شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

آغا ممتاز دراني : سرڪش سنڌي

مرحوم سنڌ جو ۽ اسان جي جوءِ جو انمول انسان هيو. مان ته ٿورائتو آهيان آغا وقار حسين درانيءَ جو جنهن مونکي آغا تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو. جيڪا منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
اها ڳالهه صحيح آهي ته تاريخ جا ورق اٿلائيندي رت، جي بوءِ اچي ٿي. حملي آورن جي گهوڙن جي سنبن جا آواز ٻڌجن ٿا، پر مان چوان ٿو هي آغا سچي پچي اهو ڏاتار هو جنهن جي سيني ۾ هڪ شفاف ۽ اجري دل هئي جنهن ۾ ماڻهپي ۽ محبت جا سمنڊ هئا. هي سنڌ جو اهو سرويچ انسان هيو. جيڪڏهن ابدالي دور ۾ به هجي ها ته حق ۽ سچ جي واٽ وٺي ها.
اهڙا ماڻهو سدائين عالمي ضميرن جا امين هوندا آهن. هي انهن امينن مان هڪ امين هيو. ممتاز خان هڪ جنگجو قبيلي مان هيو. پر هن کي ڌرتيءَ اهڙي ٿڃ پيئاري جو سندس خاندان هميشه لاءِ هن ڌرتيءَ جو ٿي ويو، ۽ ڪڏهن محسوس نه ٿيو ته هي ڪي ڌاريا هئا. جنهن ماڻهو کي شاهه لطيف برزبان ياد هجي. ان کان بهتر ڪير سنڌي ٿي سگهي ٿو، مونکي ارمان ته انهن ماڻهن جو آهي جيڪي سٺ سالن کان سنڌ ۾ آهن پر سنڌي نه ٿي سگهيا آهن ۽ اڄ به اهي دهشتگرد ئي آهن.
ارغون آيا سنڌي ٿي ويا، ترخان آيا سنڌي ٿي ويا، مغل آيا بازڪزئي آيا، دراني آيا سنڌي ٿي ويا قريشي ۽ سيد آيا سنڌي ٿي ويا.
اهڙا سنڌي ٿي ويا جهڙا اسين آهيون. هاڻي ته آغا ممتاز رڳو وقار درانيءَ جو ناهي ڳڙهي ياسين جو يا شڪارپور جو ڪونه آهي هو ته سڄي سنڌ جو آهي. اسين هڙني اهل قلم ۽ اهل دل وارن جو آهي. مونکي علي احمد بروهيءَ ٻڌايو ته طنز مزاح ۾ منهنجو جيڪو مقام آهي اهو ممتاز حسين جي ڪري آهي.
ممتاز دراني کي مون ڪڏهن به شخصيت پرست نه ڏٺو. هي آدرشي انسان هڪ اصول ۽ هڪ ئي مڪتبئه فڪر جو ماڻهو هيو. سندس شاعري پڻ ان ڳالهه جي گواهه آهي.
هي قومي طبقاتي انقلاب جو حامي هيو شخصيت پرستي هن لاءِ هڪ ثانوي حيثيت رکندي هئي.
هن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي ڏسون ٿا ته، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي دور ۾ فاطمه جناح ۽ جمهوريت بدران ڊڪٽيٽر ايوب سان گڏ هيو ته، آغا ممتاز حسين هيئن مٿس تنقيد ڪئي:
ٻڌائي تال ۽ سُر ۾ پيو هر هر بيت هي ذلفي
اسان هر گهوٽ جا آهيون ستن پيڙهين کان شيدائي.
۽ اهو ئي ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن آمر سان مهاڏو اٽڪايو ۽ موت جي اکين ۾ اکيون ملايون ته ان لاءِ هيئن لکيائين:
شهادت رات حضرت قاعدِ عوام هو تنها
چڙهي سوريءَ تي هن پيتو اجل جو جام هو تنها
هيا حسين سان گڏ ٻاهتر ساٿي قتل گاهه ۾
مگر هن ڪربلا ۾ وقت جو امام هو تنها
يعنيٰ پوءِ ذلفيءَ مان کيس قائدِ عوام سڏڻ لڳو. اها هئي سندس جي حق ۽ سچ سان ڪمٽمنٽ هو هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند ذهن جو مالڪ هيو. ان وقت جي پير پرست معاشري کي هيئن چئلينج ڪيو:
ڪڍائن ٿيون اچن جنات پنهنجي جسم مان ڪنواريون
ٿي جهومي ساز تي جواني اي فاضل شاهه جيلان
تجارت قبر تنهنجيءَ جي مجاور ڪن ٿا
عقاعد جي ٿي ارزاني اي فاضل شاهه جيلاني
منهنجي خيال مطابق اهڙو غزل جيڪر ٽيڪسٽ بوڪن ۾ داخل هجي جيئن عوام ميرن، پيرن جي ڪوڙن ناٽڪن ۽ ٺڳين ۾ نه ڦاسي. آخر ۾ سندس عقيدت ۾ هي نظم پيش ڪيان ٿو.
ڪي انسان ته جيئري ئي مري ويندا آهن
ڪي امر موت پڄاڻان به ته ٿي ويندا آهن
ڪنهن جو گهر ۾ به نه هوند آ وٽي تي نالو
ڪي سڄي قوم جي تاريخ لکي ويندا آهن
ڪي ويندا هن ته پتو ڪنهن کي نه پوندو آهي
ڪي جي ويندا آهن ته شهر رلي ويندا آهن

***