شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

خدا ٻي رت به ٺاهي آ

ڀلا باد خزان توئي وڌايا غم غريبن جا
ڪيئه ساڙي اجاڙيا تو آشيانا عندليبن جا

مگر تنهنجا چَنڊي چٽڪا رڳو هن چئن ڏينهن جا
اجهو موٽي وري آيا اهي ئي ماهه مينهن جا

اچڻ سان اي خزان پنهنجا پکا هِت هُت اڏيئه پئي،
چمن مان نينهن وارن متوالن کي تڙايئه پئي

نه پئي سمجهيئه اري نادان دنياوي دور ڪوڙو آ
اها هستي حرفتائي وڏائي زور ڪوڙو آ

جڳائي ڪين بي نيازي جفا ۽ جور ڪوڙو آ
ڪرڻ بانَورُ زماني تي غرور و غور ڪوڙو آ

خبر ڏي اي خزان تنهنجو اڳواڻو ناز ويو ڪاڏي
ڪيئه پئي مفت مغروري اهو انداز ويو ڪاڏي

ڪمالي لازوالي هت نه ڪنهن جي بادشاهي آ
” ممتاز“ توکي مٽائڻ لئه خدا ٻي رت به ٺاهي آ
***