آغا ممتاز حسين خان درانيءَ جي ياد ۾ : حڪيم ميان مرتضيٰ اعظم عباسي
آغا ممتاز درانيءَ سان منهنجي ملاقات 1936ع ۾ درزي بيگ انصاريءَ جي دڪان تي ٿي. انهيءَ وقت ڳڙهي ياسين مان ”پيغام صلح“ اخبار نڪرندي هئي، مان مولوي محمد ابراهيم وٽ رهندو هيس. اهو 1937ع جو زمانو هيو. آءُ اڪثر شام جو سندس اباڻي بنگلي تي جنهن کي ”خان جو بنگلو“ سڏيندا هئا ويندو هيس، جتي استاد جان محمد دايو جيڪو ڊاڪٽر عنايت الله جوکئي جو ڏاڏو ۽ استاد واحد بخش ميمڻ جيڪو ڪليم الله ميمڻ وڪيل جو پيءُ جن ايندا هيا ۽ کيس پڙهائيندا هيا. 1946ع ۾ مون شادي ڪئي، چئن مهينن بعد ڳڙهي ياسين ۾ ٻوڏ آئي، انهيءَ وقت آءُ سندس همدرديءَ ۽ پاڻ وارڻ واري جذبي کان سخت متاثر ٿيو هيس. آغا ممتاز درانيءَ جي سڏايل تقريبن ۾ شرڪت سبب ملاقاتن جو شرف حاصل رهندو هيو. مرحوم مون لاءِ چانهه پنهنجي نوڪر کان خاط طور تي لُلي جي هوٽل تان گهرائي تواضع ڪندا هيا، ان دور ۾ مرحوم عوامي وندر خاطر زبردست ملاکڙا ڪرائيندو هيو. انهن ملاکڙن جي ٽيم ۾ محمد نواز خان بابڙ ۽ عزيز الله خان بار ڪزئي سندس خاص ڪارندا هوندا هيا. مون کيس 1965ع جي جنوريءَ ۾ آغا بدر عالم جي وفات حسرت آيات تي انتهائي سوگوار ڏٺم ۽ پنهنجي ڏک ڀرين خيالن جو اظهار هن انهيءَ وقت ڪيو هو، جيڪو 1980ع ۾ ”نواءِ انقلاب“ اخبار بدر عالم نمبر ڪڍيو هو. انهيءَ نمبر ۾ آغا ممتاز درانيءَ پنهنجي عزيز بدر عالم تي هڪ شاندار تاثر لکيو هو. پاڻ وڏو تاريخ دان، مقرر، مدبر، ڏاهو ۽ هڪ بهترين شاعر هو. سندس شاعري کي مڃڻ ۽ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي سندس ابتدائي دور جي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جي جهلڪ نظر ايندي هئي، پر بعد ۾ نئين جدت واري واٽ ورتائين، هن پنهنجي شاعري ۽ نثر کي مون وانگر رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪونه ڇپايو، پر مون جهڙن سَوَنِ کي پنهنجي شاعري ۽ ادبي لياقتن سبب دلين ۾ جاءِ گير ضرور ڪيو آهي. آءُ جڏهن ڪچهري ۾ ڪهي ويندو هوس ته گفتگوءَ مان نه فقط اسلامي ۽ بر صغير جي تاريخ جي پروڙ پوندي هئي، پر يورپ، آمريڪا ۽ روس جي دانشورن ۽ سورمن بابت اسان کي آگاهه ڪري علم ۽ فهم ۾ اضافو آڻيندو هو. سندس بنگلي منجهه سندس دوستن جا ميڙا مچندا هئا. شام جو فقيرن کان شاهه لطيف جون وايون ٻڌندا هئا.
ڳڙهي ياسين جي مٽي وڏي مردم خيز هئي، جنهن ٿورڙي وقت ۾ مولانا تاج محمود امروٽي، آغا ممتاز دراني، اي ڪي بروهي، آغا بدر عالم دراني علي احمد بروهي، حافظ نور محمد، حسام الدين راشدي، علي محمد شاهه راشدي، نثار بزمي ۽ دين محمد وفائي جهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو، سڀئي املهه موتي جن جي جوت سچ پچ ته جهان کي جرڪائي ڇڏيو.
مون زندگيءَ ۾ ممتاز درانيءَ جهڙا گهٽ ماڻهو ڏٺا، جيڪي هڪ ئي وقت تحرير توڙي تقرير جا ماهر هجن. سندس گفتار من کي موهي وجهندي هئي ته وري شاعري جي سٽ سٽ تي ساهه وارڻ تي دل چوندي هئي. جي مرحوم اڃا به وڙڪري خط جا ٻه اکر لکي داد ڏئي ته مون پارو پنهنجي اوقات ئي وساري ويهندو هو، کيس دل ۾ گهر ڪرڻ جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ته ڪو مثال ئي ڪونه هو.
روزاني هلال پاڪستان ڪراچي خميس 23 مئي 2002ع