مون ازمير ۾ وقت گذارڻ چاهيو ...
منهنجي خيال ۾ اهو 1980 جي ڏهاڪي جو شروعاتي سال هو جو منهنجو جهاز ازمير ۾ آخري دفعو لنگر انداز ٿيو. ان بعد مون سگهو ئي ساموندي زندگي ڇڏي هئي. ان وقت آئون پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي آخري عهدي تي پهچي چڪو هوس... يعني ان جهاز جو چيف انجنيئر هوس. جهاز کي ازمير ۾ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ کان علاوه ڪجهه ضروري مرمت به ڪرائڻي هئي. ازمير ۾ اسان جي مقامي آفيس جي ايجنٽ چيو ته ٻه ٽي ڏينهن ازمير جو سير ڪريو ان بعد جيڏانهن چوندائو، توهان کي اوڏانهن گهمائڻ جو بندوبست ڪندس.
ٽئين يا چوٿين ڏينهن ايجنٽ منهنجي جهاز تي آفيس واري ڪمري (ڪئبن) ۾ آيو ۽ ٻڌايو ته هن منهنجي چوڻ تي منهنجي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن (مئرين انجنيئرن) کان Choice پڇي آهي هو سڀ برصه ۽ استنبول وڃڻ ٿا چاهين. ”هنن لاءِ مون ٽئڪسي جو بندوبست ڪيو آهي جيئن هڪ ڏينهن هڪ ٽولو ته ٻئي ڏينهن ٻيو ٽولو گهمڻ به وڃي ته جهاز تي به رهي“. هن مون کان پڇيو ته آئون ڪهڙي ٽولي سان - يعني ڪهڙي ڏينهن وڃڻ پسند ڪندس.
منهنجي جهاز تي موجود 8 کن مئرين انجنيئرن ۾ هڪ ته ٽريني ۽ هڪ ففٿ انجنيئر هو، جن جو هي پهريون يا ٻيو سفر هو. سينيئر انجنيئرن، يعني فورٿ، ٿرڊ ۽ سيڪنڊ انجنيئرن ۾ جيتوڻيڪ سڀ پراڻا هئا ۽ سالن کان مختلف جهازن تي Sail ڪري رهيا هئا پر هنن جو ڪڏهن بحر اسود (Black Sea) جي بندرگاهن ۾ وڃڻ نه ٿيو هو جنهن لاءِ ترڪيءَ جي سامونڊي گهٽي باسفورس مان لنگهڻو پوي ٿو ۽ استنبول هن گهٽيءَ جي ڪنارن تي آهي. بلڪه هيءَ سامونڊي نهر (آبناءِ) نه فقط استنبول جي وچمان لنگهي ان کي اڌو اڌ ڪري ٿي پر سڄي ملڪ ترڪيءَ کي به ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. انهن مان هڪ حصو يورپ کنڊ جو حصو سڏجي ٿو ۽ ترڪيءَ جو اهو حصو يونان ۽ بلغاريا سان مليل آهي. ترڪيءَ جو ٻيو حصو جيڪو باسفورس آبناءِ جي اوڀر ۾ آهي، ايشيا کنڊ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ايران، عراق، شام، آرمينيا ۽ جارجيا (گرجستان) سان ڳنڍيل آهي. بنا ڪنهن شڪ جي استنبول ترڪيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي جيئن پاڪستان ۾ ڪراچي آهي، جيتوڻيڪ اسلام آباد وانگر ترڪيءَ جو گادي وارو شهر انقره آهي. استنبول جو يورپ وارو حصو توڙي ايشيا وارو حصو، جيتوڻيڪ اسلامي مملڪت ترڪيءَ جو آهي پر حال افعالن ۾ يورپ جي شهرن جهڙو آهي جتي ناچ گانا، بار، پب، مساج پارلر توڙي جوا خانا، شراب ۽ شباب جا سڀ بندوبست آهن. ان ڪري نه فقط عرب دنيا جا امير پر سٺي موسم ڪري يورپ جي ٿڌن ملڪن جا گورا به عياشيءَ لاءِ باءِ ايئر، باءِ سي ۽ باءِ روڊ بسين توڙي پنهنجين ڪارن ۾ استنبول پهچيو وڃن.
هڪ ته استنبول مون لاءِ نئون شهر نه هو. جهازي نوڪري جي شروعاتي سالن ۾ آئون انهن جهازن تي رهيس جن جو رومانيا، بلغاريا ۽ روس وڃڻ ۽ موٽڻ لاءِ استنبول ترسڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته جنهن بندرگاهه ازمير ۾ اسان جو جهاز بيٺو هو ان کان استنبول ڪو ويجهي فاصلي تي ناهي. سمجهو ته ڪراچيءَ کان دادو يا موري تائين اٽڪل 400 کن ڪلوميٽر آهي ۽ بس يا ٽئڪسي گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪلاڪ وٺي ٿي جو رستو ور وڪڙن وارو آهي. ريلوي لائين سڌي آهي ۽ ان حساب سان 300 ڪلوميٽرن کان گهٽ رستو آهي. ترڪيءَ جي ريل گاڏي ان مفاصلي لاءِ ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي. بهرحال اسانجي جهاز ران ڪمپني جي مقامي آفيس جو ترڪ ايجنٽ جهاز وارن لاءِ ٽئڪسي جو بندوبست ڪري يا ٽرين ۾ سيٽون رزرو ڪرائي ڏئي پر هن عمر ۾ ۽ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ نه مون پنهنجي ماتحت انجنيئرن سان گڏ وڃي هنن جو مزو خراب ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه آئون ايترا ڪلاڪ ٽئڪسي يا ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس. ان کان مون ازمير جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ وقت گذارڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي.
”سر ائين نه ڪريو. توهان به ڪيڏانهن چڪر تي هلو. ان بهاني اسان به چار پئسا ڪمائي وٺنداسين ۽ توهان جي به آئوٽنگ ٿي ويندي“. ترڪ ايجنٽ چيو.
ايجنٽ جو ڪمائيءَ مان مطلب اهو هو ته هنن کي اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس طرفان پگهار نٿو ملي پر انهن خذمتن جو اجورو ٿو ملي جيڪي هو جهاز ۽ ان تي سوار جهازرانن جي ڪن ٿا. مثال طور جهاز تي راشن پاڻي سپلاءِ ڪرڻ، جهاز جي مرمت لاءِ ورڪ شپ جو بندوبست ڪرڻ، بيمار جهاز رانن جو تپاس ۽ علاج ڪرائڻ يا ههڙين حالتن ۾ جڏهن جهاز ٻن ٽن ڏينهن کان وڌيڪ هڪ ئي بندرگاهه ۾ بيهي ٿو ته جهاز وارن جي وندر لاءِ ڪنهن تفريح جو بندوبست ڪرڻ، وغيره.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي اسان جي ازمير شهر جي مقامي جهازران آفيس جي هن ترڪ ايجنٽ ڪيڏانهن هلڻ لاءِ وري پڇيو.
”چڱو هيئن ڪر“، مون نيٺ فيصلو ڪري ايجنٽ کي چيو، ”مون لاءِ سيلچوڪ وڃڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو بندوبست ڪر. ڪوش آداسي بندرگاهه به اتي ئي آهي“.
”زبردست“، ترڪ ايجنٽ چيو، ”سڀاڻي آئون پاڻ پنهنجي ڪار کڻي هلندس ۽ توهان کي وٺي هلندس. سيلچوڪ ڪو پري ته نه آهي“.
ايجين سمنڊ جي ڪناري وارا شهر (بندرگاهه) سيلچوڪ ۽ ڪوش آداسي استنبول جي مقابلي ۾ ازمير واقعي ويجها آهن بلڪه ان ئي صوبي ۾ ئي اچن ٿا جنهن جو گاديءَ جو شهر ازمير آهي. جيئن ميرن جي ڏينهن ۾ خيرپور رياست جي گاديءَ جو شهر خيرپور هو. اسان ازمير کان E87 هاءِ وي وٺي ڏکڻ ڏي وياسين ته هڪ ڪلاڪ اندر سيلچوڪ پهچي وياسين جو ازمير بندرگاهه کان اهو 80 ڪلوميٽر آهي يعني ڪياماڙيءَ کان نوري آباد به پري ٿيو. پر نوري آباد يا ٺٽو، جنگشاهي، ڪوٽڙي وغيره سامونڊي بندرگاهه ناهن. هيڏانهن ازمير، سيلچوڪ ۽ ويهارو کن ڪلوميٽر پري ترڪيءَ جو هڪ ٻيو آڳاٽو ۽ خوبصورت شهر ڪوش آداسي“ (Kusadasi) سڀ بندرگاهه آهن. هونءَ ته ترڪيءَ جي چوڌاري جيڪي ٽي سمنڊ آهن .... ڀونچ (ميڊيٽرينين)، ايجين ۽ بحر احمر (Black Sea) ... انهن ٽنهي جا ڪنارن وارا شهر تاريخي، سهڻا ۽ بلي بلي آهن. ماڊرن به آهن ته موسم جي لحاظ کان به اعليٰ آهن... جنهن موسم لاءِ کڻي چئجي ته اها بيمار کي صحتمند بڻايو ڇڏي، آب شفاف آهي ته هوا ۾ سڳنڌ آهي. پر انهن ٽنهي سمنڊن مان ايجين سمنڊ وارو علائقو اڃان به بلي بلي آهي... ازمير، سيلچوڪ، ڪوش آداسي ۽ بودروم ايجين سمنڊ جي ڪناري وارا بندرگاهه آهن جتي نه فقط ترڪي ۽ ان جي آسپاس جا ماڻهو پر سئيڊن ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن يورپي ملڪن جا ماڻهو به ترڪيءَ جي هنن شهرن ڏي رخ رکن ٿا ۽ سڀ کان گهڻا ٽوئرسٽ سيلچوڪ (Selcuk) ۽ ڪوش آداسي (Kusadasi) ۾ اچن ٿا ۽ ترڪيءَ جا هي شهر ۽ بندرگاهه ڄڻ ته يورپ جا لڳن ٿا. اهي چوڻ کي ته اسلامي ملڪ جا بندرگاهه آهن پر ملائيشيا جي ڪولالمپور، ملاڪا، جوهور بارو ۽ پينانگ شهرن وانگر، يا اڃان به سليس سنڌيءَ ۾ دبئي وانگر، ڪهڙي عياشي آهي جيڪا يورپي ٽوئرسٽن کي هتي نٿي ملي. بلڪه انهن عياشين ڪري اسان جي عرب ملڪن جا امير به ترڪيءَ جو رخ ڪن ٿا. ڪيترن جا ته موڪلون گذارڻ لاءِ ازمير ۽ استنبول ۾ پنهنجا بنگلا آهن جيئن سنڌ جي ڪيترن وڏيرن، ڀوتارن ۽ سيدن، پيرن جا قاسم آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بنگلا آهن. ملائيشيا پاسي ته مقامي ماڻهو توڙي اسان جهڙا ايشيائي ماڻهو ڪوچڙا لڳون ٿا پر هيڏانهن جهڙا ترڪ گورا آهن تهڙا هن پاسي ايندڙ يورپي، ايراني، عرب ۽ شامي ٽوئرسٽ! خبر ئي نٿي پوي ته ترڪن ۾ ڪير مسلمان آهن ڪير عيسائي يهودي ــــــ خاص ڪري اسان جي جهاز راني جي دنيا سان واسطو رکندڙ ترڪ عيسائي آهن. ترڪن جا وري نالا به اهڙا آهن جو خبر نٿي پوي ته اهو ڪنهن مسلمان جو نالو ٿي سگهي ٿو يا غير مسلم جو. خير ائين ته اسان وٽ به آهي. عبدالله، علي احمد، عمر فاروق جهڙن نالن مان ته سڃاڻپ سولي آهي پر مقامي ٻوليءَ جي نالن ۽ ذاتين مان ڌارئين کي ڪهڙي خبر ته مرليڌر گنگواڻي، ڀليڏنو سانڌ، ونهيون ڪنهاڙ يا رکيل مورائي مسلمان آهن يا هندو؟ ڪي نالا ته اهڙا ٿين ٿا جيڪي عيسائي، هندو ۽ مسلمانن جا ساڳيا ٿين ٿا جيئن اسان وٽ گلشن، بهادر، اقبال، گلاب، روشن وغيره، ۽ اسين ئي ڀلجيو پئون جيسين سڄو نالو اقبال مسيح، گلابراءِ يا روشن علي نه ٻڌون.
مون سان گڏ هلندڙ اسان جي مقامي آفيس جي ترڪ انچارج جي به خبر نه پئي پئي ته ڪير آهي. رستي تي ڪاطم قره بڪر شهر مان لنگهندي محمد امين پاشا روڊ تي Ozen Lo Kanta نالي هڪ ريسٽورنٽ اڳيان هن ڪار روڪي.
”واهه جو ڪم ڪيو اٿئي“، مون پنهنجي ترڪ ساٿيءَ کي چيو، ”ازمير ڇڏڻ کان وٺي چانهه يا ڪافي پيئڻ تي دل چئي رهي هئي“.
”تنهنجي معنا ته سٺو ڪم ڪيم“، هن چيو.
”بلڪل، سئو سيڪڙو“ مون وراڻيو.
ريسٽورنٽ اندر اچي ويٺاسين ته ترڪ ڇوڪري (يا شايد اها ترڪ نه هجي پر اوسي پاسي جي البانيا، بلغاريا جهڙي ڪنهن غريب ملڪ جي هجي، ۽ هتي پورهئي لاءِ آئي هجي، جيئن اسان جا ماڻهو دبئي جهڙن امير ملڪن ڏي وڃن ٿا)، اسان کان آرڊر وٺڻ لاءِ آئي. مون پنهنجي ترڪ ميزبان کي چيو ته ”يار آئون ته ڪريم ڪافي پيئندس. واٽ ابائوٽ يو؟ ڪافي آر ٽي؟“
هن شڪل بڇڙي ڪري چيو: ”نو. آءِ شل هئو اي پيگ آف وسڪي“. (آئون وسڪي پيئندس). هن Serve ڪندڙ خذمتگار ڇوڪريءَ کي ترڪي ٻوليءَ ۾ سمجهايو پر هن انگريزي به سمجهي ٿي سو هن ترڪيءَ ۾ آرڊر ٻڌڻ کان اڳ پني تي لکي ورتو.
تازا ٿي ٻاهر نڪتاسون ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ته مون پنهنجي ميزبان کي چيو ته ”مون سمجهيو ته تون مسلمان آهين“. جيتوڻيڪ اها بيوقوفي جي ڳالهه آهي ۽ مون کي نٿي جڳايو ته ڪنهن جي مذهب جو پڇان. پر افسوس جو پڇي ويٺس. اڳلي دل ۾ ڪرڻ بدران ٽهڪ ڏئي چيو ”ڇا مطلب؟ آئون به ته تو وانگر مسلمان آهيان“.
”اوه! آءِ ايم سوري“، مون چيو، ”تون ڊرنڪ ڪري رهيو هئين ان ڪري مون سمجهيو“.
”ها صحيح ٿو چوين. پر اهو منهنجو ذاتي فعل آهي جيسين پي آئوٽ نٿو ٿيان، رستي تي بيهي ڦشري نٿو ڪريان حڪومت جو ڪو ڪارندو منهنجو نالو نٿو وٺي سگهي.“ پوءِ راز واري انداز ۾ چيو، ”ڇا ڪجي پيئڻ ته هڪ ڪرسچن کي به نه کپي پر هتي جو ماحول ڪجهه مغربي هجڻ ڪري آئون ننڍي هوندي بُري صحبت ۾ ڦاسي ويس. ڪڏهن ڪڏهن ڍُڪ پيان ٿو پر صفا عادت نٿي وڃي. دعا ڪر ته صفا نڪري وڃي. ٻار وڏا ٿي رهيا آهن انهن تي خراب اثر پوندو“.
سکر جي وڪيل شبير شر جو يورپ جو سفرنامو پڙهيو اٿم. هن استنبول ۾ ان قسم جون ڳالهيون ڏسي واه جو لکيو آهي ته ٻين اسلامي ملڪن ۾ ان قسم جون ذاتي ڳالهيون ۽ عمل، ”بندي ۽ خدا، جي وچ ۾ سمجهيون وڃن ٿيون. ان لاءِ ٻئي کي ڪفر جون فتوائون ڏيڻ صحيح نه آهي. جيئن اسان وٽ ڪلچر آهي ته پاڻ کي نه ڏسندا آهيون، پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون. وتندا آهيون ٻين تي فتوائون مڙهيندا“.
مون واري ترڪ ميزبان جي ان ڳالهه تي مون کي سئيڊن جا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن اتي جي ڏاکڻي شهر مالمو جي ورلڊ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هوس جتي سئو کن ملڪن جا شاگرد مون سان گڏ هئا. پنجاه کن ته مسلمان ملڪن جا هئا. انهن ۾ هڪ سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه جي مئنيجرياڻي مِس ايمي به هئي جيڪا منهنجي پاڙيسري به هئي. ايميءَ تي مون تفصيلي مضمون يورپ جي سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته هوءَ سخت ڪاري رنگ جي ڪوئل هئي پر هر وقت اعليٰ قسم جي ميڪ اپ ۾ هوندي هئي. اڪثر سائي رنگ جي جئڪٽ ۽ ڳچيءَ ۾ پنجابي فلمن جي لوفر ولين وانگر ريشمي رومال ٻڌي ايندي هئي. نماز پنج وقت پڙهندي هئي. مالمو شهر ۾ هونءَ ته ٻه ٽي مسجدون آهن پر شاباس هجي يونيورسٽي وارن کي هنن اسان مسلمانن لاءِ يونيورسٽي بلڊنگ ۾ هڪ ڪمرو مسجد نالي ڏنو هو ۽ ان سان گڏ وضوءَ لاءِ واش روم به. سياري ۾ ته پنج ئي وقت يونيورسٽي ٽائيم (صبح جي اٺين کان شام جو پنجين تائين) ۾ ٿي ويندا هئا جو سج يونيورسٽي ۾ پهچڻ بعد نائين بجي ڌاري اڀرندو هو ۽ مغرب جي نماز 3 بجي ٿي ويندي هئي. رمضان آيو ته ايميءَ روزا به رکڻ شروع ڪيا. اسان جي هڪ سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر صالح، جنهن جي ليڪچر هال ۾ ايميءَ سان نٿي لڳي، تنهن هڪ ڏينهن انڪشاف ڪيو ته ايمي روزا رکي ٿي پر افطار بعد بيئر به ضرور پيئي ٿي! نيٺ هڪ ڏينهن رسيس ۾ هن ايميءَ کان پڇيو. ايميءَ چيس ”مسٽر صالح! توکان وري به بهتر آهيان جو تون روزن جو ڪچو آهين، نمازون به مِس ڪرين ٿو،“ ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو، ”ڇا ڪريان تعليم جي سلسلي ۾ منهنجو پئرس ۾ رهڻ ٿيو جتي ان عِلت ۾ ڦاسي پيس. دعا ڪريو ته مون کي هدايت ملي ۽ اهو ٿورو گهڻو پيئڻ به ڇڏي ڏيان“. ذاڪر نائڪ کان ڪنهن سوال ڪيو ته ”ثانيا مرزا نماز ته پنج وقت پڙهي ٿي پر ڪپڙا اوگهڙ وارا پائي کيڏي ٿي“.
هن وراڻيو ته ثانيا وري به انهن ڪرڪيٽ رانديگرن کان بهتر آهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڄو ڍڪين ٿا پر نماز جو هڪ وقت به نٿا پڙهن. ثانيا کي جيئن ته ان ڳالهه جو احساس آهي، ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اهڙا ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏي“.