شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

آسرو خدا جو

عنقا آ دوستي هت دستور آ ريا جو
ناياب آ مروت نالو آبس وفا جو

آهه و بڪا ۾ منهنجي عمر عزيز گذري،
يارو ڏسي ڇڏيو آ مون شان ڪبريا جو

انسان سان نفرت الله سان محبت!
اهڙو عجيب تر آ انداز پارسِا جو

خاذق حڪيم مونکي تنهنجي دوا نه گهرجي
بيمار عشق طالب ٿيندو ڀلا دوا جو؟

بادِ سموم ۾ ويا هت روح ڀي جهلسي
آ انتظار احمق توکي اڃا صبا جو

وچ سِيرَ ۾ آ ٻيڙي ۽ دورِ آ ڪنارو
طوفان ساڻ لڙندو اڄ عزم نا خدا جو

نا آشنا ۽ ويري چؤ طرف مان ڏِسان ٿو
آهي ” ممتاز“ کي ڪافي هڪ آسرو خدا جو
***