شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

انسانيت جا آثار

اٿي انسانيت جا پاڻ ۾ آثار پيدا ڪر
فدائي قوم ٿيءُ ۽ جذبهءِ ايثار پيدا ڪر
خاموشي ڇڏ زبان ۾ طاقت گفتار پيدا ڪر
جا باطل کان نه ٿي خائف اها تلوار پيدا ڪر
سياه بختي کي گم ڪر طالع بيدار پيدا ڪر

ڏي يڪجهتي سندو پيغام تون ساري زماني کي
وساري ڇڏ وساري ڇڏ تفرقي جي تراني کي
مٽائي ڇڏ جهانگيري جي فرسوده فساني کي
لٽي پرمار ظلم ڇو چڙي جي آشياني کي
ڇٽي ٻج آمديت جو گل و گلزار پيدا ڪر

نظر ڦيراءِ ڏس عالم ۾ ڪيڏو انتشار آهي
جرائم جي ۽ رشوت جي خباثت بي شمار آهي
وطن جو پورهيت طبقو بکيو بي روزگار آهي
ڪٿي عصمت فروشي آ ڪٿي چوريءَ جي ڪار آهي
معطر ٿي وڃي دنيا سڄي هٻڪار پيدا ڪر

نه دنيا ۾ هي جورو جفا ۽ هاءِ هو باقي
نه دنيا ۾ رهي رجعت پسنديءَ جي ڪا بو باقي
نه ظالم ئي رهي زنده نو خود غرضيءَ جي خو باقي
رهي باقي فقط بس انسانيت جي آبرو باقي
نه چنگيزي رهي باقي فضا هموار پيدا ڪر

ٿيڻ گهرجي نه جنهن حالت ۾ بي اصفهام جي پوڄا
بلائي ناگهاني جي نڪا اوهام جي پوڄا
سراسر ظلم آهي شخصيت ۽ نام جي پوڄا
ڪجي ڇو مئي ڪشي خاطر سبو ۽ جام جي پوڄا
عصائي موسوي فرعونيت لئه پار پيدا ڪر

ٿئي اجڙي ويل باغ وطن ۾ تازگي پيدا
۽ مرغان گلشن جي گلو ۾ نغمگي پيدا
ٿئي مرده دلين ۾ جلد روح زندگي پيدا
وڃي ممتاز مايوسي ٿئي خور زندگي پيدا
بس اهڙا انقلابي پر اثر اشعار پيدا ڪر
***