آغا ممتاز: تصوف ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي آئيني ۾ (اشرف الزمان پير چنڊامي)
اِهو ”گهل گهوڙا“ هن وقت اصطلاح آهي ظلم ۽ مصيبت وقت دانهن جو جيڪو اڄ کان اڳ اڍائي ٽي سؤ سال اڳ سنڌ تي، يا سنڌ ڏانهن ٿيندڙ ظلم يا ظلمن، غاضبن، ڌاڙيلن، لٽيرن ڦورن جي ڪاهه يا چڙهائيءَ جو علامتي اطلاع واري سڏ يا نعرو هو يا شهر ۽ ڳوٺ ۽ گهر وارن کي هوشياري ڪرڻ خبر ڏيڻ ۽ پڪارڻ جو پيغام هو جيڪو رڙ جي صورت ۾ هو ۽ آهي.
بهرحال گهل معنيٰ فوج ۽ گهلو يا گهلرن مان مراد اُهي ماڻهو آهن جيڪي ٽولي يا لشڪر جي صورت ۾ آهن. اڳ به سنڌ ننڌڻڪي هئي. آهي ته اڄ به ننڌڻڪن ۾ شمار ٿئي ٿي اڳ به نالي چڙهيا وارث هوندا هئا ۽ اڄ به ڪجهه فرد اهڙي وارثي جي دعويٰ ڪندا آهن اڳ وارا به اڄ وارن وانگر ڪمزور، ويڪائو، وکريل يا غدار هوندا جو سنڌ پئي سدائين گهوڙن ۽ گهلرن هيٺان پئي لتاڙجي جيئن اڄ لانگ بوٽن جي هيٺان پئي لتاڙجي.
اهي گهلر ڪير هئا؟ اهي افغاني ڪابل، قنڌار جا پشتون پٺاڻ، ارغون، ترخان، مغل هئا. يا ايراني پارسي پٺان اسان سنڌين کي سڀ اتر اولهه وارا پٺاڻ ئي نظر ۽ سمجهه ۾ ايندا آهن.
اهو خطرو اڳ به هو ته اڄ به آهي بلڪ خطرو ڇا؟ بلڪ خطرناڪ تباهي وارو سلسلو جاري آهي ۽ گهڻي قدر اهو سلسلو خاموش ۽ چور جي آهٽ وانگر هلندو پيو ٿو رهي ۽ اسين ڏسون ٿا ته پنهنجن جوئي ان ۾ هٿ آهي ۽ ائين ئي سنڌي شاعر اظهار ڪيو آهي.
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا.
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
انهن گهلرن ۽ گهوڙن جو اڳ لنگهه سکر ۽ شڪارپور سنڌ جو رستو هئو ته اڄ به آهي سنڌ ۾ خصوصاَ شڪارپور واري علائقي سلطان ڪوٽ شڪارپور، ڳڙهي ياسين مدئجي، آدمجي، باگڙجي، گوسڙجي، سهڪجي جهڙن شهرن ۾ گهوڙا ٻڌي جاگيرون هٿ ڪري ويٺا اڄ سندن پويون نسل ساڳئي ٺٺ ٺانگر سان رهندو پيو اچي.
جيئن ته اهو هڪ الڳ ۽ وڏو موضوع آهي پر هت مان خاص آغا ممتاز درانيءَ تي لکڻ جي ڪوشش ڪندس.
سنڌ جي لک پتي شاعر سائين نثار بزميءَ آغا ممتاز درانيءَ جي لاءِ هڪ شعر لکيو هو.
تون مهنجو آن تون منهنجو آن.
تون ڌاريو هاڻي ڌاريو ناهين
تون سنڌ کي ڪيو پنهنجو آن،
تون مونکي ڪيو پنهنجون آن،
مان تنهنجون آن، مان تنهنجو آن.
تون منهنجو آن، تون منهنجو آن.
آغا ممتاز خان دراني جنهن نه رڳو سنڌ ڌرتيءَ تي اکيون کولڻ سان پنهنجي ڌاريائيپ واري وجود کي رد ڪيو بلڪ سنڌ ڌرتيءَ سان قديمي ڳانڍاپو ڳنڍيندي چيو ته:
آءُ آڳاٽو آهيان موهن دڙي کان موجود،
آد جڳاد کان آهيان ڪير وڃائيندو وجود،
ٿيندين پاڻ نابود، هوندس آءٌ هر دؤر ۾.
مان 1984ع ۾ 21 ايڪوهين سالن جي عمر ۾ شاعريءَ سکڻ جي شوق ۾ پنهنجي محترم مرحوم استاد سنڌ جي عوامي نصابي لکپتي شاعر سائين نثار بزمي صاحب سان مرزا پور ۾ مليس جيڪا پنجن ڪوهن جي پنڌ تي ڳڙهي ياسين شهر کان پري آهي پوءِ ان زندگيءَ جي سفر ۾ سائين بزمي صاحب کان سنڌ جي ٻين نون پراڻن شاعرن جي نالن ۽ ذڪر سان گڏ آغا ممتاز خان درانيءَ جو نالو به وڏي احترام ۽ شَدَ مَدَ سان ٻڌم، ٻئي هم عصر ۽ هم عمر شاعر به هيا ته ڪن ڳالهين ۾ هڪجهڙائي به رکن پيا. مثلاَ سائين بزمي صاحب مرزا پورڄايو. جوڻيجن جي وڏيرڪي خاندان سان تعلق رکندڙ هيو ته آغا ممتاز خان دراني به ڳڙهي ياسين جي جاگيرداري گهراڻي مان......... سائين بزمي صاحب به خود دار هيو ته ممتاز خان ٻه درجا وڌيڪ......... سائين بزخمي صاحب اڪثر پنهنجي ادبي شياني مان گهٽ نرڪندو هو ته ممتاز خان به......... پر بزمي صاحب اڃا سنڌ ۾ ادبي محفلن مشاعرن ۾ ويندو هو ۽ ريڊيو، ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندو هو پر ممتاز خان ته اهڙين آفرن کي به رد ڪيو.
ان عرصي ۾ ممتاز خان ڪڏهن به بزمي صاحب وٽ ڪونه آيو پر بزمي صاحب دفعا قدم ڀري ممتاز خان جي آڳر تي پڌرايو مونکي پاڻ سان ڪجهه دفعا ساڻ ملايو ۽ آغا ممتاز خان جي شخصيت ۽ شاعري کان روشناس ڪرايو. مون ممتاز خان کي ويجهي کان ويجهو ڏٺو. پر ممتاز خان وٽ رڳو بزمي صاحب نه، پر مرحوم سائين تنوير عباسي، مرحوم نياز همايوني، مرحوم سائين اعظم عباسي ۽ ٻيا ايندي ۽ راتيون رهندي به ڏٺا ۽ ٻُڌا. آغا ممتاز خان حد درجي جو آڳر تي آڌرڀاءُ ڪرڻ وارو ۽ مهمان نوازيءَ جو حق ادا ڪرڻ ڄاڻدو هو.
آغا ممتاز مرحوم جي جاتي ڀٽي ذوالفقار علي خان سان محبت هجڻ ڪري پيپلز پارٽيءَ سان سياسي عشق جهرو رشتو هيو اتي سائين رسول بخش پليجي صاحب سان محبت سنڌ ڌرتي سان حب هجڻ به ثبوت آهي. اهو ئي سبب آهي ته سندس شاعري ۾ جاتي شهيد ڀٽي صاحب جا به گيت ڳايل ڏسجن ٿا ته اتي ان کان وڌيڪ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اٿاهه اتساهه ملي ٿو ۽ مون ڏٺو به...
آغا ممتاز خان مرحوم جتي شاعري ۾ مڪمل علم العروض مطابق، گيت غزل نظم وايون به ورجايون ته اتي اصل سنڌي شاعري جو ورثو ڏوهيڙا يعني بيت به چيا آهن ۽ اهي لطيف سرڪار جي بيتن جيان ڏيڍوڻا ٻيڻا ٽيڻا آهن ته پنجوڻا به چيا آهن. مون سندس اها شاعري به پڙهي آهي ته بيت به..... پر مون سندس تخيل روح، جسماني شخصيت، مذهبي ۽ سياسي عقيدي کي سندس چيل بيتن ۾ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ هو مونکي بلڪل پاڻ ۾ نج سنڌي صوفي شاعرن وانگر نظر آيو آهي جيڪي بلڪل پاڻ ۾ الله احد ڳولڻ ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ جي گـَسُ ٻڌائن ٿا ۽ واٽ وٺڻ ۽ وٺائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ رهبري ڪن ٿا.
ڀٽائي سرڪار جيان،
”ووڙين ڇو وڻڪار ۾
هت نه ڳولين هوت کي.“
آغا ممتاز خان به ڀٽائي سرڪار جي نظريي جي تائيد ڪندي ساڳي ئي ڳڻ ڳولڻ لاءِ چوي ٿو ته
ويچار ڪر وجود جو، روح سان ڪر رهاڻ،
نڪو جانب جبلن ۾ ڪڍ نه ڪنهنجي ڪاڻ،
خود ۾ خدا ڄاڻ، ڀٽڪين ڇو ٿو برن ۾.
يا
پنهنجو پاڻ پروڙ آهين الله پاڻ تون،
رکيئه فقط جي ربَ تي، هنُ ٿيندئي معذور،
جيءَ کي نه جهور، ٻيون باتيون ٿي ڀلائڻ جون
رڳو مثال طور آغا ممتاز کي انهن بيتن جي آئيني ۾ ڏسو ته هو سنڌي صوفي واٽ وٺائيندڙن جي قطار ۾ نظر اچي ٿو ۽ ان ۾ اصطلاحي طور تي اهو ئي شعر دڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بندو خودمختيار ڪري ڌرتيءَ تي موڪليو ويو آهي. هو سڀ ڪجهه هاڻي پاڻ ئي آهي. پاڻ تي ئي ڀاڙي ۽ پاڻ تي ئي ڀروسو ڪري ۽ اهڙي ئي شرعي تصوف جي سلسلي سان جيئڻ مرڻ جو ڳانڍاپو ڳنڍي زندگيءَ جي ڏکن سکن کي ساڻ کڻي هو ڌرتيءَ سان دين ڳنڍي جيئڻ لاءِ اول سورن سکڻ جو سبق ڏئي ٿو ته:
جوٽِ جنگيون جيئڻ ڪاڻ ڏيهه ۾ آهن ڏک،
سوز سهڻ تون سک، جي اٽڪڻو اٿئي عقابن سان
هڪ سچو صوفي ۽ ديشي جيئڻ لاءِ ۽ سکن کي پسڻ لاءِ اول سورن سکڻ جو ئي سبق ڏيندو آهي سنڌ جي سدا حيات لطيف سرڪار يا سچل سائين، بيدل سرڪار ۽ ڀڳت ڪبير ۽ سهڻي ساميءَ جي اها ئي نظرياتي روايت پڻ رهي آهي.
مرشد لطيف جيئن چيو آهي ته:
سورهيه مري سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
يا
جيها سي تيها مون مارون مڃيا
مون جهڙپون ملير ۾ چونڊن موڪ ميها
منهنجي آس اِها ڪڏهن ڪيرائيندو ڪوٽ کي.
بلڪل ائين آغا ممتاز خان به ورجائي ٿو ته:
سورهيه سمجهي پاڻ کي موت پسي نه موت
لڳئي نيزو نرڙ ۾ گهاءُ کائي ٿيءُ گهوٽ،
جي اڄ به ٿين اروٽ، سورهه نه سڏائج سنڌ جو
يا
جي سڪ اٿئي ساڻيهه جي پو عشق نه چئبو ائين،
وقت وڃائيندا واٽ ۾، سي ڪوٽ ڪيرائيندا ڪيئن
هئڻ کپي هيئن، اڄ ئي اٽڪون عقابن سان.
صوفي شاعر جو شعر ڪڏهن به هڪ طرفو نه ٿيندو آهي زندگيءَ گذارڻ جي هر واٽ ۾ هر وکر ان کي ملندو آ. آغا ممتاز رڳو ٻئي کي هُشي ۽ عقابن سان اٽڪڻ جي صلاح نه ٿو ڏي پر پاڻ به ميدان ۾ سندرو ساهي گڏجي هلڻ لاءِ چوي ٿو.
اُهُو ۽ اهي عقاب ڪير ۽ ڪهڙا آهن اها هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پر ۾ چڱي طرح خبر آهي. عقاب پنهنجي وجود ۾ به آهي جنهن سان اول وڙهڻو ۽ ان کي مارڻو آ. جڏهن پنهنجي اندر وارو عقاب مرندو ته ٻاهرين عقابن سان وڙهڻ آسان ٿي پوندو آهي. اهو هڪ صوفي شاعر گـسُ آهي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪلهه به عقاب آيا ته اڄ به عقابن جي يلغار آهي ته اڄ انهن سان گڏ پنهنجو ۽ سنڌي سڏائيندڙ عقابن جي به لٽ مار آهي ۽ اهي سورَ جاتي آغا ممتاز خان پٽي پٽي ۽ ڏسي انهن سان مهاڏو اٽڪائي هتان هليو ويو.
آدسي آديس، هئائون ڪري هليا
ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏورانهون ديس
ويراڳين نئون ويس، روال ڍڪي رميا ”شاهه“
اڄ سندس وڏو فرزند (جنهن هي مضمون مونکي لکڻ لاءِ امُرُ ڪيو) آغا وقار دراني به سور پِٽي رهيو آهي، اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن نثر ۽ نظم جي صورت ۾ موبائيل فون تي آغا وقار جا سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جا عذاب ۾ پيڙجڻ وارا ۽ سنڌ ڌرتي کپڻ کپائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي راتاهو هئڻ ۽ پنهنجن ۽ پروان هٿان مرڻ ۽ مارجڻ جا مسيج نه ايندا هجن. مان سمجهان ٿو جيڪي به دوست آغا وقار جي رويرو يا فون جي رابطي ۾ رهندا هوندا. اهي ان ڳالهه جي چٽيءَ جي رکواليءَ واري ڪمان کڻي اڳتي جانشين طور ڪمانڊر واريون واڳون سنڀالي نڪتو هجي. مسلسل داهيندو ۽ ڪاهيندو پيو اچي ۽ اسان جهڙن سست ڪاهل طبيعت رکندڙ ن کي به سنڌ جا سور ٻڌائي هلڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جي صلاح ڏيندو پيو اچي.
***