هي معجزو آخرت ۾ يقين ڪرڻ لاءِ هو .....
غار وارن سنگتين (اصحاب ڪهف) جي هن قصي جي قديم ترين شهادت شام جي هڪ عيسائي پادري جيمس سروجي جي واعظن ۾ ملي آهي جيڪي سرياني ٻوليءَ ۾ لکيا ويا هئا. هي شخص اصحاب ڪهف جي وفات کان ڪجهه سال بعد 452 ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هن 474ع جي لڳ ڀڳ واري زماني ۾ پنهنجا هي واعظ مرتب ڪيا هئا. هنن واعظن ۾ هو هن سڄي قصي کي وڏي تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هي ئي سرياني روايت هڪ طرف اسانجي ابتدائي دور جي مفسرين وٽ پهتي جنهن کي ابن جرير طبريءَ مختلف سَندن سان گڏ پنهنجي تفسير ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ ٻي طرف يورپ پهتي جتي يوناني ۽ لاطيني ٻولين ۾ ان جا ترجما ۽ خلاصا شايع ٿيا. گبن پنهنجي ڪتاب ”تاريخِ زوال وسقوط دولتِ روم“ (History of Decline & Fall of Roman Empire) جي باب 33 ۾ ”ست سمهڻ وارا“ Seven Sleepers جي عنوان هيٺ ان ماخذ مان هن قصي جو جيڪو خلاصو ڏنو آهي، اهو اسانجي مفسرين جي روايتن سان ايتري قدر ملي جلي ٿو جو ٻئي قصا ذري گهٽ هڪ ئي Source مان حاصل ڪيل لڳن ٿا. مثال طور جنهن بادشاهه جي ظلم کان ڀڄي اصحاب ڪهف غار ۾ وڃي لڪيا، اسانجي مسلمان مفسرين مطابق ان بادشاهه جو نالو دقينوس، يا دقيانوس ٻڌايو وڃي ٿو. ۽ گبن Gibbon چوي ٿو ته اهو قيصر ڊيسيس (Decius) هو جنهن 249 کان 251 تائين سلطنت روم تي حڪومت ڪئي ۽ حضرت عيسيٰ عليه والسلام جي پوئلڳن تي ظلم و ستم ڪرڻ جي معاملي م هن جو دور بيحد بدنام آهي. جنهن شهر ۾ هي واقعو پيش آيو، ان جو نالو اسان جي مفسرين (قرآن جو تفسير لکڻ وارن) اِفسوس (Ephesus) لکيو، ۽ گبن ان جو نالو اِفسس (Ephesus) ٻڌائي ٿو. جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هي شهر ”ايشيا ڪوچڪ“ يعني ايشيا مائنر جي مغربي ڪناري تي رومين جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه هو. بعد ۾ درياهه جو وهڪرو بدلجڻ تي هي بندرگاهه ريتي ۽ ڌوڙ ۾ لٽبو رهيو. اڄ اهو سامونڊي ڪناري کان پري لڳي ٿو. هن جي ڀرسان نئون اڀرندڙ شهر سيلچوڪ ماڊرن ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ بڻجي پيو آهي.
۽ پوءِ جنهن بادشاهه جي عهد ۾ اصحاب ڪهف جاڳيا، ان جو نالو اسانجي مفسرين تندوسيس لکيو آهي ۽ گبن چوي ٿو ته هنن (غار ۾ رهندڙ ساٿين) جي اک جڏهن کلي ته ان وقت قيصر ٿيوڊوسيس (Theodosius) ثاني جي حڪومت هئي. تيستائين سڀ عيسائيت قبول ڪري چڪا هئا. يعني جنهن دور ۾ هي غار وارا ساٿي (اصحاب ڪهف) هن غار ۾ اچي لڪا هئا ان وقت جو قيصر (رومن بادشاهه) دقيانوس (Denisus) يهودي هو ۽ عيسائيت جي ايڏو ته خلاف هو جو هي سنگتي (اصحاب ڪهف) قتل ٿيڻ جي ڊپ کان غار ۾ وڃي لڪيا هئا. اهو سال 250 هو. هو 251 ۾ گذاري ويو. ان بعد رومن سلطنت جا ڪيترائي بادشاهه (قيصر) ٿيا. جنهن بادشاهه (قيصر ٿيوڊوسيس) جي ڏينهن ۾ هنن ستلن جي اک کلي، اهو شهنشاه سن 408 کان 450 تائين روم جو قيصر (بادشاهه) رهيو. مسلمان مفسرين ۽ عيسائي تاريخدانن جي هن ڳالهه بابت ڪافي هڪجهڙائي ملي ٿي. اصحاب ڪهف (غار وارن ساٿين) جي اک کلڻ بعد هنن جنهن ساٿيءَ کي ماني آڻڻ لاءِ شهر موڪليو هو ان جو نالو اسانجا مفسرين يمليخا ٻڌائين ٿا ۽ گبن ان جو نالو يمليخس (Jamblchus) ٻڌائي ٿو. قصي جا تفصيل ٻنهي جي روايتن ۾ ساڳيا آهن جيڪو مختصر طور هن ريت آهي ته قيصر ڊيسيس (شهنشاه دقيانوس) جي زماني ۾ جڏهن حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن تي سخت ظلم و ستم ٿي رهيا هئا، ست نوجوان هڪ غار ۾ اچي ويٺا هئا. پوءِ اٽڪل 196 سالن بعد، قيصر ٿيوڊوسيس جي سلطنت جي اٺٽيهين سال (يعني 445 يا 446 ڌاري) هي ماڻهو سجاڳ ٿيا، جڏهن سڄي رومن سلطنت عيسائي ٿي چڪي هئي. ان حساب سان غار ۾ هنن جي رهڻ جي مدت 196 سال ٿئي ٿي.
يورپ جي ڪجهه متشرقين اصحاب ڪهف جي قصي کي ساڳيو مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ته قرآن هنن جي غار ۾ رهڻ جو عرصو 309 سال بيان ڪيو آهي سوره ڪهف جي 25 ۽ 26 آيت ۾ آهي ته.... ”۽ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هو پنهنجي غار ۾ 300 سال رهيا ۽ ڪجهه ماڻهو ان مدت جي انگ ۾ 9 سال واڌارو ڪن ٿا“. مولانا مودودي ان بابت تفسير ۾ لکي ٿو ته ان عبارت ۾ ٽي سئو يا ٽي سئو نو سالن جي تعداد جو جيڪو بيان آهي، اسانجي (مفسرين) جي خيال ۾ اهو دراصل ماڻهن جي قول جي حڪايت آهي، نه الله تعاليٰ جو پنهنجو قول. ان تي اهو دليل آهي ته اڳتي جي آيت ۾ الله تعاليٰ پاڻ ٿو فرمائي ته تون چئو: الله بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيڏي مدت رهيا. جيڪڏهن 309 سالن جو تعداد الله پاڻ فرمايو هجي ها ته ان بعد اهو فقرو ارشاد فرمائڻ جو ڪو مطلب نه هو. ان ئي دليل جي بنياد تي حضرت عبدالله بن عباس رضه به اهائي تاويل اختيارفرمائي آهي ته اهو الله تعاليٰ جو قول نه آهي پر ماڻهن جي قول جي حڪايت آهي.
غار ۾ رهندڙ ساٿين جي تعداد لاءِ به قرآن ۾ ساڳي ڳالهه آهي ته انهن جي تعداد جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر ۽ نه انهن جي متعلق ڪنهن کي ڪجهه چئه. مفسرين ان مان اهو مطلب ڪڍن ٿا ته اصل شيءِ تعداد ناهي، پر اهو سبق آهي جو هن قصي مان ملي ٿو ته هڪ سچي مومن کي ڪنهن به حال ۾ حق کان منهن موڙڻ ۽ باطل جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار نه ٿيڻ کپي. ان مان اهو به سبق ملي ٿو ته مومن جو اعتماد اسباب دنيا تي نه پر الله تي هجڻ کپي، ۽ حق پرستي جي لاءِ بظاهر ماحول ۾ ڪنهن سازگاري جا آثار نظر نه ايندا هجن تڏهن به الله جي ڀروسي تي راهه حق ۾ قدم کڻڻ کپن. الله تعاليٰ قانون فطرت جو پابند نه آهي. هو جڏهن ۽ جتي چاهي، غير معمولي ڪم ڪري سگهي ٿو. هن جي لاءِ هي ڪو وڏو ڪم ناهي ته ڪنهن کي ٻه سئو سالن تائين سمهاري پوءِ اهڙي طرح جاڳائي وهاري ڄڻ هو چند ڪلاڪ ستو هجي.... ۽ هن جي عمر، شڪل، صورت، لباس، تندرستي، مطلب ته هن تي گذريل هيڏي عرصي جو ڪجهه به اثر ٿيو هجي. ان مان اهو سبق ملي ٿو ته نوع انساني اڳيان پويان نسل هڪ ئي وقت زنده ڪري اٿارڻ رب پاڪ لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اصحاب ڪهف جو معجزو الله تعاليٰ ان ڪري ڏيکاريو هو ته ماڻهو ان مان آخرت جو يقين حاصل ڪن.