پاڪستاني جمهوريت
”پڻن“ سان پرڻجي ”بي بي“جمهوريت هنن وٽ آئي
مُيسر پئي ٿيو هر دؤر ”نئون پيءُ“ ”ڇورن“ کي
مگر ڪا ماءُ موچارِي يتيمن کي نه هٿ آئي
اگر آهي اسان ڇورن سندءِ هيءَ ماءُ ماٽيجي
نڀائيندي مگر معصومڙن کي چاهه سان مائي
خلافتِ راشده جي نانءَ سان مشهور هئي پيڪي
اتر پرديش جِي ڪهني سياست دان جِي ڄائي
سندس من موهڻي مورت هُئي مشهور ملڪن ۾،
اڇوتي ناز سوڀياوان هئي ڄڻ اپسرا ڪائي
سندس چشم فِسون گر جو ”غلام محمَد“ هيو قائل
سندس انداز عشوي جو ”سڪندر“ پڻ سودائي
بلند اقبال ”بي بي“ جو ازل کان هي مقدر هو
تعال الله! اميرالمومنين جي عقد ۾ آئي
سمورو ملڪ پاڪستان هن کي ”ڏاج“ ۾ مليو،
مسلم ليگ پڻ خلفه بگوشيءِ هن جي ۾ آئي
ابو ”جرنيل فوجي“ ”۽“ امان بيبي جمهوريت “آ
ڏسي جوڙي کي دشمن جي ڇڻي ٿي منهن مان ڇائي
انهيءَ شاديءَ ۾ ڳايو ”هو جمالو“ فوجي جي جوانن
نچڻ ۾ ڪينَ ڪئي هئي انتظاميا ڀي ڪا گهٽتائي
پڙهيو سهرو هو عزت مآب ”ڪالاباغ“ شاديءَ ۾
سڄو صوبو مليس انعام ۾ ٻيو ڇا کپي ڀائي!
”منعم“، ”لال ميان“، ”طائفي“ پنهنجي ساڻ حاضر ها
”صبور“ ۽ ”چوڌريءَ“ مشڪي ڏني هڪ ٻئي کي واڌائي
”حبيب الله ڀڳت“ پڻ پهريون هو ڇير ۽ جامو
ادو ”سعود صادق“ خود بڻيو هو پاڻ طبلائي
ٻڌائي تال ۽ سر ۾ پيو هر هر بيت هي ”زلفي“
اسان هر گهوٽ جا آهيون ستن پيڙهين کان شيدائي
ٿيا لايا سجايا ۽ سڀن جي آس پوري ٿي
ڏسون ڪهڙي قسم جا ٿي ڄڻي ڏي ٻار هي دائي
***