آغا ممتاز درانيءَ جون فارسي_ سنڌي ترڪيبون : سرمد چانڊيو
انهن ڪٿائن کي نظر ۾ رکي اسان اهو ئي چئي سگهون ٿا ته ڏاهپ ئي هر دور ۾ انسان کي اعليٰ ۽ اتم بنايو آهي، جيئن اڄوڪي سائنسي دور ۾ سائنسي ايجادن وارا ملڪ ان داتا تصور ڪيا وڃن ٿا، ايئن ئي آڳاٽين ايشيائي قومن به پنهنجي ڏاهپ جو غلط استعمال ڪيو هو، جنهن جي ڪري رومي ماڻهن کين مختلف نالن سان سڏيو آهي.
ترڪمان ۽ ارغوني قبيلن گهوڙن تي سوار ٿي جيڪي ڦريون ۽ ڌاڙا هنيا، انهن سان تاريخ ڀري پئي آهي. سنڌي ماڻهن ڍڳن جي وسيلي جيڪا زرعي ترقي ڪئي اها سائرس اعظم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڇانيل ٿئي نظر اچي. وري هندو مذهب، جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڪشتري نسل جا هندو لوڪ مذهبي جنون ۾ ديوي پنٿ جي پوڄا عام ڪرائڻ لاءِ عراق ۽ جرمني تائين سرگردان نظر اچن ٿا.
ايئن سامونڊي ڌاڙيلن به ڪنهن کان ڳجها پاليا ناهن.
آغا ممتاز حسين ”ممتاز“ دراني مرحوم جي شاعري لاءِ جنهن تي مون کي ڪيترائي ويچار ونڊڻا آهن. مرحوم جي گهڻي شاعري ته مون کي نه موڪلي وئي آهي پر جيڪي شعر مليا آهن، انهن جي حوالي سان، مان مرحوم جي شاعراڻين ترڪيبن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندس، ڏسو غزل جوهي سرو!
نقاش ازل جو شهڪار آدمي آ.
ساري زمين جو سچ پچ سينگار آدمي آ
مٿين سٽ جي بحر وزن کان هٽي ڪري صرف ترڪيب ۽ هيٺين سٽ جي ترڪيب تي نظر وجهندا ٿا هلون. ته لفظ ”آدمي“ مٿين سٽ ۾ تخليق آهي ۽ هيٺين سٽ ۾ تخليق هوندي به اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي، جنهن جو مطلب آهي، جيڪڏهن آدمي هن زمين تي نه هجي ته هيءَ زمين ڪا به معنيٰ نٿي رکي. اهو شاعر جي دانائي ۽ ڏاهپ جو ڪمال آهي. وري مٿين سٽ ۾ لفظ نقاش جي حرف “ش” تي جيڪا اضافي زير موجود آهي. اها ”جو“ ”يا“ ” جي“ جي معنيٰ ڏئي ٿي، پر شاعر لفظ ازل کان پوءِ جيڪو ”جو“ جو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن جي اچڻ سان لفظ نقاش جي ”ش“ واري اضافي زير پنهنجو پاڻ محزوف ٿي وڃي. ان مان شاعر جي علمي ذهانت ظاهر ٿي ٿئي ته شاعر کي ٻوليءَ تي ڪيتري هٿ پهچ آهي. مرحوم کي ٻوليءَ جو حاذق سڏجي به ته درست آهي، جيئن اصطلاحي معنيٰ ۾ اسان عورت کي گهر جو سينگار چئي سڄي گهر جي مالڪي سندس حوالي ڪندا آهيون. بلڪ ائين ئي آدمي کي ڌرتي جو سينگار چئي شاعر انسان ذات کي ڌرتيءَ جي مالڪي ڏئي ڇڏي آهي. هن غزل جي سري ۾ لفظ ”آدمي“ جيڪو رديف طور ڪم آيل آهي، رديف مقفا چوندا سين، جنهن تي عرب وڏو فخر محسوس ڪندا آهن. اها علم البيا جي گونا گونيت آهي. ان بحث کي نظر ۾ رکندي ”ممتاز“ دراني صاحب کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. اهڙي شاعريءَ تي ريس ٿيندي آهي. جنهن ۾ ڪيئي معنائون ۽ راز پنهان هوندا آهن.
دراني صاحب هڪ ٻئي شاهڪار غزل جو مقطنو ڏسو ڇا نه ٻن جدا ٻولين جي ترڪيبن جو سنگم ڪرايو اٿس. ڄڻ ڪن ٻن قومن جون ٻه حسين ڪنواريون هڪ ئي وقت پنهنجي حسن جو داد وصول ڪرڻ لاءِ منتظر بيٺيون هجن ۽ جج منجهي پيا هجن ته ڪنهن کي حسن جي ديوي قرار ڏجي! ڏسو!
مڪتفت ٿي نگاهه اي ممتاز!
پاڻ پنهنجو وقار ڇا چئجي!
مٿين سٽ ۾ يار جي نگاهه جو توجهه ڇڪائي جنهن انداز سان هيٺين سٽ ۾ پنهنجي وقار ۽ شاعري جي ڳالهه جيڪا شاعر ڇيڙي آهي، اها حيران ڪن آهي. نقاد منجهي بيهي ٿو رهي ته محبوب جي نگاهه متوجهه ڪرائڻ واري داد ڏجي يا محبوب جي نظرِ عنايت کي داد ڏجي. هڪ پاسي مهربان نگاهه جو معاملو آهي ۽ ٻئي پاسي توجهه ڪرائيندڙ جي شخصيت آهي. جيئن گل ۽ خوشبو آهي جيئن روح ۽ جسم آهن هاڻ مرحوم جي ممتازي بيان ڪجي يا محبوب جي مخموري، سڪ ۽ سونهن کي ملائي شاعر منجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
مان ته چوندس ته ٻئي پار ڳورا آهن! پرهه جي ماڪ جي ڳالهه ڪيان جنهن مکڙيءَ کي نکار بخشيو آ يا منتظر مکڙيءَ جي ڳالهه ڪيان جيڪا سڄي رات ماڪ ماڪ ٿي ڪندي رهي. لفظ مڪتفت جيترو اوپرو جيئن بيان ٿيو نگاهه جي حوالي سان ۽ هوڏانهن وري وقار لفظ قافيو، ڇا چئجي. اهو دراني صاحب جي گويائي جو ڪمال آهي، هن بحث کان اڳتي هلندي ساڳي غزل جو هڪ بند ڏيڻ به ضروري ٿو سمجهان! جنهن ۾ ٺيٺ فارسي ترڪيبون آهن. ڏسو!
دلِ ماشاد چشم ما روشن
آمد نو بهار ڇا چئجي
هن بند جون مٿيون ٻئي ترڪيبون ”دل ماشاد چشم ماروشن“ شعر جي زندگي وڌائي ٿيون ڇڏين. ڇو؟ ان ڪري جو محبوب نو بهار جلوه گر ٿو ٿئي. محبوب جڏهن سامهون ٿو ٿئي ته دل کي فرحت ۽ اکين ۾ چمڪ اچي ٿي وڃي. محبوب سدائين سهڻو هوندو آهي ڀل ان جي عمر کڻي پنجاهه سال ٿي وڃي، پر جڏهن درشن ٿو ڪرائي ته بلوغت جي پهرين بهار وانگي ٿو لڳي.
اهو شاعر جي لفظن جي جوڙجڪ جو ڪمال آهي. وڻيس ته ڳالهه وڪوڙي سڪوڙي بند گوبيءَ جي گل ۾ رکي ڇڏي، وڻيس ته ڳالهه سج جي روشنيءَ کان به چٽي ڪري ڇڏي، هن بند ۾ دراني صاحب فارسي شاعر”ساقيءَ“ سان وڃي ڪلهي گس ڪئي آهي. اهڙي شاعر ٿي جڏهن اڳيان اچي ته انسان جي اعليٰ هجڻ جو تصور ٿو ذهن تي اڀري اچي. هاڻي ٿا اچون نج سنڌي ترڪيبن تي ڏسو هن غزل جو مقطعو!
غم جي جهوٽن ۾ توکي ممتاز!
ان جي زلفن جي گهٽا ياد آئي!
جهڙ ۽ هوا تصور جي پردن تي لهرائي گرمي ۽ جهولي کي گنوائي ٿو ڇڏي بلڪل ڄڻ هوا لڳندي ۽ ڪڪر اڏامندو. ترڪيبن ۾ زندگيءَ جي جوڙ جو توڙ ڪرڻ هڪ ڏانءَ آهي. شاعر هٿ کان وٺي وڃي پڙهندڙ کي ماحول ۾ ڇڏي ۽ وري پڇيس ٿو ته واقعي شاعري ۾ جادو آهي يا نه!
شاعري جي ترڪيبن جي فن تي لکندو مون کي انهن دوستن تي کل ايندي آهي جيڪي چوندا آهن ته شاعري الهام آهي، جيڪڏهن شاعر الهام آهي ته ترڪيبي فن ڇا آهي؟ خير مان پنهنجي موضوع تي ٿو اچان. توهان کي حيران ٿو ڪيان ته
هاڻي ڏسو جهوٽن، زلفن جو ترڪيبي سٽاءُ گل دستي جي شڪل اختيار ڪرڻ ٿو بيهي، پر ان ۾ گل مختلف آهن اڃا به ائين چئجي ته رابيل ۽ گلاب جو سنگم آهي جن جي خوشبو به جدا ۽ رنگ به جدا آهي. توهان ترڪيبن جو سٽاءُ ته ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر هيءَ ترڪيب مصرعا آهي. ٻئي مصرعائون هڪ بند ۾ گڏ هوندي به جدا آهن. ڪاش اڄ منهنجو سعودي عرب وارو ليڪچرار دوست حجاج هٿ هجي ها ۽ توهان کي ترڪيب مصرعا جي سٽاءَ تي عربن جي لوڪ رغنا جي مصرعا بازيءَ جو ذڪر پنهنجي فصيح زبان سان ٻڌائي ها ته عرب هن ترڪيب کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا آهن. مصرعا هڪ ٻئي کان جدا آهي، غمن ۽ زلفن جو پاڻ ۾ ڪو پري جو تعلق آهي، پر غم جي جهوٽن وڃي زلفن جي گهٽا سان ڳالهه ملائي، بظاهر ڳالهه ڏک جي آهي پر خواهش سک جي ٿا رکون يا زلفن جي ڇانوَ، غم جي جهوٽن جي ياد ڏياري!”تن ڏکن کي شاباس، جن محبتي ميڙيا“ هن ميڙ ۾ ڪو دوست لکڻ جهڙي مصرعا چئي، توهان ٻي مصرعا اهڙي ڏيو جو اکين ۾ لڙڪ تري اچن، اها آهي ترڪيب مصرعا. علم البيان جي دنيا ۽ هيءَ اعليٰ پائي جي صنعت به آهي.
هاڻي اچون ٿا دراني صاحب جي ان غزل ڏي جنهن ۾ ترڪيب تلسين جو لاجواب استعمال ٿيل آهي ڏسو!
”معاذ الله جهڪائي آدمي سِرُ، آدمي اڳيان،
گرا وٽ جي اها انتها ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟“
لفظ گراوٽ گرپرڻي، هندي لفظ آهي جيڪو سنڌي ۾ گراوٽ طور ڪتب اچي ٿو. فارسي زبان ۾ ان ترڪيب کي تفريس سڏيندا آهن. جيئن انگريزي لفظ پارليامينٽ کي فارسي ۾ ٺاهيائون پارليامان. هدراني صاحب گرپرڻي مان گراوٽ ٺاهي آهي انهيءَ ادبي ترڪيب تاليس جو استعمال جڏهن ادب ي شاعري ۾ ٿيندو آهي منهنجو عرب دوست ان واڌاري جي خوشي مان بهي نچي هان جيئن اسان وٽ لفظ اسٽيشن جي سنڌي لفظ ٽيشڻ ٿي آهي پر اسان جا علام سڳورا وري ان کي غلط العام جو نالو ڏيئي روح کي رنجائي ڇڏيندا آهن ان شي کي غلط العام هرگز نه چوڻ گهرجي اهڙي ترڪيب ڏسي منهنجي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ تري آيا ته هي سر زمين اهڙن فردن جي ماءُ آهي جيڪي ترقي يافته دور ۾ عربي ٻولي کان به مٿانهون ترڪيبون نظر اچن ٿيون. ساڳي ترڪيب وري هن غزل جي بند ۾ ڏسو!
نفرت و عناد جو آ ملان جو مذهب يار!
اهڙي مذهب کان ڀڄي وڃ بانوارا بيزار ٿي.
عربي لفظ ملاجي شد ڪٽي ”ن“ غنون ڏئي شاعري پنهنجي علمي ادبي ڄاڻ جو ثبوت ڏنو آهي. دراني صاحب جي شاعري ٻين خوبين سان به ٽمٽار، آهي اميد ته ڪنهن ٻئي موقعي تي ٻيو موضوع ۾ آڻبو. آخر ۾ فقط ايترو چوندس ته ڪيترائي لاها، چاڙها اکين پسيا، مطالعي ۽ مشاهدي باعث سندس شاعري سيني ساڍڻ جهڙي آهي، ڪاش سندس فرزند وقار دراني مرحوم جي شاعري عام ۾ روشناس ڪرائي.
روزاني هلال پاڪستان 8 جون 2002ع