انگريزي ڪتابن موجب ...
پنهنجي انهن پڙهندڙن لاءِ جن جو تاريخ جو مطالعو گهٽ آهي، هتي هڪ دفعو وري بيان ڪريان ته جن ڏينهن ۾ هي غار وارا سنگتي (اصحاب ڪهف) غار ۾ وڃي لڪيا ان وقت رومن سلطنت جو شهنشاهه قيصر دقيانوس (King Decius) يهودي هو ۽ سندس سلطنت جا ماڻهو به يهودي هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته حضرت موسيٰ جو پيغام، الله هڪ آهي ۽ هن جي ئي عبادت ڪجي وساري بت پرستيءَ ۾ لڳي ويا هئا. هي شهر افسوس ان وقت قسطنطنيه بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر ۽ مشغول بندرگاهه هئو. ان کان علاوه هي شهر اِفسوس ان وقت جي دنيا ۾ بت پرستي جو وڏو مرڪز هو. هتي ”چنڊ ديويءَ“ جي پوڄا ٿيندي هئي جنهن کي ڊائنا (Diana) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ٿي. ان جو عظيم الشان مندر Temple of Artemis عهدِ قديم جي ستن عجوبن مان هڪ تصور ڪيو ويو ٿي. سڄي ايشيا مائنر جا ماڻهو ان جي پوڄا لاءِ هتي هلي ايندا هئا ۽ رومي سلطنت به ان ديويءَ کي پنهنجي معبودن ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. ايشيا مائنر جنهن کي اناطوليا (Anatolia) سڏيو ويو ٿي ترڪي جي آس پاس وارو علائقو هو... يعني ترڪي، آرمينيا، آذربائيجان، ايران، عراق ۽ شام..... جنهن جو اتر ۾ دنگ بحر اسود (Black Sea) هو ته ڏکڻ ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) ۽ اولهه ۾ ايجين (Aegean) سمنڊ هو.
حضرت عيسيٰ عه کي پيدا ٿئي اڍائي سئو سال ٿي ويا هئا ۽ سندن اهو پيغام ته بت پرستي ڇڏي هڪ الله جي عبادت ڪريو.... هيءَ دنيا هڪ امتحان آهي، جنهن جو نتيجو ٻئي جهان ۾ ملندو... يعني آخرت تي يقين رکو، هاڻ آهستي آهستي هن ايشيا مائنر جي وڏي شهر افسوس تائين به پهچي چڪو هو ۽ ماڻهو بت پرستي ڇڏي توحيد ڏي راغب ٿي رهيا هئا. پر جيئن ته وقت جي حاڪم شهنشاهه (قيصر ڊيسيس) نٿي چاهيو ته هن جي عوام جو ڪو ماڻهو بت پرستي ڇڏي حضرت عيسيٰ جي پيغام کي قبول ڪري. ۽ جيڪي عيسائي ٿي رهيا هئا انهن سان هي شهنشاهه ظلم ڪري رهيو هو. ايتري قدر جو انهن جو قتل ڪندي به ويرم نٿي ڪيائين. ان ڪري ماڻهو لڪي لڪي هي نئون مذهب قبول ڪري رهيا هئا. ان تناظر ۾ هن شهر جا ڪجهه نوجوان به شرڪ کان توبنهن تائب ٿي خدائي واحد تي ايمان آندو. ”گريگري آف ٽورس“ پنهنجي ڪتاب Meraculorum Liber ۾ ڪجهه هن ريت لکي ٿو ته....
”هي ست نوجوان هئا. هنن جي مذهب جي تبديليءَ جي خبر ٻڌي قيصر ڊيسيس هنن کي پنهنجي اڳيان حاظر ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ هنن کان پڇيو ته توهان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ هنن سمجهيو ٿي ته سندن شهنشاهه حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن جي خون جو اڃايل آهي. پر هنن بنا ڪنهن خوف جي صاف صاف چئي ڏنو ته ”اسان جو رب اهو آهي جيڪو زمين ۽ آسمان جو رب آهي. هن کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود کي نٿا پڪاريون. جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته اسان وڏا گنهگار چيا وينداسين.“ قيصر (شهنشاهه) اهو ٻڌي پهرين ته سخت چڙيو ۽ کين چيو ته پنهنجي زبان بند ڪريو، نه ته آئون توهان کي هينئر جو هينئر قتل ڪرائي ڇڏيندس. پر پوءِ ڪجهه ٿڌو ٿي چيو، ”توهان اڃان ٻار آهيو. آئون توهان کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. ان مدت ۾ جيڪڏهن توهان پنهنجو رويو تبديل ڪيو ۽ پنهنجي قوم جي مذهب (يعني بت پرستي ۽ ڊائنا ديوي جي پوڄا وغيره) ڏي موٽي آيائو ته بهتر نه ته ٻي صورت ۾ توهان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“
گريگوري پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ان مهلت مان فائدو وٺي هي ست ئي نوجوان شهر مان وٺي ڀڳا. هنن شهر کان ٻاهر جبلن ڏي رخ رکيو جيئن ڪنهن غار ۾ لڪي سگهجي. رستي تي هنن سان گڏ هڪ ڪتو به لڳي ويو. هنن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هو هنن جو پيڇو نه ڪري پر هو ڪنهن به صورت ۾ هنن کان ڌار نه ٿيو. آخر هڪ وڏي غار کي هو لِڪڻ لاءِ سٺي جاءِ سمجهي ان ۾ گهڙي ويا ۽ ڪتو هن غار جي منهن وٽ ويهي رهيو. نوجوان سڀ ٿڪل هئا، ان ڪري اکيون پورڻ سان هنن کي ننڊ کڻي وئي. هي سن 250ع جو واقعو آهي. 67 سالن بعد 446 عيسوي ۾ هنن جي اوچتو ئي اوچتو جڏهن اک کلي ته قيصر ٿيوڊوسيس دوم جي حڪومت جو دور هو. رومي سلطنت مسيحيت اختيار ڪري چڪي هئي، ۽ شهر افسوس (Ephesus) جا ماڻهو به بت پرستي ڇڏي چڪا هئا.
هي اهو زمانو هو جڏهن رومي ماڻهن جي وچ ۾ زندگي بعد موت ۽ حشر و نشر جي معاملي ۾ سخت اختلاف هو. يعني افسوس جا ماڻهو هاڻ پڪا عيسائي ٿي چڪا هئا. هنن وحدانيت ۾ به يقين رکيو ٿي پر مرڻ بعد ٻئي جهان ۾ ۽ قيامت ۾ حساب ڪتاب بابت شڪ شڪوڪ هئا. ڪيترن جو ان ۾ يقين نٿي ويٺو ته انسان هڪ دفعو جڏهن اکيون پوري ٿو ته پوءِ سالن بعد قيامت جي ڏينهن هو ڪيئن جيئرو ٿي اٿندو. هنن حضرت عيسيٰ کي نبي مڃيو ٿي ۽ هن جي چوڻ تي اهو ته يقين رکيو ٿي ته اسان سڀني جو رب هڪ الله آهي.... اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ اڳتي هلي عيسائي به حضرت عيسيٰ جو اهو پيغام وساري، ماڳهين حضرت عيسيٰ کي الله جو پٽ يا الله سمجهي ان کي پوڄڻ لڳا ۽ پوءِ حضرت محمد صلعم جن آخري پيغمبر جي حيثيت ۾ انسان ذات کي هڪ دفعو وري سمجهايو ته هڪ ئي رب آهي ان جي عبادت ڪريو. بهرحال رومن سلطنت جي هن شهنشاهه (قيصر) ٿيوڊوسيس دوم جي حڪومت ۾ ماڻهن اهو ته قبول ڪيو ٿي ته بت پرستي نه ڪجي ۽ هڪ رب جي عبادت ڪجي پر هنن کي اهو شڪ، اها حيرت، اهو وسوسو ضرور هو ته ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ته هڪ ماڻهو مرڻ بعد وري جيئرو ٿئي. هي شهنشاهه قيصر ٿيوڊوسس جيڪو ڪٽر عيسائي هو، سخت فڪرمند هو ته ماڻهن جي دلين مان آخرت جي انڪار جو خيال ڪيئن ڪڍجي. هڪ ڏينهن هن رب پاڪ کان دعا گهري ته هو ڪا اهڙي نشاني ڏيکاري جنهن سان ماڻهو آخرت تي ايمان آڻين. اتفاق جي ڳالهه آهي جو ٺيڪ ان زماني ۾ هي نوجوان (اصحاب ڪهف/ Seven Sleepers) جيڪي ٻه سئو کن سال اڳ رومن سلطنت جي پهرين قيصر (شهنشاهه دقيانوس) جي ڏينهن ۾ ستا هئا، جاڳي پيا. هتي هڪ دفعو وري لکندس ته انهن جي تعداد يا سمهڻ جي مدت جا Exact سال کڻي ڪجهه به هئا جنهن لاءِ قرآن مجيد ۾ به آهي ته ان تعداد جي بحث جي ضرورت ناهي. ضروري اهو آهي ته هن قصي ۾ اسان لاءِ اهو سبق آهي ته رب پاڪ هر ڳالهه تي قادر آهي. هو اسان کي ماري وري جياري به سگهي ٿو. يعني قيامت جو بپا ٿيڻ ۽ مري ويلن جو وري اٿڻ ڪا اهڙي ڏکي ڳالهه نه آهي جيڪا رب پاڪ نه ڪري سگهي.
گريگوري پنهنجي ڪتاب ۾ هنن غار ۾ ستل ساٿين لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ بعد هنن پنهنجو پاڻ کان پڇيو: ڪيتري دير ٿي هوندي پاڻ کي ستي؟ ڪنهن چيو: سڄو ڏينهن، ڪنهن چيو: ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ اهو چئي سڀ خاموش ٿي ويا ته ”خدائي بهتر ڄاڻي ٿو.“ ان کان پوءِ هنن پنهنجي هڪ ساٿي جين (Jean) کي چانديءَ جا ڪجهه سڪا ڏئي ماني آڻڻ لاءِ شهر ڏي موڪليو ۽ هن کي چيو ته ٿورو خيال کان ڪم وٺجانءِ، ڪٿي ماڻهو توکي سڃاڻي نه وٺن. هنن کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن ماڻهن کي اسانجي خبر پئجي وئي ته هو اسان کي سوگهو ڪري ڊائنا ديويءَ جي پوڄا لاءِ مجبور ڪندا. پر جين جڏهن شهر پهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته دنيا ئي بدلجي وئي آهي. سڀ ماڻهو عيسائي ٿي ويا آهن ۽ ڊائنا کي پوڄڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. هڪ دڪان تي پهچي هن ڪجهه مانيون خريد ڪيون ۽ دڪاندار کي چانديءَ جو هڪ سڪو ڏنو جنهن تي قيصر ڊيسيس (شهنشاهه دقيانوس- رومن سلطنت جي پهرين بادشاهه) جي تصوير هئي. دڪاندار هي سڪو ڏسي حيران ٿي ويو. هن پڇيو: ”هي توکي ڪٿان مليو؟“
جين چيو: ”هي منهنجو پنهنجو مال آهي، ڪٿان ڪو آندو نه اٿم.“
ان تي ٻنهي جو تڪرار ٿيڻ لڳو. هِتان هُتان کان ماڻهو مڙي ويا. ايتري قدر جو شهر جي ڪوٽوال تائين وڃي معاملو پهتو. ڪوٽوال چيو: ”مون کي اهو دفن ٿيل خزانو ڏيکار جنهن مان تون هي سڪو کڻي آيو آهين.“
جين جواب ڏنو: ”دفن ٿيل خزانو وري ڪهڙو؟ هي منهنجو مال آهي. ڪٿان ڪو آندو ڪونه اٿم. آئون ڪنهن به اهڙي خزاني کان واقف نه آهيان.“
ڪوٽوال چيو: ”تنهنجي اها ڳالهه مڃڻ جهڙي ناهي. هي صديون پراڻو سڪو آهي. تون ته اڃان جوان نينگر آهين، اسان جهڙن جهور پوڙهن به ڪڏهن اهڙو سڪو نه ڏٺو هوندو. هي ضرور ڪو راز آهي.“
جين جڏهن اهو ٻڌو ته قيصر ڊيسيس کي مُئي وڏو عرصو گذري ويو آهي ته هو دنگ رهجي ويو. ڪجهه دير لاءِ ته هن کي ماٺ لڳي وئي. پوءِ ڌيرج سان چيو: ”ڪالهه ئي ته آئون ۽ منهنجا ڇهه سنگتي هن شهر (افسوس) مان ڀڄي ويا هئاسين ۽ هڪ غار ۾ وڃي لڪا هئاسين، جيئن شهنشاهه ڊيسيس (دقيانوس) جي ظلم کان بچيل رهون.“
جين جي اها ڳالهه ٻڌي ڪوٽوال به حيران ٿي ويو ۽ هو هن همراهه کي پاڻ سان کڻي ان غار ڏي روانو ٿيو جتي هن جي بيان مطابق سندس ٻيا ساٿي لڪا ويٺا هئا. ماڻهن جا انبوهه هنن سان گڏ گڏ هلڻ لڳا. غار وٽ پهچي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ته هي واقعي قيصر ڊيسيس جي زماني جا ماڻهو آهن جنهن سن 249 کان 251 تائين حڪومت ڪئي ۽ هاڻ عيسوي سال 447 آهي. ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي شهنشاهه ٿي گذريا. هاڻ قيصر ٿيوڊوسيس دوم شهنشاهه آهي. قيصر ٿيوڊوسيس کي ان جو اطلاع ڏنو ويو. بادشاهه سلامت پاڻ اچي هنن نوجوانن سان مليو ۽ هنن کان برڪت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي ست همراهه يڪدم غار ۾ وڃي ليٽيا ۽ ان ئي وقت گذاري ويا. هن ظاهر ظهور نشانيءَ کي ڏسي في الحال ماڻهن کي يقين ٿي ويو ته واقعي زندگيءَ کانپوءِ موت برحق آهي. پوءِ قيصر (شهنشاهه) جي حڪم سان هن غار وٽ هڪ زيارت گاهه ٺهرايو ويو...“