شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

پرمانند گنگواڻي

مبارڪ باد توکي شهر جا منهدار گنگواڻي؛
پٺاڻن، واڻين، سنڌين سندا سردار گنگواڻي.

صرف تون ئي ڪنڌن ڪوڙي سدوري جو نه آن سالڪ،
آئل ڀاري جو آهين دراصل اوتار گنگواڻي.

شري پئنچات کي آ فخر توتي، ڇو ته هن کان اڳ؛
نه تو جهڙو ڄڻيو جننيءَ ڳڙهي ۾ ٻار گنگواڻي

جنم پتري ڏسي تنهنجي، چيو ٻائي هريءَ توکي،
وڌيو آ ” چاڻڪيه“ کان تنهنجو ناماچار گنگواڻي.

ملان، قاضي، مهاجر سڀ ٿيا موهت مٿان تنهنجي،
۽ عيوض خان بي تنهنجو آ عاشق زار گنگواڻي.

وجهي ڏانوڻ ڏنل کي تو بڻايو واهه جا ڏاڪڻ،
ٽپي عبدالنبيءَ جي سر مٿان وئين پار گنگواڻي.

ڪٺورن، ظالمن، خونين ڪٺو ٻن بيگناهن کي
مگر تن جي لهوءَ سان تو ڪيو سينگار گنگواڻي.

وجهي زنار جي سرڳي ڪنئيه کي ڪري قابو،
مسلمانن تي ڇوڙيئه سگِ پر آزار گنگواڻي.


وڌايون چاولا کي لک، مبارڪ بدر عالم کي
ٺهين ٿو خوبتر تون شهر جو پڳدار گنگواڻي.

مبارڪ باد تي ناراض ٿي سرڪار گنگواڻي
دماغي ڪيفيت جو پيش ڪُيئه معيار گنگواڻي

تون سومر نانوائي لائو شيديءَ جي لياقت کي
وري هن نئين زماني ۾ ڪيو نروار گنگواڻي

مجن لوهر ۽ لالو نوني ناهن توتي نازان پر
ڏسو کوکر به توتان ٿو وڃي ٻلهار گنگواڻي

ايهو ڊرامو هليل آ اڳ ميونسپل هال ۾ جنهن ۾،
سڪندر خان جو توکي مليو ڪردار گنگواڻي

بباطن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ٿي ڏسن هي دوربين نظرون
بظاهر جو نظر توکي اچي ٿو هار گنگواڻي

تکيون طوطئه ڪيون هن منزلون پنهنجي ترقيءَ جون،
پمي مان پاڻ پر مانند ٿئين يڪبار گنگواڻي.

سياستدان، ليڊر، چيئرمين، ٽائوٽ ۽ شاطر؛
غرض، تون مختلف اخصال جو مهندار گنگواڻي.

شرارت، چاپلوسيءَ، چالبازيءَ چغلخوري ۾
نه مٽ تنهنجو مڪر ۾ تون وڏو مڪار گنگواڻي

چون ٿا چاهه مان هڪ ٻئي کي تارا چند ۽ ڪوڙو
پيئي ۽ شال جيئي جڳ جڳ وڌي ڏاتار گنگواڻي

هندو فرقه پرستي جا ستل هئي ننڊ ۾ تنهن کي
هڻي چاڻڪيه جو نعرو ڪيو بيدار گنگواڻي

اندر ۾ پائي ڏس جهاتي! تعصب ۾ ڀريل آهين
جيو جيئن گانءِ کي ڪنهن مينهن هو هڪوار گنگواڻي.

چاپلوسي نيازمنديءَ جي سبب توڏي اصل کان؟
ڏيڻ آيا ها ڪوڙا ووٽ ٿي تيار گنگواڻي!

مليئه درگاهه کان هي فيض يا تنهنجي لياقت هئي
تجاهل عارفانه جونه ڪر اظهار گنگواڻي.

معاذ الله چوي ٿي سادگيءَ تنهنجيءَ کي پر ڪاري،
سيلف ريسپيڪٽ جي نعري جو ڇڏي تڪرار گنگواڻي

مڙين پُتِلن ۾ پاٽي خان جو آ مرتبو تنهنجو
غرض ڌاڳن ۾ جڪڙيل تنهنجو هر هڪ وار گنگواڻي

خوشامد پاب بوسي ۽ سلاميون پارٽيون پيالا
انهن حيلن سان ڪامورا ڪرين هموار گنگواڻي

ڏنو پير مغان ٿي جام تنهنجو ظرف جاچڻ لئه
متان ٿوريءَ چڪيءَ ۾ ٿي وڃين سرشار گنگواڻي

پروڙين جي نفي اثبات جو تون فلسفو مورک
نفيءَ جي انتها جو آهين تون اسرار گنگواڻي

محمد شاهه جا اعمال بد نادر جي صورت ٿيا
اسان جي شامت اعمال جو شهڪار گنگواڻي

تون پاڪستان سان آهين سچو ڪن پيٽ پالڻ لئه
پکيڙيون ٿي هتي ويهي وڏو هڪ ڄار گنگواڻي

ڪمالي لازوالي هت نه ڪنهنجي” بادشاهي“ آ
فضا کان پاڻ پڇ پبلڪ سنڌو اظهار گنگواڻي.

خموشي گفتگو دارد که در گفتن نمي آيد
ڏسون قدرت ڪري ٿي پاڻ ڇا ويچار گنگواڻي

وڏي هي مرتبي واري جو آ اعجاز تو جهڙا.
وگر نه هت وڪامن ٿا ٽڪي جا چار گنگواڻي

يقينن تون ڏنگيندين ان کي جنهن توکي نپايو آ
جو آهين فطرتا تون آستين جو مار گنگواڻي.
***