يورپ ۾ آيل تبديلي
M.Sc مون ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ مان ڪئي جيڪا جهازن ۽ سمنڊ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي پنهنجي نوعيت جي واحد يونيورسٽي آهي جيڪا يونائيٽيڊ نئشن جي IMO برانچ 1984ع ۾ سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه ۽ ٽي نمبر وڏي شهر مالمو ۾ ٺهرائي. پڙهائي ۽ امتحانن خاطر مون کي سئيڊن جي هن سهڻي شهر مالمو ۾ بنا موڪل ڪرڻ جي لڳاتار ٻه سال رهڻو پيو.
مالمو ۽ ڊئنمارڪ جو بندرگاهه ڪوپن هيگن ائين آهن جيئن دادو مورو يا وري ڪياماڙي منهوڙو، وچ ۾ ’بالٽڪ سمنڊ‘ جي رڳو پٽي آهي. سڄو ڏينهن هر پنڌرهين منٽن يا اڌ ڪلاڪ تي مختلف لانچون، ٻيڙيون ۽ فيريون مسافرن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پيون پهچائين. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ پل به ٺهي رهي آهي جيئن دادو ۽ موري جي وچ ۾ آهي. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ آهي. (اها پُل هاڻي ٺهي وئي آهي).
مالمو، ڪوپن هيگن ۽ ناروي جي بندرگاهن: اوسلو ۽ ٽرنڍام وغيره کي 1970ع جي شروعات وارن سالن ۾ پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو هو. يورپ ايندي هنن بندرگاهن ۾ پڻ جهاز کي وٺي ايندا هئاسين. اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري هنن علائقن ۾ ايڏي ٿڌ ٿئي ٿي جو هتي پوک نه برابر آهي. کاڌي جي شين لاءِ هي ملڪ (جيڪي اسڪينڊينيون پڻ سڏجن ٿا) ڏکڻ يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن تي ڀاڙين ٿا. اسين گهڻو ڪري ڪڻڪ، چانور يا گوار (جيڪا هتي جا وهٽ کائين) سان پنهنجو جهاز ڀري ايندا هئاسين. ڪيترا دفعا اسان کي رمضان جو مهينو ۽ عيدون هتي گذارڻيون پيون. عيد نماز يا تراويح نمازون جهاز تي ئي ٿينديون هيون. مسجد فقط ڪوپن هيگن ۾ هوندي هئي جتي پاڪستان ۽ ايشيا جي ٻين مسلمان ملڪن جا ماڻهو چڱي تعداد ۾ رهيا ٿي. هنن ملڪن جي ماڻهن کي اسانجي مذهب اسلام جي نه برابر ڄاڻ هئي. سئيدن، ناروي، فنئلنڊ جي ڪيترن شهرين کي اها به خبر نه هئي ته اسلام مذهب ڇا آهي ۽ هاڻ مالمو، هيلسنڪي، اوسلو، اسٽاڪهوم، گوٿمبرگ، لُولييا وغيره جهڙن ننڍن وڏن شهرن ۾ مسجدون ڏسي تعجب ٿو لڳي.
“مالمو شهر ۾ هڪ تمام وڏي مسجد ٺهي چڪي آهي.” مالمو پهچڻ سان يونيورسٽيءَ جي هڪ مسلمان شاگرد ٻڌايو،” جيتوڻيڪ حڪومت طرفان هڪ ٻي مسجد جي به اجازت مليل هئي پر پوءِ حڪومت ئي پابندي هڻي ڇڏي.”
“ڇو ڀلا-؟” مون حيرت مان پڇيو.
“شايد ان ڪري جو هن ڏٺو ته سندن ملڪ سئيڊن جا ماڻهو وڃن مسلمان ٿيندا.” هن ٻڌايو.
انگلينڊ ۽ آمريڪا پاسي (توڙي سنگاپور، هانگ ڪانگ جپان پاسي) مسجدن جي انتظام جو ڪم گهڻو ڪري اسان جا مڪاني پاڪستاني يا بنگالي ڀائر هلائين ٿا پر هتي مالمو جي هن مسجد ۾ مون کي پنهنجي رنگ ۽ روپ جهڙو ڪو ورلي نظر آيو. سڄي شهر ۾ پاڪستاني يا بنگالي آهن ئي ڪيترا؟ گهڻو تڻو مسجد اڇي چمڙي وارن گورن سان ڀريل رهي ٿي جن ۾ هتي جا رهاڪو ترڪ، بلقاني، يوگوسلاوين، جرمن ۽ مڪاني سئيڊش ۽ ڊئنش نظر اچن ٿا. مالمو شهر ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني مسعود (جنهن جي هتي جي سئيڊش زال پڻ مسلمان آهي) ٻڌايو ته هتي جا يورپي تمام وڏي رفتار سان مسلمان ٿي رهيا آهن. هنن کي مايوسيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام ئي هڪ سهارو نظر اچي ٿو. هتي جي ماڻهن پئسي دولت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عروج حاصل ڪرڻ بعد به جنهن ڳالهه جو خال محسوس ڪيو آهي ان جو پورائو کين اسلام جهڙي مذهب ۾ نظر آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جو جيترو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل طبقو آهي اوترو گهڻو اُن اسلام کي سمجهيو آهي. ان کي اسلام ۾ حقيقت نظر آئي آهي. ڪيترن ماڻهن اسلام ڏي وڌندڙ رجحان جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ اسلام کي جڏهن غور سان پڙهيو ته جيئن ان جون خاميون ڳولي انهن کي نمايان ڪيو وڃي ته حضرت عمر وانگر ماڳهين پاڻ مسلمان ٿي پيا آهن. هتي جا مرد ته مرد پر ڏينهون ڏينهن عورتن جو تعداد به وڌي رهيو آهي جيڪي هن مذهب (اسلام) جي دائري ۾ داخل ٿي رهيون آهن.
يورپ جي ٻين شهرن وانگر هن شهر مالمو ۾ پڻ ڪيتريون ئي هتي جون سئيڊش ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون زالون مٿي تي حجاب ٻڌي هلندي نظر اچن ٿيون سندن کير جهڙي اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين مان ئي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي ته هي ايشيا جون مسلمان عورتون نه پر هتي جون “نيو مسلم” آهن. هنن جي اسلام بابت ڄاڻ پڻ وسيع آهي ڇو جو هي مسلمانن جي گهر ۾ پئدا ٿيڻ سان مسلمان نه ٿيون آهن پر هنن اسلام بابت ڄاڻ وٺي، اسلام جو پيغام هنيئين سان هنڊائي، سوچي سمجهي پوءِ پڪي عزم سان ايمان آندو آهي. مالمو جي هن مسجد جي مٿين ماڙ، جمعي نماز يا عيد نماز تي، عورتن لاءِ وقف هوندي آهي.
مختلف ملڪن جا مولوي مفتي خاص ڪري آمريڪا جا نيو مسلم ڪارا شيدي هن مسجد ۾ اسلام تي ليڪچر پڻ ڏيندا آهن. انهن ۾ هڪ بلال (سڄو نالو؛ ابُو اَمينا بلال فلپ) نالي ڪئناڊا جو شيدي پڻ آهي جنهن جي تقريرن جا انگريزي ۽ هتي جي زبان سئيڊش ۾ ترجمو ٿيل ڪئسٽ بيحد مشهور آهن. چون ٿا ته ستر واري ڏهاڪي ۾ هن پاسي جي ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ آيو ۽ پوءِ ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڪنهن عالم جو واعظ ٻڌي مسلمان ٿيو ۽ ان بعد هن پنهنجي زندگي دين خاطر وقف ڪري ڇڏي آهي. هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تبليغ ڪندو رهي ٿو. سئيڊن ۾ مون کي ڪيترائي ماڻهو مليا جيڪي هن شخص جي رهنمائي ۾ مسلمان ٿيا آهن.
بلال جئميڪا جي گادي واري شهر ڪنگسٽن ۾ 1946 ڄائو پر ڪئناڊا ۾ پليو وڏو ٿيو. هو محمد قطب جي ڪتاب “Islam, The Misunderstood Religion” پڙهي اسلام جي دائري ۾ آيو. ان بعد اسلامي تعليم ۾ مدينه يونيورسٽيءَ مان B.A ۽ رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽيءَ مان عقيدي (Islamic Theology) ۾ ايم اي ڪئي. ان بعد 1993ع ۾ يونيورسٽي آف ويلس مان Ph.D ڪيائين. هو سالن کان دنيا جي مسجدن، ٽي وي چئنلن ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ اسلام بابت ليڪچر ڏئي رهيو آهي. بلال فلپ قطر ۾ آن لائين اسلامڪ يونيورسٽي به کولي آهي.