شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

بيت

(1)
پنهنجو پاڻ پروڙ، آهين الله پاڻ تون
رکيئي فقط جو رب تي، من ٿيندئي معذور
جيءُ کي نه جهور، ٻيون باتيون ٿي ڀلائڻ جون

(2)
ويچار ڪر وجود جو، روح سان ڪر رهاڻ
نڪو جانب جبلن ۾، ڪڍ نه ڪنهنجي ڪاڻ
خود ۾ خدا ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو برن ۾

(3)
جوٽ جنگيون جيئڻ ڪاڻ، ڏيهه ۾ آهن ڏکِ
سور سهڻ تون سک، جي اٽڪڻو اٿئي عقابن سان

(4)
يارن ياراڻو، ڪڏهين نڀايو ڪنهن سان
محبت نه اٿن مٽي جي، ٻاڪر ڪٽو ٻاراڻو
تن کي ڪهڙو طعنو، جي هن وات ڳاڙها ويچار

(5)
صبح ٿيو ڪر سعيو، رات گذري راه ۾
ڪڏي پيو ڪٽڪن تي، هڻي هوڪارو
مڙس ڪريو مارو، مان مٿاهون ٿي مهراڻ جو.

(6)
ڀيرو نه ڀڄان ڀونءَ ڪاڻ، گهڙي ڪانه گسان
لڱ ڀلي ليڙون ٿين، ريٽو ٿي به رسان
پرين من پسان، پنهنجي ملڪ ملير کي

(7)
پسيم ڪو نه پرين کي، ويو سج لهي
رڙيم ساري رات پڻ، ويسو وقت وهي
ڪو نه آيو ڪهي، ديکي بنا دم ڏنم

(8)
ڏکين ڏڌيل آهيان، ڏاڍا ڏٺم ڏينهن،
لکي ڪونه لڌو هو، سور حياتي سين
سورن ايئن سيڪاٽيو، جنڀان لڳن جيئن
وڃان ڪاڏي ڪيئن دل اٿم هن ديس سان

(9)
پرين توکي پاڻ، ڏيندس ڏوراپو
رحم نه آيئي رتي جو، قدر نه ڪئي ڪو
ڪنهن کي چوان ڇو، دل ۾ دانهون ٿو ڪريان

(10)
ملڪ ٻري جيئن مچ، سورائتا سڀ آهيون
رهبر رهزن ساڳيا، سڻايائن ٿو سچ
اوري منهنجي اچ، پاڻي کير پڌرو ڪريان

(11)
اڄ به گذري رات، پنڌ پري آهن گهڻا
ڪيرايون اڄ ڪوٽن کي، وائي اهائي وات
گهاؤن توڙي گهايو، تڏهن به اها تات
ٻي نه ڪندس ڪا بات، جيئي سنڌ جهان ۾

(12)
مون سڏ ڪندي سڏيم، پرين سڻن پڪاران
ويا وڇڙي جي ولر کان هنجهون تن لاءِ هاريان
پيو ويٺو ٿو پڪاريان ڪڏهن پڄندس پرينءَ کي

(13)
جهاتي پائي جيءَ ۾، پرک تون پاڻ
پيار رک تون پاڻ جو، محبوب سچي کي ماڻ
عشق کي الله ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو بن ۾

(14)
ويري ويٺا ووڙين، پنهوهارن جا پيچرا
ڪارا قلوب تن جا، جيجل کي جهورين
ڪلئون ڪنڌ ڪورين، ماروئڙن جا ماڳ تي

(15)
جن سوري چڙهڻ سکيو، ماريندا سيئي موت
جن لڱ وڍائي لکيو، سيئي هلندا هن راه ۾

(16)
ڪاتي ڪڏ ڪري، سورهه ساماڻا
موٽڻ تن لئه مهڻو، وڌيا پير ڀري
ڌرتي ڪارڻ ڌري، ڪلهئون ڪپايئون ڪنڌ کي

(17)
آيلن جي اُجهايو، مون ٻيهر وري ٻاريو
ويهي واچوئوڙن وچ ۾ آهي دود دکايو
مونکي ڀل ماريو، ساٿ نه وڪڻندس سون تي

(18)
اڳيان ويرن وٽ، اُڀ جيان اوچا ڳاٽ
ڪاتي ڪونه ڪنبايا، ڪسڻ به ڀايئون گهٽ
پيا پانڌيئڙا پٽ، سَرَ ڏنائون ساڻيهه لئه

(19)
ماروئڙن جي محبت ڪاڻ، وجود کي وسار
ڌر ڌرتي ڪنڌ ڪونگرين، عشق کي اجار
نيزو سسي پاءِ، پتنگ پوءِ سڏائين

(20)
آئون آڳاٽو آهيان، موهن کان موجود
آد جڳاد کان آهيان ڪير وڃائيندو وجود
ٿيندين پاڻ نابود، هوندس آءُ هر دور ۾

(21)
تَن ۾ تِن جي تانگ، سي هلي هوت ويا
ووڙيان ٿو واٽن تي، ڪڏهن ايندا ڪانگ
من ۾ منهنجي مانگ، اڄ ئي اچن اڳن تي

(22)
سور پيو سهان، ڪڇان ڪُرڪان ڪين ٿو
چئه ته ائين چوان، مونکي ماريو منهنجن

(23)
ڪنهنجن نه ڪرڪن، توڙي وير وڍجي پيا
مڙس اڄ ميدان ۾، لال ڳڀرو لڇن
لڪائي لوڪ کان، پاڻ ئي پٽيون ڪن
توڙي چاڪ چڪن، دانهن نه ڪن داد لئه

(24)
تنوارن ۾ تون، مرد مانجهي مهراڻ جا
تون آن سونهه سنڌ جي توسان سونهين ڀونءِ
مور نه گهرجي مون توري جيوت جڳ ۾

(25)
سانڍيان ۽ سڪان، ڪارڻ پنهنجي ڀون
مور نه گهرجي مون، حياتي هوتن بنان

(26)
سورهه سمجهين پاڻ کي، موت پسي ۾ نه موٽ
لڳئي نيزو نرڙ ۾، گهاءُ کائين ٿئين گهوٽ
جي اڄ به ٿئين اروٽ، سورهه نه سڏاءِ سنڌ جو

(27)
آهي سڪ ساڻيهه جي ڀل ڪپي ڪو ڪوري
جيئڻ اڄ جهوري، مري مانائتو ٿيان

(28)
جي سڪ اٿئي ساڻيهه جي، پوءِ عشق نه چئبو ايئن
وقت وڃائيندا واٽ ۾، سي ڪوٽ ڪيرائيندا ڪيئن
هئڻ کپي هيئن، اڄ ئي اٽڪون عقابن سان

(29)
سر ڏجي ساڻيهه تي، جيسين رڳن منجهه ساهه
ڪرٽ ڀل ڪاپار ۾، کڻان پويان پساهه
سمجهان سوبه گناهه، جي مرڪي موت نه ماڻيان

(30)
مرڻ کان منهن نه موڙ، سرهو ٿي سر ڏي
ڪاتي لڳئي ڪاپار ۾، خنجر لڳئي کوڙ
جيجل ڪارڻ جوڙ، سِرن سندا ڪوٽ تون

(31)
روح ساڻ رکيج، سڪ تون ساڻيهه جي
اونداهه انڌو ڪار ٿئي، پرين پوءِ به پسيج
اها راهه رميچ، جا هلي هوتن ڏي

(32)
تن ۾ اها تنوار، وڻ وڻ وائي هيڪڙي
مارئي منهنجي ملڪ جا ۾ سڀئي سزا وار
مارو منهنجي ملڪ جا، سوري سمجهن سينگار
اٿيا لک هزار، چاڙهي چاڙهيندين ڪيترا

(33)
وريو اهڙو واءُ، ساڙي سارو لوڪ ٿو
رڪ وهندا راند ۾، پن پن هي پڙلاءُ
جلدي پهچون جنگ ۾، رستو سوئي وٺاءِ
پانڌيئڙا پڄاءِ، ويرن جي اڄ وچ ۾

(34)
هلون ان هنڌ، جت رمندا راتاهن ڪاڻ
ڏسي ڏونگر مَ ڏر، پانڌيئڙا ڪر پنڌ
ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، دان ڏيئي ڌرتي لئه
*** ***