آغا ممتاز حسين درانيءَ ” ممتاز“ مرحوم جي ياد ۾ : علي احمد بروهي
اها حقيقت آهي ته زندگيءَ جي هر گهڙي ۽ هر پلڪ لاءِ شڪراني جو سجدو ڏيڻ ٿو چاهيان، پر هي ڄاڻ نه اٿم ته هتي آءُ ترسيل ڪهڙي مقصد لاءِ آهيان. هيءَ خبر البت اٿم ته زندگي نالو آهي موت لاءِ اوسيئڙو ڪرڻ جو، بلڪل درست، پر آخر ڪيستائين؟ يا جيئن پشتو زبان ۾ پڇا ويندي آهي. ” تابه ڪئه“ آءُ ته نه عبادت گذار آهيان ۽ نه وري ڪي نيڪ ڪم ڪيا اٿم. ممڪن آهي ته سزا طور جنم ٽيپ پيو ڪاٽيان، يا وري ممڪن آهي ته مالڪ ڪو اهڙو سبب بڻائي ته توبه تائب ٿي ڪيل گناهن جي تلافي ڪريان، يا وري ٻڏائي ۽ ليلائي معافي منگان. بهرحال آءُ مالڪ جي هر ڳالهه تي راضي پئي رهيو آهيان پوءِ هيئن به سڄڻ واهوا ۽ هونئن به سڄڻ واهوا. شمس کي صبح تائين هر حال ۾ ٻرڻو آهي. پوءِ جا مالڪ جي مرضي. هي هڪ انوکي ڪهاڻي آهي، مهلت ملي ۽ الله پاڪ توفيق به عطا ڪئي ته تفصيل سان عرض حال ڪندس. في الحال ته وڇڙي ويل يار جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ ائين نه ٿئي جو ممتاز حسين ته رهجي وڃي ۽ خالي ” مئن مئن“پيو نظر اچي.
منهنجي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ جي منهنجا جاني ۽ جگر دوست هئا، آغا ممتاز حسين خان دراني ”ممتاز“ به انهن ۾ هڪ هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڻس دوستيءَ جو ناتو صحيح نموني نڀاهي نه سگهيس، جيئن سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته ” سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“ ته اهو اڻاسي آءُ آهيان، ڇاڪاڻ ته آءُ ڪڏهن به سندس ڪم نه آيس. ممتاز حسين خان سکيو ستابو ۽ سرنديءَ وارو هيو ۽ پئي پنجڙ جي محتاجيءَ کان آجو هيو. الله پاڪ کيس سڀ ڪجهه ڍئو تي ڏنو هيو. شڪل صورت، علم عقل، همٿ جرئت ۽ وڏڙن جو ورثو.
احمد شاهه ابدالي واري دور ۾ شاهه شجاع تائين شڪارپور ۽ سکر وارا علائقا پٺاڻن جي هٿ هيٺ رهيا ۽ اٺ به ٽيهارو کن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خدمتن عيوض سالياني پٽينداري ملندڙ آهي. ڪوٽ سلطان جا بابڙ پٺان، مدئجي جا مشواڻي پٺاڻ ۽ ڳڙهي ياسين جا بارڪزئي دراني زميندار ۽ پٽيندار آهن. باقي عام پٺاڻ ڪمي ڪاسبي ۽ پورهيت آهن. آغا ممتاز حسين دراني 17 مارچ سال 1924ع ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ميونسپل اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ ۽ انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. اردو ۽ فارسي زبان تي به خاص دسترس هيس. ممتاز بنيادي طور تي شاعر هيو ۽ شاعري سندس شوق ۽ شغل هيو ۽ نه ذريعي معاش. ڪتابن پڙهڻ جو به شوق هيس. اردو سنڌي ۽ فارسي ڪتاب پڙهڻ کان علاوه کيس اڪثر شاعرن جهڙوڪ: شاهه لطيف، سچل، سانگي، فيض، فراز، جوش، غالب، جفر مراد آبادي، سعدي، رومي ۽ حافظ جا بيت کيس بر زبان ياد هوندا هئا. زندگيءَ جي هر مسئلي هر موضوع تي ڳالهائي ۽ سمجهائي سگهندو هيو. سندس سنگت ساٿ جو دائرو پڻ وسيع هوندو هيو، جنهن ۾ اڪثريت استادن ۽ عالمن جي هوندي هئي. سڄي شهر جا استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، عملدار، شاعر ۽ ٻيا معزز شهري شام ٽاڻي اچي سندس بنگلي تي سهڙندا هئا ۽ پوءِ اڌ رات تائين ڪچهري هلندي رهندي هئي، جنهن ۾ ملڪي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي راءِ زني ۽ ٽيڪا ٽپٽي ٿيندي هئي، ڪڏهن وري سنگت جي گڏجاڻيءَ کي ڪنهن موقعي يا ڪنهن خاص مهمان جي آمد ڪري ادبي يا شاعراڻي محفل جو رنگ ڏنو ويندو هيو ۽ هر هڪ فرد کي سندس خداداد صلاحيت جي آڌار تي ڏات جي اظهار جو موقعو ملندو هيو.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هر اديب، هر شاعر ۽ هر مفڪر اورچ ۽ محنتي ٿيندو آهي. پر ممتاز حسين خان تي قدرت خاص رحمتون عطا فرمايون هيون سندس نثر توڻي نظم لکڻ جو انداز ائين هوندو هيو جيئن ڪوئي بتي ٻارڻ لاءِ برقي بٽڻ دٻائي يا ڪمپيوٽر چالو ڪري حاضر دماغيءَ جو عالم هي هيو جو ڪوئي به موضو پيش ٿيو ناهي ته هڪدم تحرير يا تخليق جي تڪميل ٿي ويندي، مطالعو پنهنجي جاءِ تي پر حافظو ۽ هنياءُ جو سوجهرو الله پاڪ کيس رونگ ۾ عطا ڪيو هيو. پاڻ ڪڏهن به مشاعرن ۾ نه ويو. لاغرض انسان هيو. کيس ڄاڻ هئي ته پٿر به پنهنجي جاءِ تي ڳورو هوندو آهي. ان ڪري واندن ۽ نکمڻن جي اوطاقن ۽ اوتارن تي وڃڻ کي وقت جو زيان سمجهندو هيو. سندس شاعريءَ جا ڇهه سئو شعر ته پنهنجن هٿ اکرن ۾ موجود آهن جي زيرِ اشاعت آهن. شعر جو هي انداز ڪو ايترو وڏو نه آهي، پر جيڪڏهن هن ڳالهه کي ذهن ۾ رکجي ته هڪ شرميلو شاعر جو شهرت کان پاسو ڪندڙ هجي انهيءَ لاءِ هي رتبو ايوريسٽ پهاڙ جي چوٽي سر ڪرڻ جي برابر آهي، بقول سنڌ جي بزرگ استاد ” سيد شاهه محمد شاهه” جي ته: “ آغا ممتاز حسين خان دراني گمناميءَ جو سمنڊ هيو، پر منجهيس لڪل ڏاهپ جا موتي ۽ گوهر هئا، جيڪي اسان جي اکين پسيا هئا، مرحوم مڪمل عالم هيو، لکڻ جي ڏات ۽ ڏانءُ هيس“
مرحوم سهڻو سيبتو ۽ آئيني جهڙي اوجر دل ۽ ٺاهوڪي جسم جو مالڪ هيو. مون کي ياد نه آهي ته مون ڪڏهن کيس موڳو يا مايوس نه ڏٺو، پر الاجي ڇو عمر جي آخري حصي ۾ کيس پيٽ جو عارضو ٿيو جنهن کيس نهوڙي ڇڏيو.
ماه آگسٽ جي پهرين تاريخن ۾ ڳوٺ کان فون آئي ته آغا ممتاز حسين کي ڪراچيءَ علاج لاءِ وٺي پيا اچون. آءُ وائڙو ٿي ويس ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ڀيرو ڪئي مون کي زمانا ٿي ويا هئا ۽ مون کي سندس بيماريءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي. کيس سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. آغا جو فرزند وقار حسين ۽ سندس گهر ڀاتي ساڻس گڏ خدمت ۾ هئا. بيماريءَ جي حالت نازڪ هئي ۽ علاج معالجي کان مٿڀرو ٿي چڪي هئي. البت دعا جو در کليل هيو.
ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪجهه اشارن ۾ ته ڪجهه دلين جي ڌڙڪڻ وارين حرارتن وسيلي ٿيندي رهي. هڪ ڏينهن آءٌ ڇرڪي پيس جڏهن چيائين ته سڀاڻي سفر جي تياري آهي. انهيءَ ڏينهن 4 آگسٽ 1992ع اڱاري ڏينهن يار راهه رباني وٺي ويو. وفات وقت سندس عمر 69 سال ۽ پنج مهينا هئي.
مرحوم آغا ممتاز حسين درانيءَ جا ڪجهه چونڊ شعر هيٺ ڏجن ٿا:
مرتضيٰ اعظم عباسيءَ لاءِ چيل
سختن فهم شاعر ۽ ادب جو عاشق آ.
فڪر فن ۽ فرازنگيءَ ۾ فائق آ.
اسم به اسمي سندس تخلص ”خاذق“ آ.
***
چه فصاحت چه بلاغت چه معنيٰ چه بيان
جلوه پيراست در آغوشي زبان ” خاذق“ آ
***
نقاش ازل جو شهڪار آدمي آ
ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ
***
نفرت عناد آ ملان جو مذهب يار من
اهڙي مذهب کان ڀڄي وڃ بانورا بيزار ٿي
***
هئي اميد ٿيندو پاڪ ۽ انصاف پر ويتر،
غريبن جي مٿان پادر اهو ئي آه اڳ جهڙو
***
الله سان محبت ۽ آدميءَ کان نفرت
اهڙو عجيب تر آ. انداز پارسا جو
***
وچ سير ۾ آ ٻيڙي ۽ دور آ ڪنارو.
طوفان ساڻ به لڙندو اڄ عزم ناخدا جو.
***
امر ٿيندا رڳو ممتاز سي جي نيڪ مقصد لئه
ملائي موت سان اکيون دليرانه مري ويندا.
***
روزاني هلال پاڪستان ڇنڇر 30 مارچ 2002ع