شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

مهاڳ

آغا ممتاز حسين درانيءَ جي شاعري اڄ کان هڪ سال اڳ سندن فرزند ۽ پنهنجي پياري دوست آغا وقار درانيءَ جي ڊفينس واري فليٽ تي مون پهر يون ڀيرو پڙهي ته منهنجا وار ڪانڊارجي ويا، ڇاڪاڻ ته اها منهنجي اڻڄاڻائي ۽ جهالت هئي جو هيڏي وڏي گامُو سچار جي تخليقن کان پنهنجي سٺ سالن جي عمر تائين مان واقف نه ٿيو هئس ۽ نه ئي مرحوم جي شاعري پڙهڻ جو مون کي موقعو مليو. بهرحال آغا وقار جڏهن پنهنجي والد مرحوم جي اڻڇپيل ڪلامن جو مسودو منهنجي آڏو کولي رکيو ته آئون سندس نظم، گيت، غزل ۽ بيت پڙهڻ مهل ڄڻ هڪ اهڙي جهان ۾ داخل ٿي ويس جتي پنهنجاهه ورهيه اڳ ۾ به سياسي اڳواڻن ۽ سرڪاري ڪامورن جي عوام دشمن پاليسين، چورين ۽ رشوت خورين جي بدبوءِ پکڙهيل هئي جنهن کي دفن ڪرڻ جي جسارت، جرئت ۽ تڙپ آغا ممتاز جي هر تخليق ۾ عيان آهي.
مرحوم جو هي غزل اڌ صدي اڳ لکيل آهي ۽ ان وقت سنڌ اندر جيڪي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتون هيون تن جو سچو عڪس اوهان پاڻ پڙهي ڏسو:

نظامِ مملڪت بدتر اهوئي آهه اڳ جهڙو
ظلم جورو جفا اڪثر اهوئي آهه اڳ جهڙو
چمن بدليو، فضا بدلي، زماني جي هوا بدلي،
دقيانوسي مگر ڌمچر اهوئي آهه اڳ جهڙو
نه آيو انقلاب آهي منسٽر جي طبيعت ۾،
ستم پرور ۽ ڊڪٽيٽر اهو ئي آهه اڳ جهڙو
هڻن ٿا ڏنگ انسانن کي زَنبور زهريءَ جان،
هي رشوت خور آفيسرُ اهوئي آهه اڳ جهڙو
هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پر ويتر
غريبن جي مٿان پادر اهوئي آهه اڳ جهڙو
هيون ڏاڍيون اميدون ديس پنهنجو ٿيندو هي جنت،
مگر هاريءَ جي هٿ ۾ هَرُ اهو آهه اڳ جهڙو
پروڊا جو وجهي پنجوڙ ڪورٽ ۾ کڙو ڪن ٿا،
تڏهن به ليگ جو ليڊر اهو آهه اڳ جهڙو
ڪندا رهنداسون هر حالت ۾ اي ممتاز حق گوئي،
اسان جو طبع جو جوهر اهوئي آهه اڳ جهڙو

مٿيون غزل پڙهي جڏهن اڄوڪين حالتن تي نظر ڦيرايم ته يقين ڪريو ته ڏاڍو افسوس ٿيو ته مار هيڏي وڏي سائنسي ترقي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ جڏهن دنيا جا عظيم سائنسدان مرد توڙي عورتون چنڊ، مريخ ۽ زهره جهڙن اربين ميل ڏور سيارن ۽ ستارن تي قدم رکي پنهنجن پنهنجن ملڪن جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهن تڏهن به اسان جي بدنصيب سنڌ بلڪه سمورو ملڪ پاڪستان اڃا تائين واڳونءَ جي وات ۾ ڦاٿل آهي. ساڳيو ئي دقيانوسي ۽ مدي خارج وڏيرڪو نظام، ڀوتارن جا بدمعاشيءَ سان ڀرپور جرڳا ۽ ناجائز ۽ غير قانوني فيصلا، سياسي قيادت جي واعدي خلافي، لالچ، دغا، دولاب، مڪاري ۽ نفسانفسيءَ جو بدترين عالم، خدا جي مخلوق جو ساهه ٻوساٽڻ واري ڪُڌي ڪم ۾ رڌل آهي. ظلم ۽ ستم سان ڀرپور سندن جاگيرداريءَ ۽ سرمائيداريءَ وارو عذاب اڳ کان به ٽيڻو چئوڻو ٿي ويو آهي. هارين جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ آندل زرعي سڌارا هڪڙو ڍونگ ثابت ٿي چڪا آهن. اڄ به اسان جي وطن جا هاري ناري ۽ پورهيت منافعي خورن ۽ سياسي چالبازن جي خوني چنبي ۾ جڪڙيل آهن. ٿورو هن غزل تي غور فرمايو ته ڪيئن نه هِن عوام دوست شاعر اسان جي اڄوڪي سنڌ ۽ ان جي حاڪمن توڙي شاهن جي شاهاڻين ۽ نؤسر بازين کي وائکو ڪيو آهي:

دنيا وارن ڪئي جور و وفا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
هتي نفسيءَ ۾ هرڪو مبتلا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
دغا، دولاب، لالچ، واعده شڪني ۽ ريا ڪاري،
اڙي سائين! اسان وٽ سڀ روا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
تقدس خون جي رشتي جو عرصو ٿيو ختم ٿي ويو،
پُڄائي پيرُ پئسو آس ٿو پنهنجن پوڄارين جي،
جي ” ناڻو شاهه“ اڄ مشڪل ڪُشا ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
سائين ممتاز جي ” ناڻو شاهه“ واري ايجاد به انوکي آهي جنهن منهنجان اسان کي پنهنجي دور جي انقلابي ڪهاڻيڪار مرحوم جمال ابڙو صاحب جي افساني ” شاهه جو ڦر“ جي به جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي، آئون پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۾ جڏهن شاهه مافيا جو ذڪر ڪندو آهيان ته ان جو مقصد سڄي ذات برادري کي مورد الزام هرگز نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار کان وٺي درٻيلي واري سيد ظفر علي شاهه تائين اهڙا به سيد سڳورا سنڌ ڌرتيءَ پئدا ڪيا جن اسان جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي. باقي حڪمرانن، شاهن ۽ سندن مداحن توڙي واٺن تي لطيف چواڻيءَ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ”گولا جي گولن جا، تنين جا غلام“ ڪندا آهن. اڄ جيڪا سنڌ جي بدحالي ۽ بيوسي آهي، سنڌ ۾ جنهن سطح جي هماليائي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي، ان تي ته اکيون رت روئين ٿيون
توهان حيران ٿيندؤ ته پنجاهه سال اڳ هيءُ يگانو شاعر سنڌ جي حڪمرانن جا جيڪا بد اعمال ۽ بڇڙا افعال بيان ڪري ويو آهي سي سندس هيٺ ڏنل تمام پراڻي غزل مان هڪ تاريخي اڳڪٿي جيان اسان ماڻهن جي سوچ ۽ سمجهه جو اڄوڪو منظر پيش ڪن ٿا.

صاحبِ املاڪ ۽ زردار آ
صدق و صفا ۾ توجو ڪيو هنجو شمار
حسنِ سياست جو هو شهڪار آ

مرحوم آغا ممتاز پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي غريب مسڪين هارين ۽ پورهيتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناحق کي ننديو آهي، اتي کين ڀٽائيءَ جو لفظن ۾ ته ” هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ جهڙو سڏ ورجائيندي چوي ٿو ته:
خاموشي ڇڏ زبان ۾ طاقتِ گُفتار پيدا ڪر
جا باطل کان نه ٿئي خائف اها تلوار پيدا ڪر
عصائي موسوي فرعونيت لاءِ پار پيدا ڪر
نه چنگيزي رهي باقي فضا هموار پيدا ڪر

سائين ممتاز سنڌ جي ڏکن ڏوجهرن ۽ حاڪمن جي وطن فروشي کي ڏسندي فرمايو:

تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان آهي فضول،
باغ جو گهُر خير جيڪو ٿي رهيو نيلام آ
اڄ سياست پنهنجي محور ٿي هر ڪنهن جي ڦِري
”پاڪ“ جو پيشِ نظر ڪنهن کي نه استحڪام آ

سنڌ جي هن عاشق ۽ درويش شاعر، جنهن کي انسان جي بلند ڪردار ۽ حب الوطنيءَ جو جيڪو ادراڪ هو ان جو اندازو سندس ڪيترن ئي تخليقن مان ڪري سگهجي ٿو. ۽ هن غب الوطنيءَ سان غريبن سان ٿيندڙ ناحق ۽ جورجفا کي پنهنجي قلم جي طاقت سان شاعريءَ جي مالها ۾ پوئيو آهي، ۽ هن سونهن ۽ سوڀيا جي سڳند مان سرور حاصل ڪري پڙهندڙن لاءِ عشق محبت جا داستان به رقم ڪيا آهن. دنيا ۾ ڪهڙو انسان آهي جنهن عشق نه ڪيو هجي؟ اهو ته ممڪن ئي ناهي ته شاعر هجي پر عاشق نه هجي، دانشور هجي پر سونهن جي سڄاڻپ کان وانجهيل هجي. سندن جمالياتي ذوق جا ترورا سائين ممتاز جي هن غزل مان جهاتيون پائي ۽ عاشقن کي اتساهي رهيا آهن:

ڇو ٻريا غمدهِ دل ۾ ڏيئا؟
تنهنجي رخ جي ڇا ضيا ياد آئي
گلبدن ڪير ٿو اچي شايد
موسمِ گل جي هوا ياد آئي
غم جي جهولن ۾ توکي ڇو ممتاز
هن جي زلفن جي گهٽا ياد آئي

مرحوم شاعر اڄڪلهه جي پريمي جوڙن کي اها تنبيهه ٿو ڪري ته عشق ۽ محبت انساني فطرت جو اڻٽٽ حصو آهي. بيشڪ عشق ۽ محبت ونڊيو پر پنهنجي انهيءَ عمل ۾ انجام کان بي خبر ٿي ڪو اهڙو قدم نه کڻو جنهن سان نه رڳو محبتون بدنام ٿين پر مٽن مائٽن جي دامن تي به داغ لڳي وڃن. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي بهاني روزانو ڪيئن معصوم جوانيون ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ٿيون وڃن. جرڳائي ڀوتار سندن غريبن واندين مٿان ڪروڙن جا ڏنڊ ٿا وجهن جيڪي سئو سالن ۾ به ڀرجي نٿا سگهن. جيسين ڏنڊ ڀرين تيسين سندن نياڻيون ڀوتارن جي اوطاقن ۽ حويلين ۾ قيدياڻيون جيان قابو هجن ٿيون. شاعر جي هيءَ تخليق اهڙن پريمي جوڙن لاءِ وڏي نصيحت آهي:

سو نه عشق آ ممتاز دور انديش
جنهن جي انجام تي نگاهه نه آهه

دستگير ڀٽي