اسان کي جتي ڪٿي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو....
ويزا ملڻ بعد به جڏهن اسان ڌارين ملڪن ۾ پهچون ٿا ته اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سائي رنگ جي پاسپورٽ واري کي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان گهوريو وڃي ٿو. ڄڻ اسان جو هڪ هڪ ماڻهو ڏوهاري هجي، دهشتگرد هجي، چور چڪار هجي، وچڙندڙ بيمارين جو مريض هجي جيڪو سندن صحتمند ماڻهن کي اگهو ڪري، چرس جو واپاري هجي جيڪو سندن ماڻهن کي موالي بنائڻ لاءِ پهتو هجي. منهنجي خيال ۾ ته پنهنجي گذريل ملائيشيا جي سفر بابت سنڌيءَ جي ”ڪاوش“ يا اردو جي ”امت“ اخبار ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن کان پنهنجي پاسپورٽ تي ملائيشيا ۾ Entry جو ٺپو هڻائي، رولر تان پنهنجي بئگ کڻي هاڻ ايئرپورٽ کان ٻاهر ٿي نڪتس. منهنجي اڳيان مختلف ملڪن جا يورپي ۽ ڪجهه آفريڪي ۽ عرب مسافر هئا. گيٽ جي ٻمڀ وٽ بيٺل ڪسٽم آفيسر مسافرن جي چهري تي هڪ نظر وجهي کين هٿ جي اشاري سان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا هئا. منهنجي اڳيان بيٺل نوجوان ملئي ڪسٽم آفيسر مون کي به هٿ جي اشاري سان تڪڙو ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو پر ٻي گهڙيءَ مون ڏٺو ته هن جي جيئن ئي منهنجي هٿ ۾ سائي پاسپورٽ تي نظر پيئي ته هن مون کي روڪي ورتو ۽ پاسي تي رکيل ٽيبلن مان هڪ تي منهنجي بئگ رکي کولڻ جو اشارو ڪيو. مون کي ذهني طرح تڪليف ته پهتي ته هڪ ته سفر ۾ سڄي رات اوجاڳي ۾ گذري، ان کان پوءِ مختلف اڏامن مان لهندڙ مسافرن جي ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪ کن بيهي اميگريشن مان جان آجي ڪرائي، هاڻ هن همراهه خوامخواهه کڻي سيڙايو. پر هڪ غير ملڪي مسافر، خاص ڪري پاڪستاني ڇا ٿو ڪري سگهي. اسان جي ملڪ جي وزيرن ۽ وزيراعظمن جا آمريڪا جهڙن هوائي اڏن تي ڪسٽمس وارا جوتا ۽ ڪپڙا به لهرايو ڇڏين جو بقول انهن ملڪن جي ڪسٽمس جي سمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جهڙا ڏوهه اسان وٽ سفيد پوش ماڻهو ۽ فلمي ماڊل ٿيون ڪن. مون کي هفتي کن لاءِ ملائيشيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻو هو سو بئگ ۾ مئرين انجنيئرنگ جا ڪتاب، نوٽس، ٽرانسپئرنسيون، OHP قلمن ۽ مارڪرن جهڙيون شيون ڏسي نوجوان ڪسٽم آفيسر حيران ضرور ٿيو ۽ مون به کيس اهو ٻڌائڻ ضروري نه سمجهيو ته آئون توهان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ طور نه پر ٽيچر جي حيثيت ۾ آيو آهيان. جيڪڏهن آئون هن کي ٻڌايان ها ته ٿي سگهي ٿو. (ٿي سگهي ٿو.... پڪ نه اٿم) ته هو منهنجي بئگ ۾ رکيل سامان جي اٿل پٿل ڪرڻ کان اڳ هٿ روڪي ڇڏي ها. ڇو جو ملائيشيا ۾ هڪ ٽيچر جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي. مهاتير جي هڪ وزيراعظم جي حيثيت ۾ عزت ضرور آهي پر ان کان وڌيڪ هُن جي والد جي آهي جيڪو ”چيگو“ (ٽيچر) هو. هونءَ به سڌريل ملڪن ۾ ڪنهن بيورو ڪريٽ، بزنيس مئن، فوجي، سياستدان وزير کان وڌيڪ هڪ استاد ۽ ليکڪ جي عزت ڪئي وڃي ٿي. ان قسم جي تجربي کان فقط چند مهينا پهرين گذري چڪو هوس جنهن مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو. آئون پنهنجي وڏي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ جپان پهتس ته اوساڪا ايئرپورٽ مان نڪرڻ وقت اوچتي (Random) چيڪنگ ۾ مون کي ڪسٽم آفيسر روڪي بئگ کولڻ لاءِ چيو. معلومات هجڻ جي باوجود ته جپان ۾ کائڻ جي شيءِ کڻڻ جي عام طرح اجازت ناهي آئون ٻارن لاءِ مٺائي ۽ نمڪو جا پئڪيٽ کڻي پئي ويس. بئگ کولڻ جو ٻڌي پڪ ٿيم ته ڪسٽمس وارو کائڻ جي شيءِ ضبط ڪندو يا ڏنڊ (Tax) هڻندو. پر منهنجو بچاءُ ٿي ويو ۽ مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته هن ملڪ ۾ ليکڪ جي ڪيڏي وڏي عزت آهي. خير اها ته خبر هيم ته جپان ۾ ليکڪ جي عزت آهي پر اها خبر پهريون دفعو ٿيم ته ”تمام گهڻي“ عزت آهي. بئگ کولڻ سان مٿان ئي مٿان خيرپور جي قربان منگي (پوپٽ پبليڪيشن) وارن جو منهنجو ملائيشيا جي سفرنامي وارو ڇپيل ڪتاب هو جنهن جي ٽائيٽل تي منهنجي تصوير ڏسي جپاني ڪسٽمس آفيسر هڪ دفعو منهنجي چهري ڏي ڏٺو ۽ پڪ لاءِ پڇيو ته ڪتاب جي ٽائيٽل واري تصوير وارو ئي آهيان؟ ان بعد هو ڪتاب جي بئڪ سائيڊ تي مون بابت لکيل انگريزي وارو تعارف پڙهي ڪتاب کي عزت سان ان ئي هنڌ رکي مون کي جهڪي چوڻ لڳو: ”اوه! اناتاوا سڪاديس.... اناتاوا هون نو چوشهاديس!“
(اوه! تون لکيڪ آهين..... تون ڪتاب جو مصنف آهين.....“.)
دل ۾ چيم ته اها خبر ته مون کي به دير سان پئي ته توهان ليکڪن جي ايڏي عزت ٿا ڪريو. آئون اجايو گذريل ٽيهه پنجٽيهه سالن کان توهان جي ملڪ ۾ پڇڻ تي پنهنجو پاڻ لاءِ مئرين انجنيئر ٻڌائيندو رهيس. هن منهنجي بئگ بند ڪري مٿان ٻڌل رسيءَ کي وري پهرينءَ وانگر ڳنڍ ڏئي ٿي ٻڌو ته مون کيس جهليندي چيو:
”توهان جپاني اهڙا آهيو ته ڪو نه جو ڪنهن کي ڇڏيو. هتان نڪري اڳيان وري ڪو ٻيو ڪسٽم وارو مون کي جهلي ان ڪري توکي ئي ٻڌايان ته آئون مٺائي کڻي پيو وڃان جنهن جي شايد اجازت ناهي“.
هن مٺائي ۽ نمڪو جا پئڪيٽ ڏسي ٻڌايو ته ان جي منع ناهي. هن جو مطلب هو ته اهي Cooked شيون آهن.
بهرحال پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هن جپاني ڪسٽم آفيسر ته کڻي اعتراض نه ڪييو پر مختلف ملڪن ۾ مختلف ڪسٽمس آفيسرن جو پنهنجو مزاج ۽ قانون جي پنهنجي Interpretation ٿئي ٿي. ان ڪري مسافري ڪرڻ واري کي خاص ڪري پاڪستانيءَ کي منهنجي اهائي صلاح آهي ته هو کائڻ جي ڪا شيءِ، رڌل يا ڪچي يا مصالحو وغيره پاڻ سان نه کڻي ته سٺو. ڇو ته هونءَ به اسان پاڪستانين کي ڪجهه وڌيڪ ئي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
بهرحال اسان ملائيشيا جي هوائي اڏي ڪوالالمپور جي ڳالهه پئي ڪئي جتي هڪ ملئي ڪسٽم واري مون کي بئگ کولڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي کولڻ سان هو منهنجو سامان ڦولڻ لڳو. آئون چپ رهيس. مون کيس پاڻ بابت ٻڌائي کيس روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. لڳو ٿي هو نئون نئون نوڪريءَ ۾ لڳو هو سو هو بئگ جي چڪاس وڏي غور سان ڪندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن سامان سيٽ ڪري بئگ کي ڍڪ ڏئي ”ٿئنڪ يو“ چيو ته مون مرڪندي ملئيءَ ۾ چيس ته ”توکي هن ميڙ ۾ آئون ئي مشڪوڪ ماڻهو لڳس ۽ مون پوڙهي جو وقت ضايع ڪئي.....“
مون کي سندس مادري ملئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي هو وائڙو ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪجهه پريشان پڻ. مون کيس ٻڌايو ته تون اڃان ڄائو به نه هوندين ته مون تنهنجي ملڪ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. هينئر به As a Visiting Professor ملاڪا ۽ اپوح جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ آيو آهيان.....“
مون ڏٺو ته هن جي چهري تي سخت ڏک نمايان هو. ”تئان! (سائين) مٿان آرڊر آهي“ هن آهستي ڀڻڪيو پر مون کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ته سائي پاسپورٽ وارو چاهي عورت هجي يا پوڙهو مرد..... هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. هن منهنجو وقت وڃائڻ ۽ موڊ خراب ڪرڻ جي معافي ضرور ورتي پر مون کي ٻه ٽڪا ڏک ضرور ٿيو جو آئون هفتو کن ملائيشيا ۾ رهڻ دوران پنهنجي سفارتخاني جي هم وطنين ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ انهن پاڪستانين جن کي هاڻ ملائيشيا جي شهريت آهي، انهن سان پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندو رهيس ته اسان پاڪستانين سان هوائي اڏن تي هن قسم جو برتاءُ ڪيڏو ڏکوئيندڙ آهي.
هو مون سان دليل بازي ڪري سمجهائيندا رهيا ته ان ۾ اسان يعني عام ماڻهن جو به ڏوهه آهي. اسان جي غلط ڪمن ۽ ڪرتوتن ڪري اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي بدنامي ٿي آهي. هنن ٻڌايو ته 1991ع کان جڏهن کان افغاني ماڻهو پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري ملائيشيا ۾ غلط ڪم ڪري رهيا آهن تڏهن کان اسانجي ملڪ جو اميج خراب ٿيو آهي. ان سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري وڌڻ ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو ٺڳ ايجنٽن جي ڏٽن ۾ اچي ڪوڙين ۽ نقلي ويزائن تي هتي اچي رهيا آهن يا ويزا جي مدت ختم ٿيڻ تي به هتي ترسي پون ٿا. هو سمجهن ٿا ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ پر اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر جو دور آهي. ڪمپيوٽر مان خبر پئجيو وڃي ته ڪهڙن ملڪن جا ماڻهو ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي سندن ملڪ مان ٻاهر نه نڪتا. سو غلط ڪمن ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن سان هتي جا جيل ڀريا پيا آهن ۽ انهن ڏوهن تي اخبارن ۽ TV ۾ خبرون اچڻ تي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي خبر پئجيو وڃي ته اسان صحيح ماڻهو نه آهيون.
هنن انهن واقعن جي افسوس ناڪ خبر به دهرائي جن هتي جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن ته اسانجي ملڪ جو هڪ اسي سالن جو ڪراڙو جوڙو اسپنج جي چمپل ۾ چرس لڪائي عمري لاءِ جدي پهتو ته هو جهلجي پيو. ۽ سڀ کان افسوسناڪ خبر ته اسان جي ملڪ جون عورتون پنهنجن خاص عضون ۾ چرس ۽ هيروئن جهڙين نشيدار شين جا ڪئپسول لڪائي سعودي عرب ٿيون پهچن... اهڙي صورت ۾ دنيا جي ملڪن جا ڪسٽمس آفيسر اسان جي ماڻهن تي ڇو نه شڪ ڪندا. چاهي مون جهڙو ڪو پوڙهو هجي يا نوجوان فلمي ماڊل، اسان جو ڪو سياستدان وزير هجي يا وڏي ڏاڙهيءَ وارو مولوي.
هونءَ به اسان جا اهي ماڻهو جيڪي ولائت ۾ رهن ٿا. هو ڀلي شاگرد هجن، سفارتڪار، بزنيس مين يا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر..... دل تي هٿ رکي حق جي ورندي ڏين ته ڇا اهو سچ ناهي ته اسين پاڪستاني جتي ڪٿي ڦڏي بازيءَ ۾، مسواڙ يا Utility Bills جي ادائيگيءَ ۾، پاڙي اوڙي ۾ گوڙ گهمسان ڪرڻ ۾، گندگي پکيڙڻ، جهيڙن جهٽن ۽ چورين چڪارين ۾ اڳيان آهيون يا نه؟ انڊيا جا هندو هجن يا مسلمان ۽ سک عيسائي هنن جو ولايت ۾ ڏوهن جو Ratio نه برابر آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب، ڪويت ۽ دبئي جهڙن عرب ملڪن جون مسلمان حڪومتون به اسان کان وڌيڪ انڊيا جي هندن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون. ان ڪري توهان کي جتي ڪٿي انڊيا جا بزنيس مين، ڪاروباري، نوڪرين وارا وڌيڪ نظر اچن ٿا. ان معاملي ۾ ڀلي توهان اسان جي ملڪ جي ۽ انڊين شاگردن جي ڀيٽ ڪري ڏسو. پڙهائي توڙي هاسٽلين ۾ رهائش جي معاملي ۾ هو بهتر ثابت ٿين ٿا. ان ۾ ڏک ڪرڻ يا گهوڙا پٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اهي حقيقتون آهن جن جي جيسين نشاندهي نه ڪبي اسان پنهنجو پاڻ ۾ سڌارو آڻي نه سگهنداسين ۽ ولايت ۾ اسان جي ماڻهن جي بدافعالن ڪري سڄو ملڪ پيو بدنام ٿيندو. هاڻ ته اسان ايڏو خوار ٿي ويا آهيون جو ڪو به غلط حرڪت ڪري ٿو ته هر ڪو هن تي پاڪستاني هجڻ جو شڪ ڪري ٿو.
اڄ ڪلهه اها ڳالهه واٽس ائپ تي عام پئي هلي ته ڪنهن ملڪ جي هوائي اڏي تي ڪنهن پاڪستانيءَ جو پاسپورٽ گم ٿي ويو. هو ٻڌائيندو رهي ٿو ته ”ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن جڏهن مون کان پاڪستاني هجڻ جو ثبوت گهريو ته مون بار بار هنن کي چيو ته ”جناب ايئرپورٽ تي لڳل ڪئميرائن جي ريڪارڊنگ هلائي ڏسو ته هي جتي ڪٿي جيڪي چپس جا خالي پئڪيٽ ۽ ٽشو پيپر نظر اچن ٿا مون ئي ڦٽا ڪيا آهن پر هنن نه مڃيو.
”آخرڪار مون جوس جو دٻو پي خالي ڪيو ۽ زمين تي رکي ان جي مٿان لت هڻي ڦٽاڪي جو آواز ڪڍيو تڏهن وڃي هنن کي يقين آيو ته آئون واقعي پاڪستاني آهيان. منهنجو ارادو هو ته اميگريشن وارن کي ان تي به يقين نه آيو ته پوءِ آئون آئسڪريم جو ڪوپ کولي ان جو ڍڪ چٽي ڏيکاريندوسان.... پر ان کان اڳ ئي هنن کي يقين اچي ويو ته منهنجو ڪهڙي ملڪ سان واسطو آهي....“
يارو! مڃان ٿو ته اهو چرچو ئي لڳي ٿو پر ڇا ان ۾ حقيقت ناهي. اسان جي ڪيترن پڙهيل لکيل ماڻهن جا ڪم اهي نه آهن؟