موت سان مهاڏو
اسانجي اسڪولي ڏينهن ۾ نه هئي ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ نه هيون انٽرنيٽ ۽ يو ٽيوب جهڙيون سهولتون! ٽيپ رڪارڊر ئي نه هو. والوز وارو وڏو گرنڊنگ جو ريڊيو هوندو هو جيڪو ڪار جي بيٽريءَ تي هلندو هو. مئٽرڪ ۾ اسان نوٽبڪ جيڏو ننڍو ٽرانسسٽر ريڊيو ڏٺو جيڪو بيٽري سيل وجهڻ سان هليو ٿي. اهو سال 1960ع جو زمانو هو. يعني اڄ کان 60 سال اڳ جي ڳالهه آهي. اسان پاڻ ۾ دوست يا ڪلاس ميٽ فقط گانن ۽ ڳائڻن جي ڳالهه ڪندا هئاسين. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ ۽ ان بعد چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ اسان شاگرد پنهنجو پاڻ کي ٻين کان ڪجهه نرالو ئي سمجهندا هئاسين. اسان جي دماغ ۾ اهو ئي اٺ هو ته اسان وڌيڪ ماڊرن آهيون. ان وقت جي حالتن مطابق اسان جو مغربي ماحول سان وڌيڪ رجحان هو. ٻيا اڙدو ۽ بنگالي گانا ٻڌندا هئا پر اسان انگريزي گانا ٻڌڻ ۽ پسند ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئاسين. ويتر جو تعليم بعد نوڪريءَ جي سلسلي ۾ اسان جو جهازن تي رهڻ ٿيو ۽ انهن جو انگلينڊ ۽ يورپ جي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو ته پوءِ جهڙا اڌ انگريز اسان به ٿي پياسين. هر وقت ڪِلف رچرڊ ۽ ايلوس پريسلي (1977 – 1935) جهڙن ڳائڻن جا گانا جهونگارڻ لڳاسين ۽ اخبارن ۽ مئگزينن ۾ انهن جي زندگيءَ جو احوال دلچسپيءَ سان پڙهڻ لڳاسين.
انهن ڏينهن ۾ يعني 1968ع وارن ڏينهن ۾ اڃان ڪئسٽ رڪارڊر عام نه ٿيو هو. اَڪائي وارو وڏو پول وارو ٽيپ رڪارڊر هوندو هو جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ٽرانسميشن اسٽيشن تي نظر آيو ٿي يا يورپ جي ڊسڪوئن ۽ ڪلبن ۾! اسان جهڙن عام ماڻهن جو فوني تي گذارو ٿيو ٿي. پر اهو آهي ته چاٻيءَ وارن فونن بدران جپانين اليڪٽرڪ يا سيلن تي هلندڙ فونا ڪڍيا هئا جن مان هڪ اسان جي جهاز جي ”ريڪريشن روم“ ۾ به رکيو ويو هو. اسان ٻه ٻه ٽي ٽي جهاز جا دوست ڦوڙي ڪري پنهنجي پسند جي ڳائڻي جا مشهور رڪارڊ وٺي ايندا هئاسين. پوءِ جڏهن جهاز سمنڊ تي هلندو هو ته اهي رڪارڊ صبح شام ٻڌندا هئاسين. انهن ڏينهن جا اهي مشهور گانا يورپ توڙي آفريڪا جي بندرگاهن جي ريسٽورنٽن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ به عام هلندا هئا. مٿين ٻن ڳائڻن کان علاوه ڊين مارٽن (1995-1917)، ايلٽن جان، جون ڪارٽر ۽ انگلبرٽ هئمپرڊنڪ به انهن ڏينهن ۾ مشهور هئا. ان بعد نيويارڪ، هيوسٽن، نيو اورلينس، فلڊلفيا (USA) ۽ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ۾ باربرا اسٽراسئنڊ ۽ ايلٽن جون کي ٻڌوسين. پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بيٽلز مشهور ٿيا ۽ بيحد مشهور ٿيا. اسان چوندا هئاسين ته هنن کان بهتر ڪهڙو ڳائڻو ٿيندو؟ جيئن اسان لاءِ هندي فلمن جو هيرو شمي ڪپور هو ۽ ان بعد راجيش کنا، انهن جون فلمون بيروت سنگاپور، ممباسا، ڪولمبو.... خبر ناهي ڪهڙن ملڪن جي سئنيمائن ۾ ڏٺيونسين. ان بعد دبئيءَ ۾ پهريون دفعو اميتاڀ بچن جي فلم ڏسي پراڻا هيرو سڀ دل مان نڪري ويا. اميتاڀ وڏو عرصو فلمي دنيا ۾ ٽاپ تي رهيو، خوب پئسو ڪمايائين ۽ اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جي دلين ۾ آهي. اهڙيءَ طرح بلڪه اميتاڀ کان به وڌيڪ ڳائڻ، ناچ ۽ اداڪاريءَ ۾ آفريڪي نسل جي گهنڊي وارن ۽ سليٽي رنگ جي مائيڪل جئڪسن دنيا ۾ ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو. ان کان اڳ وارن سڀني ڳائڻن، ويندي بيٽلز مٿان ڄڻ ته سج گرهڻ اچي وئي. هڪ غريب فئملي جنهن ۾ مائيڪل جئڪسن 1958ع ۾ ڄائو ۽ ڏهن ڀائرن ڀينرن ۾ اٺين نمبر تي هو، قدرت مائيڪل کي وڏي ڏات ڏني. هن ڳائڻ، نچڻ ۽ اداڪاريءَ مان ڪروڙها ڊالر ڪمايا. هن کي دنيا جا وڏا وڏا هڪ سئو کان مٿي ايوارڊ مليا. هن جا دنيا ۾ 35 ڪروڙ کان مٿي رڪارڊ وڪامڻ جو رڪارڊ پڻ قائم رهيو. پئسي جي ته هن وٽ ڳڻپ ئي نه هئي. غربت مان ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿي پيو ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. رنگ جو ڪارو ۽ شيدي نما هو ته ڇا ٿيو. هو جهڙو به هو ان روپ ۾ ماڻهن کي پسند هو.... ڇوڪرن ڇوڪرين کي، نوجوانن پوڙهن کي هن جو سُر، ادائگي، ناچ، اداڪاري وڻي ٿي. پر پوءِ کيس الائي ڪهڙي احساس ڪمتري ٿي جو پاڻ کي گورو بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڪريمون، تيزابي دوائون ۽ سُيون هڻي هو پنهنجي کل کي چٽيءَ جي مريض جهڙو گورو بنائڻ لڳو. انهن دوائن جي اثر ۾ هن جي مٿي جا وار به ڇڻي پيا ۽ هو گنجو ٿي ويو پر هر وقت وِگ لڳائي هلڻ ڪري سندس مرڻ کان اڳ ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ته هو گنجو ٿي ويو آهي. هن نه فقط پنهنجي چمڙيءَ کي گورو ڪرڻ جا جتن ڪيا پر جسم جي عضون جي به پلاسٽڪ سرجري ڪرائي ڦيرڦار ڪرائي. مثال طور سنهو نڪ ڀلي کڻي سونهن جي نشاني هجي پر ماڻهن کي ته مائيڪل جئڪسن ان صورت ۾ به وڻيو پئي جيڪا قدرت هن کي ڏني هئي. هن پنهنجي نڪ چپن کي به کڻي اهڙو بنايو جو مسخرو لڳڻ لڳو. ان کان علاوه هن کي دماغ ۾ اهو اچي ويٺو ته هو مهانگيون دوائون کائڻ ۽ نج آڪسيجن جهڙي گئس جو ساهه کڻڻ سان وڏي ڄمار ماڻي سگهندو. هن پڪو پهه ڪيو ته هو اوچي کاڌي، صاف سٿري ماحول ۾ ڊاڪٽرن جي نگرانيءَ ۾ رهي، گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سئو سال جيئرو رهي سگهي ٿو. پر پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هن جي عمر اڃان 50 سالن جي لڳ ڀڳ هئي ته هو ساهه جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو. سندس روح کي فاني جسم مان نڪرڻ ۾ ڪي سيڪنڊ به نه لڳا. اهو ٻڌي اسان جهڙا ڪنهن زماني ۾ سندس آواز ۽ ناچ نچڪي جا لکين عاشق، حيرت ۾ پئجي ويا ۽ ڪي ڏينهن سوچيندا رهيا ته انسان قدرت اڳيان ڪيڏو بي وس آهي. سالن کان پوءِ اڄ مائيڪل جي اها ڳالهه واٽس اپ تان ميسيج ۾ پڙهي هڪ دفعو وري ان سوچ ۾ مبتلا ڪيو آهي ته انسان ڪيڏو بي وس آهي. مائيڪل جئڪسن کي هڪ طرف قدرت، نه فقط ”نه“ مان ”اڻ مَيو“ ڏئي ڇڏيو ته ٻئي طرف هو پنهنجي عمر دراز ڪرڻ جي چڪر ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جيترو به نه کائي پي سگهيو ٿي ۽ نه ان وانگر گهمي ڦري سگهيو ٿي. کاڌي جي پرهيز ۽ بي تعداد انجيڪشنن ۽ دوائن هن کي وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ڏينهن زندهه رهيو ان ۾ هو هڪ قيديءَ وانگر ٿي رهيو. سندس موت هر انسان لاءِ هڪ سبق آهي. واٽس اپ تي موڪليل سندس موت جي ڪهاڻي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هتي وري لکان ٿو.
جيئرو هو ته هن همراهه - مائيڪل جئڪسن، عجيب حرڪتون ڪيون ٿي! مثال طور هو رات جو آڪسيجن جي تنبوءَ ۾ سمهندو هو. هو جراثيمن، وائرس ۽ بيماريءَ جي اثرن کان بچڻ لاءِ هر وقت هٿن تي جوراب چاڙهي پوءِ ماڻهن سان هٿ ملائيندو هو. هو ماڻهن جي ويجهو وڃڻ کان اڳ منهن تي ماسڪ چاڙهيندو هو. هو ڊاڪٽرن ۽ ڊائيٽيشن جي صلاح مشوري سان هميشه خاص کاڌو کائيندو هو. سندس هر وقت خيال رکڻ لاءِ، هن ٻارهن ڊاڪٽرن کي پاڻ وٽ ملازم رکيو هو. هي ڊاڪٽر روزانو سندس جسم جي هڪ هڪ حصي جو معائنو ڪندا هئا. هن جي خوراڪ جو روزانو ليبارٽري ٽيسٽ به ٿيندو هو ۽ هن جو اسٽاف هن کي روزانو ورزش به ڪرائيندو هو.
هن پنهنجي لاءِ فالتو ڦڦڙن، گردن (بڪين)، اکين، دل ۽ جگر جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. هي ڊونر هئا جن جا سڀ خرچ مائيڪل جي ذمي هئا ۽ انهن ڊونرن کي ضرورت جي وقت پنهجا عضوا مائيڪل کي تحفي طور ڏيڻا هئا. (اهو ان ڪري جو آمريڪا ۾ توهان ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي هن کان سندس عضوا خريد ڪري نٿا سگهو). سو هن کي يقين هو ته هو ڏيڍ سئو سالن تائين جيئرو رهي سگهندو. پر پوءِ 25 جون جي رات آئي. هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي. هن جي ڊاڪٽرن ملڪ جي سينيئر ڊاڪٽرن کي يڪدم هن جي گهر تي گڏ ڪيو. هي ڊاڪٽر هن کي موت جي منهن مان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ناڪام رهيا. هن کي اسپتال کڻائي ويا.
اهو شخص جنهن ڏيڍ سئو سالن تائين زندهه رهڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي هئي. جيڪو پنهنجا اگهاڙا پير ڌرتيءَ تي رکڻ کان به پاڻ کي بچائيندو رهيو. ڪنهن سان هٿ نه ملائيندو هو ۽ جي مجبورن ڪنهن سان ملائڻو پوندو هوس ته هٿ تي دستانا (جوراب) چاڙهي پوءِ ملائيندو هو جيئن ٻئي کي جي ڪا بيماري هجي ته ان جا جراثيم هُن جي چمڙيءَ مان هِن جي هٿن کي نه لڳي وڃن..... جنهن جي گهر ۾ روزانو جراثيمن کي مارڻ واريون دوائون ڇڻڪاريون ويون ٿي ۽ جنهن 25 سالن تائين ڪا به اهڙي شيءِ ڪڏهن نه کاڌي جنهن لاءِ هن کي ڊاڪٽرن منع ڪئي ٿي.... اهو شخص پنجاهه سالن جي عمر ۾ فقط ٽيهه منٽن ۾ گذاري ويو. هن جو روح چپٽي وڄائڻ جيتري وقت کان به گهٽ وقت ۾ هن جي جسم مان اڏامي ويو. مائيڪل جي مرڻ جي خبر گوگل تي ڏهن منٽن ۾ 8 لک ماڻهن پڙهي.
مائيڪل جئڪسن جو پوسٽ مارٽم ٿيو ته خبر پئي ته هيڪاندي احتياط ڪري، هن جو جسم ڍانچو بڻجي چڪو هو. هو گنجو ٿي ويو هو. هن جو پاسراٽيون ٽڙڪي چڪيون هيون. هن جي ڪلهن، ٻانهن ۽ سٿرن تي سُئين جا تمام گهڻا نشان هئا. هو پلاسٽڪ سرجري جي ڪري “پين ڪلر” (سور جون دوائون) کائڻ جو محتاج ٿي چڪو هو. روزانو درجنن جي حساب سان انجيڪشنون هڻائيندو هو. پر افسوس ته هيڏيون انجيڪشنون، هيڏو احتياط ۽ ڊاڪٽرن جي هيڏي فوج ۽ پئسو به هن کي موت کان نه بچائي سگهيا. هو هڪ ڏينهن ماٺ مٺوڙي ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ٻئي جهان هليو ويو جتي هر شخص کي پهچڻو آهي. اهڙي طرح هن جي آخري خواهش به پوري ٿي نه سگهي.
مائيڪل جئڪسن جو موت هڪ اعلان آهي.... انسان سڄي دنيا کي فتح ڪري سگهي ٿو پر هو پنهنجي مقدر کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. هو موت ۽ ان موت جي لکڻ واري جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سو چاهي ڪو راڪ اسٽار هجي يا فرعون، ٻه ٽَنَ مِٽي جي وزن کان بچي نٿو سگهي، هو قبر کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. پر حيرت آهي اسان مائيڪل جئڪسن جي انجام کانپوءِ به پاڻ کي فولاد جو انسان سمجهي رهيا آهيون.