منهنجو بابو : پروفيسر آغا وقار دراني
آغا ممتاز دراني ڳڙهي ياسين جي اها هردلعزيز شخصيت هو. جيڪو هلندڙ وقت ۽ ايندڙ حالتن جا راز پروڙي نه فقط شهر پر صوبي جي ايندڙ نسل جي ڀلائيءَ جا گس ٻڌائيندو هو. هي مهربان انسان گمناميءَ جو اهو سمنڊ هو، جنهن ۾ انيڪ هيرا، لعل ۽ موتي لڪل هئا. جيڪي سندس ويجها دوست سندس مان جهوليون ڀريندا هئا. هي دوستن ۽ تعلقي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هو.
مرهيات بابت ماڻهن جا جدا جدا رايا هئا. ڪي چون ته سخي مڙس هو، ڪي چون ته نرم مزاج هو، جي چون سخت اصول پرست ۽ ارڏي مزاج وارو هو، موٽڻ کي مهڻو سمجهندو هو.
سندس هڪ مرحوم دوست سيد شاهه محمد شاهه هنڱورجا شريف جي چوڻ مطابق: ”مرهيات جو ته ڪو انت ئي نه هو، هو گونا گون هو.“
1982ع جي بيماريءَ جي لوڏي کانپوءِ ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو، جوانيءَ منجهه اڇو رنگ، موهيندڙ چهرو، سهڻيون سٻاجهڙيون اکيون، وڏي ويڪري ڇاتي زبردست قد ڪاٺ وارو هو.
هو ظلم ڏسي آپي مان نڪري ويندو هو. پوءِ ڪنهن کي به نه ڏسندو هو، ته منهنجي اڳيان ڪير آهي. مرهيات نيڪ سيرت، واعدي جو پڪو، سڄڻن جو ساٿي پر دشمن بن منجهائنس چڱي اميد رکندا هئا. سندس ذات منجهه ڪيئي انجمنون لڪل هونديون هيون.
جتي ويهي اتي محبت جا ميلا مچي ويندا هئا. جنهن سان دوستي رکندو هو تنهن سان توڙ نڀائيندو هو. هو فيصلي وقت سڀ کان وڏي خوبي سندس اها هئي ته ڌرين ۾ ڀلي ڪيڏا به وڏا اختلاف ڇو نه هجن پر هي مڙس مٿير اهڙي ته حڪمت هلائي انهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو جو. ورهين جا وڙهيل ۽ رٺل به سندس آڏو کلندي خوش ٿيندي اٿي ويندا هئا.
ڪنهن به ضرورتمند کي ڪا ضرورت هوندي هئي ته هي سخاوات جو پيڪر ان جي ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪري ڇڏيندو هو. جيئن هٿ نه ڏسي هٿ کي. سدائين مسڪينن پاران انتظاميا سان وڙهندو رهندو هو. جنهن ڪري چڱا مڙس، ڪليڪٽر ۽ ڪماني سندس دشمن هوندا هئا.
تنهن هوندي به سندس استقلال ۾ رتي ڀر به ڦيرو نه آيو. هو هميشه حق سچ جو علمبردار رهيو.
وقت جي علمدارن ۽ خانن جا سيس ته سندس آڏو جهڪيا پر سندس سيس رڳو قادر اڳيان جهڪيو. مرحوم تعلقي جي ماڻهن سان ايترو ته قرب ڪڙيءَ ۾ قيد رکندو هيو جو ڪير به کيس جواب نه ڏئي سگهندو هو ننڍو وڏو سندس عزت ڪندو هو. ماڻهن جو اهو خيال هوندو هو ته هو کيس وڌيڪ ڀائين ٿو. پر سچ اهو هو ته هر ڪنهن کي عزيز رکندو هو.
مرهيات تي ماڻهن جو اعتماد ۽ ڀروسو ايڏو هوندو هو جو جا به ڳالهه ڪندو ته سندس ساٿي ان سان سهمت ٿي پوندا هئا.
مرهيات جو سياستدانن بابت رايو هو ته، هو جنهن نظريي جي پرچار ڪن ٿا ان تي پاڻ عمل ئي نٿا ڪن.
جي. ايم. سيد بابت سندس اهو رايو هيو ته، ” هو سدائين رد عمل جي سياست ڪندو آهي ۽ ان جي ڪري سنڌ ڏاڍو ڀوڳيو آهي.“
رسول بخش پليجي لاءِ سندس چوڻ هو ته ” هو بين الاقوامي انسان آهي هو سنڌي قوم لاءِ فٽ ناهي. سندس سياست اڄ به آسمانن تي آهي جڏهن ڌرتيءَ تي لهندي ته هو ڀٽي کان به گهڻ رخي شخصيت ثابت ٿيندو.“
ڀٽي لاءِ چوندو هو ته، ” هو هڪ تمام بهترين ليڊر آهي پر نظرياتي طور تي کوکلو ۽ خالي آهي. هو ڪڏهن ته فرشتن کان به افضل ۽ مٿانهون ته وري ڪڏهن ان جي ليول هڪ ٿاڻي جي صوبيدار کان گهٽ، هو ڪڏهن گوتم ته، ڪڏهن ميڪاوليءَ جي ” دي پرنس“ جو هڪ ڪردار لڳندو آهي.“
هو نوجوانن کي ڪچهرين ۾ نوان نڪورا تاريخي گس ٻڌائيندو هو. هن جو نه فقط ملڪي معاملن تي عبور هو، پر هو ته بين الاقوامي معاملن تي به وڏي دسترس رکندو هو. جتي عام جي سوچ دنگ ڪندي هئي اتان سندس ڏاهپ جا در کلندا هئا.
هو نوجوانن کي ور ور چوندو هو ته، ”ڪاميابيءَ لاءِ قربانين جي ضرورت پوندي آهي.“
رئيس امروهي مرڻ کان مهينو ڏيڍ اڳ مرهيات ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ لکيائين ته، ” اڄ جو انسان وحشي ٿي چڪو آهي. ڪراچي وحشت ۽ دهشت جي گهيري ۾ آهي، لڳي ٿو ته، ڪراچيءَ ۾ وڏا ڪوس گهر ٺهندا ۽ وڏا ڪِيسَ ٿيندا. ۽ سڀ کان اڳ مان ان ڪوس گهر ۾ هوندس.“
ان خط سان گڏ هڪ ڪتاب پڻ اماڻيائين. جنهن تي هڪ شعر سندس هٿ اکرن ۾ لکيل هو:
يه تحفهِ دل پذير افکار
اے همد م جواں مبارک
رئيس کا حقير ساتحفه
ممتاز حسين خان مبارک
سندس دوستن ۾ رئيس امروهي، علي احمد بروهي، جوش مليح آبادي، اعجاز الحق قدوسي، بدر عالم دراني، آغا غلام نبي پٺاڻ، ڊاڪٽر سيد انوارالحق، فقير مسرور بدوي، نثار بزمي، اينمري شمل، حسام الدين راشدي، علي محمد راشدي، کيئلداس فاني، ڪليم الله ميمڻ ۽ ٻيا انيڪ انسان هئا.
جوش منيح آبادي، جڏهن پنهنجو ڪتاب: ”يادوں کی بارات“
ڏانهس اماڻيو ته ان تي هي هٿ اکر لکيا هئا:
” يه پهول ﮨﮯ باغباں کو ديدو
يه رنگ ﮨﮯ کـﮩـکشاں کو ديدو
يادوں کي بارات اے جوش
ممتاز حسين خان کو ديدو “
جوش اهو به لکيو ته: ” ادب هڪ ڪهڪشان آهي“. ”يادن جي باراز“ ڪتاب هڪ فرد کي نه پر هڪ زماني کي اپريان ٿو. ڇو ته، آغا ممتاز دراني هڪ فرد نه پر هڪ زماني جو نالو آهي.
ممتاز دراني ڀٽائيءَ جو حافظ هو کيس سڄو رسالو برزبان ياد هئس.
هو ڳالهه ٻولهه ۽ تقريرن ۾ عام جام ڀٽائيءَ جا بيت ڪتب آڻيندو ۽ اردوءَ جا شعر پڻ ان کي اڻڳڻيا ياد هوندا هئا. غالب، فيض، فراز، جوش، مصطفيٰ زيدي، انيس، اقبال، داغ، سودا ۽ زوق جا ته هزارين شعر برزبان ياد هوندا هئس. ساڳئي وقت رومي، سعدي ته به وڏو دسترس هئس.
مرهيات جي استاد کيئلداس فاني انڊيا مان پنهنجو ڪتاب: ” سڪ ۽ سوز“ تي اهو لکي موڪليائين:
نساز سان به همنشين ناساز نه آهي
عالم کان جدا هي ڀلا انداز نه آهي
دنياءِ ادب ۾ سخنور ته گهڻا آهن
ممتاز کان ليڪن ڪوئي ممتاز ناهي
اهو استاد جون سٽون ممتاز درانيءَ لاءِ وڏي سعادت ۽ اعزاز آهن.
مرهيات جا اڪثر دوست جيڪي ڪميونسٽ هئا. انڪري لٽريچر به ڪميونسٽن جو ڪافي پڙهيائين. انهن مان مارڪس، لينن، چيخوف، شولو خوف سان گڏو گڏ هوماڪو وسڪي آپگهات نه ڪيو پر کيس ماريو ويو هو، ۽ سندس موت اسٽالن هٿان ٿيو هو.
مرهيات نه رڳو شاعر، اديب، پر تاريخدان ۽ طنزمزاح جو پڻ وڏو شوقين هو
ساهڙ ڏي ساڃاهه ته تار تري تڙٿيان