ديوان ٽيڪچند ٿڌاڻي
ڳڙهي ياسين جو ديوان بهادر ٽيڪچند آهي
عيان ان جي ادا عشري مان آهي عين ارڏئي
مٿيرا جي مکي ها تن جو جوهر ٽيڪچند آهي
ڳڙهي ياسين ۽ روهڙي سندس جو لانگاهه آهن
چلي ٿو چال چوطرفي جو گوبر ٽيڪچند آهي
چوي ڪيول ٿيو ان کي بڪبڪيو مخبوط ۽ پاگل
انهيءَ ڪم بخت ڪُوڙي کان به ڪم تر ٽيڪچند آهي.
ٻڌي بي ربط هن جي گفتگو دشمن هلائن ٿا
دماغي مرض کان شايد متاثر ٽيڪچند آهي.
سَري سگهندي انهيءَ کان جا ڪندو شيوا، وگر نه هو
اوهان جي پيءُ ڏاڏي جو ڇا چاڪر ٽيڪچند آهي
ڍڪائي گڏ، هو گنگواڻي ۽ سيئو مل کي گاڏي ۾
ڏيئومل تي ٿيندو هسوار اڪثر ٽيڪچند آهي
سڀا جو ٿو پتي سونهين سڀا پتني سندس سيئو
مڙن گوپن ۽ گوپين جو ته گرڌر ٽيڪچند آهي
شهر جي واڳ جا ۽ ڀاڳ جا مطلق العمنان ٻيئي
جي ڪسري آهه گنواڻي ته قيصر ٽيڪچند آهي
شري پئنچات جو آ ڏير ” ڏيئو“ ۽ پر ” پرمو“
” چَتن“ جو گهر سندس سسرال ۽ شوهر ٽيڪچند آهي
نه ڪر اغويٰ شري پئنچات کي شيوڪ اڳي ئي هو
عزيزن کان الڳ ۽ گهر کان بي گهر ٽيڪچند آهي
سراپا هن مان سندس سوڀيا ۽ مصلت ٿي بکي اهڙي
ڪنهن بي ملڪ جو گويا گورنر ٽيڪچند آهي
اوهان سان ساٿ سازش ۾ نه ڏيندو ياد رکجو سڀ
لڦنگو ناهه هرگز ڪين لوفر ٽيڪچند آهي
سنها ڇاڪُر ۽ ڪُرِڙيون سڀ ترن ٿيون تار ان جي
ڳڙهيءَ جي کير ٿر جو واهه سيسر ٽيڪچند آهي
عجب ڀڳوان جي ليلا زمانو ڌوڙ ڇائيءَ جو
جي پرمانند آ دودو چنيسر ٽيڪچند آهي
***