونهائي اڌ ڪلوميٽر به ٿي سگهي ٿي. بندرگاهه جي ويجهو سمنڊ تانگهو ٿئي ٿو، اتي لنگر ڪيرائڻ ان ڪري به ضروري آهي جو اتي اسان جي جهاز کان علاوه ٻيا جهاز به بندرگاهه ۾ گهڙڻ جو انتظار ڪندا رهن ٿا. لنگر نه ڪيرائبو ته هوا ۽ لهرن جي زور تي جهاز وڃي ٻين جهازن سان ٽڪرائبو. لنگر ڪيرائڻ جي باوجود ڪنهن ڪنهن هنڌ ايڏي تکي وير ۽ هوا ٿئي ٿي جو جهاز ڪجهه ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو رهي ٿو يعني لنگر کي ٿورو ٿورو ڇڪيندو رهي ٿو. ان ڪري اهڙن هنڌن تي ڊيوٽي آفيسر سمنڊ واري چار چار ڪلاڪ ڊيوٽي قائم رکي ٿو ۽ جهاز جي چرپر تي نظر رکي حساب ڪندو رهي ٿو ته جهاز ڪهڙي طرف ۽ ڪيترو وڌيو يعني Drift ٿيو. گهڻو توائي ٿيڻ تي هو اتان لنگر پٽرائي ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ تي وڃي انتظار ڪري ٿو جتي ڪو جهاز سندس ويجهو نه هجي. اهڙن موقعن تي اڪثر نئين جهاز وارا وڌيڪ خبردار رهن ٿا ۽ خطري جي خوشبوءِ محسوس ڪري هوئي ٽپڙ کڻن ٿا جو ٽڪر ٿيڻ تي پراڻي جهاز کي ڪو ايڏو نقصان نٿو ٿئي. بلڪه پراڻي جهاز وارو نئين جهاز ڀرسان هجڻ ۾ خوش رهي ٿو ته جي رات جو وير يا جهڪ لڳي ته هن کي جهاز اسٽارٽ ڪرڻ ۽ ٻي جاءِ ڳولڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي، نئين جهاز وارا اڳواٽ ڀڄي ويندا. مون واري مسجد ۾ منهنجا ٻه جهازي ڪئپٽن دوست نماز لاءِ ايندا آهن. هڪ ڏينهن مسجد جي ٻاهران بيهي ڪچهري ڪرڻ دوران مسجد مان جتي چوري ٿيڻ جي ڳالهه نڪتي. هڪ کِلي چيو ته ان لاءِ زبيده آپا جو ٽوٽڪو آهي ته جتيءَ جو هڪڙو پادر مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ رکجي ته ٻيو ٻيءَ ڪنڊ ۾. ان تي ٻئي کلي چيو ته آئون ته پنهنجي چئمپل لاءِ اهڙو هنڌ ڳوليندو آهيان جهڙو ائنڪريج تي پنهنجي جهاز کي بيهارڻ لاءِ ــــــ هميشه نئين جهاز جي ويجهو. پنهنجي چمپل کي ڪنهن جي نئين چمپل يا بوٽ جي ڀرسان رکڻ ۾ اهو فائدو آهي جو چور توهان جو چمپل ڇڏي ٻئي جو کڻندو جو اهو وڌيڪ بهتر آهي.
”ائنڪريج“ (Anchorage) بندرگاهه جي ٻاهران اهو سمنڊ جو حصو آهي جتي ٻاهران ايندڙ جهاز پنهنجو لنگر ڪيرائي اندر اچڻ جي آرڊر جو انتظار ڪن ٿا. بين الاقوامي قانون مطابق هر ملڪ جو ڪناري کان ويهه کن ڪلوميٽر جي فاصلي تائين سمنڊ ان ملڪ جو حصو (Territorial water) سڏجي ٿو. پوءِ اهو ڪٿي گهٽ يا ٿورو وڌ به آهي. جيئن مغربي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪو لنگڪوي ٻيٽ کان سنگاپور تائين جو سامونڊي لنگهه آهي اهو ٽيهن کان چاليهه ڪلوميٽرن تائين ويڪرو آهي. سو ظاهر آهي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي حصي ۾ ان حساب سان ٿوري فاصلي تائين جو سمنڊ اچي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته بندرگاهه تائين پهچي پوءِ ان جي انتظارگاهه (ائنڪريج) تي جتي اسان لنگر ڪيرائي جهاز کي ترسائيون ٿا جيتوڻيڪ ڪافي وڏو ٿئي ٿو پر جهازراني جي چارٽ (نقشي) کي ڏسي هر جهاز وارو سمنڊ جي اهڙي هنڌ تي لنگر ڪيرائي جهاز کي ترسائي ٿو جتي تري ۾ ريتي يا چيڪي مٽي هجي. سمنڊ جو اهو حصو جنهن جو ترو پٿرائون آهي ان کان هر ڪو ڀڄي ٿو جو ان هنڌ تي جهاز جو لنگر هڪ هنڌ ڀچي نٿو بيهي.... رکي رکي اکڙيو وڃي... يا وري ڪڏهن ڪڏهن اهڙي پٿرائين ڇپ هيٺان ڦاسيو پوي جو هلڻ مهل لنگر ڇڪڻ واري مشين ڪئپسٽن زور لڳائڻ سان به لنگر کي ٻاهر ڪڍي نٿو سگهي ۽ زنجير ٽٽڻ سان لنگر هيٺ ئي رهجيو وڃي. پر ڪي ڪي بندرگاهه اهڙا آهن جن جو ٻاهريون سڄو سامونڊي حصو پٿرائون آهي. اهڙن هنڌن تي مجبورن لنگر ڪيرائڻو ته پوي ٿو پر هر وقت خبردار رهڻو پوي ٿو. هونءَ لنگر ۽ ان سان ٻڌل زنجير ڪا گهٽ وزن جي نٿي ٿئي. اسان وارن عام جهازن جي لنگر جي تور به 25 هزار ڪلو يعني 25 ٽن ٿئي ٿي ۽ ان سان ٻڌل زنجير جو هڪ هڪ لوه جو ڇلو (link) ايڏو وڏو ۽ ٿلهو ٿئي ٿو جو وڏي مشڪل سان اسين هڪ ڇلو مس کڻي سگهون. بهرحال لنگر اڪثر سمنڊ جي تري تي رهجي به وڃن ٿا. ساڳي وقت اهي سخت ضروري پڻ ٿين ٿا. ان ڪري هر جهاز لاءِ ضروري آهي ته پاڻ سان ٻه لنگر کڻي هلي جيئن هڪ هليو وڃي ته ٻيو استعمال ڪري سگهجي جيسين ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي نئون خريد ڪجي. اهڙيون شيون هر بندرگاهه يا ملڪ مان به نٿيون ملن. يورپ يا آمريڪا جي بندرگاهن مان ته هر شيءَ ملي وڃي ٿي پر شل نه ڪنهن شيءِ جي آفريڪا يا ايشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ضرورت پوي. پر ايشيا جا ڪجهه ملڪ ۽ بندرگاهه آهن جيئن ته جپان، ڪوريا ۽ چين جهڙا جتي جهازن جي هر شيءِ ۽ سندن مرمت ٿيو وڃي. انهن ملڪن ۾ سنگاپور به هڪ آهي جيڪو حيدرآباد شهر جيڏو مس ٿيندو جتي ڪا پوک يا ڌاتو ناهي، پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا پر بقول هڪ سنڌي واپاري هرڪشن ڀوڄواڻيءَ جي ”سنگاپور سروس تي جيئي ٿو“. يعني هو هر شيءِ ٻاهران گهرائي ڪم مان پئسو ڪمائين ٿا. سنگاپور ۾ نه رڳو جهاز جي هر شيءِ مليو وڃي پر ان کي لڳائڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا انجنيئر، مستري، مزور به مليو وڃن ۽ سنگاپور آچر جي ڏينهن به بند نٿو ٿئي. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ننڍڙن ٻيٽ نما ملڪن جي خوشحاليءَ جو راز ئي ان ۾ آهي. سنگاپور ۾ هر وقت تازو گوشت، ڀاڄيون ۽ ميوا به مليو وڃن. توهان سنگاپور پهچڻ سان ايجنٽ کي فون ڪريو ۽ جيسين جهاز ٻڌجي تيسين توهان جي آرڊر مطابق ويهه ٽيهه ڪٺل ۽ سخت برف جهڙا Frozen ٻڪرا پهچايا وڃن ٿا ۽ انهن سان گڏ مفتي مولوين جو تصديق نامو به ته هي ٻڪرا هنن اڳيان اسلامي طريقي سان ذبح ڪيا ويا آهن ۽ ”حلال“ هجڻ جي گئرنٽي آهي. اهي سنگاپور جي ڪولڊ اسٽوريج کان سڌو جهاز جي ڪولڊ اسٽوريج تي پهچيو وڃن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ رهن سو مسلمان ٿا پر گوشت مضر صحت هوندو ۽ ان کي جهاز تائين پهچڻ لاءِ پوليس، ڪي پي ٽي، ڪسٽم، خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن کاتن کي چانهه پاڻي ڪرائي اجازت ناما وٺڻا پون ٿا ۽ پوءِ ان ٽرڪ کي جهاز تائين اچڻ ڏنو وڃي ٿو تيسين ڀلي سڄو ڏينهن اها ٽرڪ بندرگاهه کان ٻاهر روڊ تي بيٺي هجي ۽ مردار ڍڳيين جو گوشت اس ۽ ڌوڙ ۾ وڌيڪ خراب ٿيندو رهي. شايد اهي حال ڏسي اسان جا جهازي به پنهنجي ملڪ جي گوشت بدران سنگاپور جهڙن بندرگاهن تان ورتل گوشت تي خوش ٿين ٿا جو اهي ملڪ پڪو گراهڪ ڪرڻ لاءِ صحتمند جانورن جو صحيح طرح ۽ صاف سٿرو گوشت پهچائين ٿا. انهن ملڪن جي حڪومت ان ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ بدران واپارين کي سهولتون مهيا ڪري ٿي. ملائيشيا به سنگاپور کي ڏسي سڌري ويو. هنن ٽيهه سال اڳ اهو قاعدو ڪڍيو ته سواءِ نشي پتي جي شين جي ڪو به شهري ڪا به شيءِ امپورٽ يا ايڪسپورٽ ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ ٻن ٻن ايڪڙن جا زميندار به پنهنجو فصل، انناس، ليچي، رمبوتان يا ٻيو فروٽ ٽرڪن ۾ ڀري ٻئي ملڪ موڪلڻ لاءِ جهاز تي چاڙهيو ڇڏين ۽ خوب پئسو پيا ڪمائين. پر اسان وٽ ڦرلٽ لاءِ ڏهه رنڊڪون آهن ۽ فارمر ڪجهه نٿو ڪمائي. رنڊڪن ڪري اها شيءِ Delay ٿئي ٿي ۽ جڏهن منزل تي پهچي ٿي ته اها مضر صحت پاروٿي حالت ۾ پهچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب يا دبئي جهڙن ويجهن ملڪن ۾ رهندڙ اسانجا پاڪستاني واپاري به پنهنجي ملڪ مان ڀاڄي يا ميوو گهرائڻ بدران انڊيا کي ترجيح ڏين ٿا. آخر هنن کي واپار مان ڪمائڻو آهي گراهڪ ٽاهڻا ته نه آهن.
بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ جهاز کي بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي اندر اچڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بندرگاهه ۾ اڳهين جهازن جي رش آهي يا ڪم ڪندڙ مزدورن جي هڙتال آهي ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهازن تان سامان آهستي آهستي ٿي پيو لهي. اسان جي ڏينهن ۾ خاص ڪري 1970 واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جو جام پئسو اچي ويو ۽ هو موٽر ڪارن کان وٺي ٽي وي فرجون، ڊئنمارڪ بيلجم کان کير مکڻ پنير آسٽريليا کان رڍن جا ڌڻ گهرائڻ لڳا ۽ بندرگاهه کان ٻاهر جهازن جا ڪٽڪ گڏ ٿي ويا ٿي جو بندرگاهه اهي ئي پراڻا هئا. جهازن جي مالڪن کي به ڪو فڪر نه هو جو عربن هڪ هڪ ڏينهن جي Waiting (انتظار) جا خوب پئسا ڏنا ٿي ۽ اسان کي جدي، دمام، ڪويت، دبئيءَ ۾ ٽي ٽي مهينا به ائنڪريج (بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ) تي وارو اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي.
يورپ جي ملڪن ۾ ٻن ڏينهن جي انتظار ۾ به مڪاني آفيس طرفان ٻيڙي اچي وڃي ٿي ۽ جهاز جي اڌ ماڻهن کي بندرگاهه ۾ وٺي اچي ٿي ته جيئن گهمون ڦرون ۽ دل وندرايون. پر هنن پٺتي پيل عرب ملڪن ۾ اهڙو بندوبست ئي نه هو. اهو ئي حال اتر ڪوريا، روس ۽ ڪيوبا جهڙن ڪميونسٽ ملڪن جي بندرگاهن ۾ هوندو هو. ڪراچيءَ کان مهيني کن جو ڏينهن رات سفر ڪري، ٿڪجي ٽٽجي ڪيوبا پهچبو هو ۽ بندرگاهه جي ٻاهران پيو سڙبو هو. بندرگاهه وارن طرفان ڪو جواب به نه ملندو هو ته بندرگاهه جي ڇا پوزيشن آهي، اندازي موجب ڪيترا ڏينهن اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو. نارٿ ڪوريا ۽ ڪيوبا جهڙن بندرگاهن ۾ ته واري تي به ڪم نه هلندو هو. ڪنهن سوشلسٽ ملڪ (رومانيا، بلغاريا) جو جهاز اچي ويو ٿي ته ان کي پهرين اندر ڪيو ويو ٿي، اسان پيا انتظار ڪريون.... بقول اسان جي هڪ چرچائي فِرج انجنيئر جي، هنن کي اسان لاءِ روس کان پڇڻو ٿو پوي ته پاڪستاني جهاز کي اندر اچڻ ڏيون يا نه.
سو ڪيوبا ۽ نارٿ ڪوريا جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ گهڙڻ لاءِ ٻه ٻه، ٽي ٽي مهينا به انتظار ڪيو هوندوسين. ان بعد نڀاڳ اهو ته جڏهن جهاز اندر ايندو هو ته اسان جهاز وارن کي جهاز تان هيٺ لهڻ نه ڏيندا هئا. چڱو جو روس ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ۽ پولينڊ، رومانيا، ڪيوبا، ايسٽونيا جهڙا ملڪ هن مصيبت جي سحر مان آزاد ٿيا ۽ هاڻ پاڻ به آزاد زندگي گذارين ٿا ته اسان جهاز وارن کي به پنهنجن بندرگاهن ۾ آزادي سان گهمڻ ڏين ٿا.