شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

اي فاضل شاهه جيلاني

بقدرِ ظرف هر ڪنهن کي ملي ٿو فيض روحاني،
سندءِ دربار لاثاني اي فاضل شاه جيلاني
نه تعلميات تنهنجي کي ٿا سمجهن بدعتي ڀٽڪيل،
طريقي ڪار قرآني اي فاضل شاه جيلاني
بتن وانگر قبر تنهنجي ٿا پوڄن حيف ڪلمي گو
اسان جي ڏس مسلماني اي فاضل شاه جيلاني
ڪڍائڻ ٿيو اچن جنات پنهنجي جسم مان ڪنواريون
ٿي جهومي ساز تي جواني اي فاضل شاه جيلاني
چٽائن خاد مرقد جي چرين کي، ڇو ته سياڻا ٿين
صريحا آهه ناداني اي فاضل شاه جيلاني
تجارت قبر جي تنهنجا مجاور ڪن ٿا گويا
عقائد جي ٿي ارزاني اي فاضل شاه جيلاني،
نه اٿندا صور اسرافيل کان اڳ ۾ قبر وارا
اهو آ امر رَباني اي فاضل شاه جيلاني،
رهائي داشته پنهنجي کي ٿو درگاهه عاليءَ تي
ڪري ٿو ڪار شيطاني اي فاصل شاه جيلاني،
ڪڏهن سوچيو اٿئي ”ممتاز“ وئي وسري اسان کان ڇو؟
جهانداري جهان باني اي فاضل شاه جيلاني
***