شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

سهيڙيندڙ پاران

بابا سائين جي سڀ دوست جيڪي مون لاءِ صدق لائق احرام آهن. ۽ ٻين منهنجي دوستن پڻ ڪجهه سالن کان زور رکيو ته آخر ڪهڙي مصلحت آهي جو تون پنهنجي پيءُ جو ڪتاب ” دقيانوسي ڌمچر“ ڇوڪو نه ٿو ڇپائين؟ مان چپ ٿي ويندو هوس، مان ڪنهن کي ٻڌائڻ جي قابل ئي نه رهيو هوس ته دقيانوسي ڌمچر تي ڌاڙو لڳي ويو آهي. مان ڪنهن کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي سموري ميراث مون وٽ نه آهي. مان ته ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته مون سان اهڙي ويڌن ۽ ويساهه گهاتي ٿي ويندي. سال سوا ته صفا ذهني طور تي مائوف ٿي ويو هوَس پر پوءِ پاڻ سنڀالي ٻاهر نڪتس. ڳالهه اها آهي ته چاچا علي احمد بروهي کي بابا سائين بعد منهنجو رهبر ۽ رهنما رهيو هو. مون ڳچ سال پرنس ڪامپليڪس منجهه چاچا ساڻ گڏ رهيس. چاچا سائين پنهنجي شريڪ حيات کي ماڻي ڪري سڏيندو هو. جيڪا پڻ منهنجي پنهنجي هئي. هو تيستائين چاچا علي احمد کي به ترسائيندي هئي ته مان جيستائين پهچان پوءِ ٽيبل تي ماني کائڻ شروع ٿيندي سندن قرب جي ڪٿ ئي ڪونه ٿيندي آهي. مان اڄ ڏينهن سودو علي احمد کي پاڻ سان گڏ ڀائيندو آهيان بابا سائين جي ڪتاب جو قلمي نسخو خوش خطي سان لکيل چاچا علي احمد بروهي وٽ ڇپائڻ لاءِ محفوظ ٿيل هيو. جڏهن سندس صحت اڀري سڀري ٿيڻ لڳي مون کيس عرض ڪيو چاچا سائين مونکي مسوڌو واپس ڏيو. مون وٽ ابي جو مال جام آهي پاڻ ڇپائيندس جنهن تي بروهي صاحب ڪاوڙ جي ويو. چيائين تون ايتري اميد لاٿي آهي. ڇا سال سوا به ڪونه جي سگهندس. مون معافي ورتي ته ٻيهر ڪتاب جي ڳالهه نه ڪڍندس. پر هو پرديسي پکيئڙو کلندي کائيندي عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن هُن پار هليو ويو، ۽ سندس شريڪ حيات پنهنجي نيڻ ۾ ڳوڙهن جا نيسارا ٺاهي ڇڏيا. مٿان وري سندس ناٺي محمد علي شيخ جي رويه کيس جهوري وڌو ۽ ستت ئي وڃي پنهنجي پنهل کي پرتي. ٻنهي جون قبرون ايڏيون ته لڳو لڳ آهن ڄڻ هڪ قبر نظر ايندي جيڪا عبدالله شاه غازي جي احاطي منجهه آهن. چاچا اتي ٻنهي قبرن جي جاءِ پنهنجي جيئري ئي خريد ڪري سهڻي نموني ٺهرائي ڇڏي هئي. چاچا مونکي ٻه ٽي دفعا پنهنجي ۽ گهر واري جي قبر تي وٺي هلندو هيو هڪ دفعي اوچتو مون کان اها ڳالهه واتان نڪتي هئي ته واه جون قبرون ٺهيل آهن جڏهن اهي لفظ سائڻ ٻڌا ته هوءَ چاچا تي سخت ناراض ٿي. مون اهو نه ڄاتو هو ته هيءَ ڳالهه ايڏو وڏو ممڻ مچائيندي خير نيٺ علمائن جي پڇا بعد قبرن ۾ ڪڻڪ وجهرائي وئي. پوءِ وڃي قصو ٺريو. بقول چاچا علي احمد بروهي جي پنهنجي مضمونن منجهه 600 شعرن جي موجودگي جو ذڪر ڪيو اٿائين. ڪتاب جو مسودو بروهي صاحب جي گهر منجهه ڀيل ٿي وئي. محمد علي شيخ سڄي مال ۽ لائبريري جو مالڪ ٿي ويو. ۽ سندس گهر جو نشان ئي نه رهيو. مون کي گهر جي ڪنهن مال ۽ ملڪيت جي ضرورت نه آهي فقط دست بسته محلد علي شيخ کي عرض آهي ته مونکي منهنجي پيءُ جي ميراثي يعني ڪتاب ” دقيانوسي ڌمچر“ واپس ڪيو وڃي ته احسان رهندو. مان پوءِ به همت نه هاري ويٺس ڪڏهن ڪنهن ڪيسٽ مان ته ڪڏهن ڪنهن دوست وٽان ڪڏهن ڪنهن ڪتاب مان بابا سائين جي شاعري جو ڪجهه حصو هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان جو حال حبينا سو پيش پريان ڪيان ٿو. اميد ته هي ڪتاب سندس دوستن جي ڪجهه اساٽ گهٽ ڪندو.

پروفيسر آغا وقار دراني