نذر آغا ممتاز دراني : شاعر نثار بزمي
شعر و سخن جي ملڪ جو گويا نواب هو
محفل جو مور اهلِ دل عاليجناب هو
ڪوئي سندس جواب نه هو لاجواب هو
تنوير ۽ مان به ٽمڪون ٿا ساهت جي اڀ تي
پر آسمان ادب جو هو آفتاب هو
دشمن جو خير خواهه هو، يارن جو يار هو
مخلص سچار بي ريا کليل ڪتاب هو
طنز و مزاح ۾ سندس ثاني نٿو ڏسان
هر صنف تي ڪلام سندس بي حساب هو
ياسين جي ڳڙهي ۾ مون هيئن هو ڏٺو
گويا رڍن اڳيان هو وڄندڙ رباب هو
مرحوم هن کي لکندي قلم ٿو ڪنبي وڃي
سوچان ٿو هڪ سهانو دراصل خواب هو
فردوس ۾ رهي ٿو، هو حورن جي هنج ۾
يارو خدا گواهه آ هو فيضياب هو
ڪنهنجي مجال آهي جو هن جي جڳهه ڀري
خود انجمن جي آن بان جو آب تاب هو
بزمي نثار کان ڀلا وسري هو خان ڪيئن
مجلس ۾ بار بار سندس بارياب هو.
(روزاني هلال پاڪستان 23 مئي 2002ع خميس)