دراني بارڪزئي خاندان جي شجري بابت ڄاڻ ۽ ڳڙهي ياسين جي مختصر تاريخ : پروفيسر آغا وقار دراني
جڏهن ته ڪلهوڙا دور کان وٺي افغانستان جي بارڪزئي خاندان جو سنڌ سان تعلق رهندو آيو آهي. سردين ۾ ڪابل ۽ قندار کان پٺاڻ سنڌ ايندا هئا ۽ وري سنڌ جا ديوان، پارسي ۽ ٻيا سنڌي وري گرمين ۾ ڪابل ۽ قندار سير ۽ واپار سانگي ايندا ويندا هئا. جنهن سبب سنڌين ۽ پٺاڻن جا پاڻ ۾ برادرانه تعلقات ٿي ويا هئا. قنڌار ۾ شڪارپور نالي بازار پڻ قائم ٿي.
سنڌ ۾ 1782ع کان 1883ع تائين ٽالپر حڪمران رهيا جنهن چوياري جي انداز ۾ حڪمراني ڪئي.
1827ع ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس سنڌ جي اڀياس لاءِ هت آيل هيو. ان وقت پنجاب جو راجا رجيت سنگهه سنڌ تي قبضي جا عزم رکڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ کي پنجاب پرڳڻي ۾ شامل ڪرڻ جا سانڀاها شروع ڪيا اهڙي سازش جي ڄاڻ جڏهن ٽالپر ميرن کي پئي ته اهي پريشان ٿيا. پر انهن حاڪمن پنهنجي حفاظت جون تياريون حيدر آباد ۽ ميرپور خاص تائين محدود رکيون. پر اتر سنڌ واري علائقي سکر بکر شڪارپور وارن علائقن ۾ سنڌ جي اڙٻنگ سومرن سان گڏجي بارڪزئي پٺاڻ خاندانن به مادرِ وطن جي حفاطت لاءِ هڪ لشڪر به تشڪيل ڏنو. عاليجاه جمع خان سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماتر ڀومي روح سان تسليم ڪري چڪو هيو. جنهن جي وصيت مطابق کيس شڪارپور جي منڇر شاهه قبرستان منجهه دفن ڪيو ويو آهي. ڳڙهي ياسين جا بارڪزئي دراني افعانستان جي شهنشاهه دوست محمد جا ويجها عزيز هئا.
هن خاندان مان سردار رحيم داد ۽ تيمور شاهه دراني 1773ع- 1793ع جي دور ۾ فوج جو ڪاردار رهيا. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ابدال بارڪزئي (1785- 1786ع) به والد واري عهدي تي رهيو. ابدال خان (اول) دراني جو پٽ جمعا خان درانيءَ جنهن جي نالي پٺيان شڪارپور ۾ جمعا خان جي مڏي ۽ محلو مشهور آهي پنهنجي وقت جو هڪ مستند ۽ مشهور هستي ٿي گذري آهي سنه 1824ع ۾ حيدر آباد ٽالپر جي حاڪم مير ڪرم علي خان جي سپهه سالار نواب ولي محمد خان لغاري جڏهن شڪارپور جي آخري افغاني نواب منصور علي خان کان شڪارپور جو قبضو ڇڏائڻ آيو هو ته ان وقت جمعا خان بارڪزئي نواب ولي محمد لغاري ۽ نواب منصور علي خان وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري شڪارپور جو قبضو ٽالپر ميرن کي ڏياريو هيو. عالجاهه جمعا خان ٽالپر ميرن کان نواب منصور علي خان جي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ مهلت گهري ۽ پنهنجي ڳڙهي ياسين واري جاگير ڪوٽ عبدالله منجهه رهايو جنهن کي ٻانيهڙ ۽ بعد ۾ ٻانڀيهڙ نالو پيو جتان پوءِ نواب منصور علي خان واپس ڪابل هليو ويو، پر پاڻ سان گڏ پنهنجي پيءُ جي دوست ياسين خان نورزئي کي واپس وٺي وڃڻ جو جمع خان بارڪزئي کان وچن ورتو چيو وڃي ٿو ته ياسين واه جي کوٽائي ۽ ڳڙهي ياسين جون اڏاوتون پڻ ياسين خان نورزئي ڪرايون هيون جنهن سبب ياسين راهه ۽ شهر تي سندس نالو پيو، جنهن جا پويان نورزئي خاندان ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ اورنگ آباد منجهه آهن سندس تعمير ٿيل ڪوٽ جون اڄ به نشانيون نظر اينديون حاجي عطاءُ الله جي فرزند ثناءُ الله خان نورزئي جنهن جرڳائي فيصلن ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي ۽ شاهه محمد خان نورزئي جي اولاد طفيل احمد خان نورزئي ۽ ٻيا نورزئي ڪجهه ڳڙهي ياسين ۽ ڪجهه اورنگ آباد ۾ موجود آهن. ان وقت موجوده ڳڙهي ياسين ٽن ڳوٺن تي مشتمل هئي (1) مدن پور (2) ڀائيءَ جي کڏ (3) گوڪل پور هيون. گوڪل پور منجهه هيرا سنگهه وارا چانڊوڪي راتين ۾ گدڙن جو ڏيڏرن کي پڪڙڻ ڏسندا هئا، ڏيڏر کي فارسيءَ منجهه غوڪ چوندا اهن جنهن سبب ان ڳوٺ کي گوڪل پور سڏيندا آهن. پر ڪن جهونڙن اديبن جو خيال آهي ته نوشهري جا سک سردار جڏهن نوشهرو ڇڏي ڳڙهي ياسين آيا ته سردار هيرا سنگ جو ڏاڏي جو نالو گوڪل داس هيو، جنهن پٺيان گوڪل پور جو نالو پيو، ڳڙهي ياسين جي شاهي بازار جي اتر منجهه 1812ع ۾ بارڪزئي دراني خاندان جون ضربيون ۽ ٻه ڪوٽ ٺهيا. باڪزئين جي اچڻ سبب علائقي منجهه امن ۽ آشتي آئي ۽ شهر ترقي ڪرڻ لڳو مدن پور، گوڪل پور ۽ ڀائيءَ جي کڏ پنهنجو وجود ختم ڪري ڳڙهي ياسين ۾ ضم ٿي ويون الله بخش خان بارڪزئي جو وقت شهر جي لاءِ سنهري دور ثابت ٿيو ۽ ڳڙهي ياسين شهر منجهه خوشحالي آئي 1919ع منجهه هن شهر ميونسپالٽي جو درجو ماڻيو ۽ سول اسپتال ۽ عورتن جي اسپتال به ٺهي راس ٿي.
جمعا خان بارڪزئي کي 9 پٽ هئا جن جا نالا، عبدالقادر خان، خير الله خان، عبدالله خان، حيات الله خان، عزيز خان، شاهه غازي خان، مير خان، سيف الله خان ۽ محمد خان، حيات الله خان والد جمعا خان جي پٽ خدايار خان ڳڙهي ياسين منجهه هڪ شاندار ڪوٽ اڏايو جنهن جون ڀتيون قلعي جيتريون ويڪريون هيون جنهن ۾ ٻيا بارڪزئي خاندان وارا پڻ اچي رهيا ۽ پنهنجيون ضربيون ۽ جايون اڏايون جن جا ڪجهه کنڊر بچيل آهن هاڻي انهن ڀلائن ۽ جاين تي مبارڪ خان، سمندر خان، جان محمد خان جي اولاد طار خان، صابل خان عرف شهبازي خان جي اولاد شوڪت خان، عيوض خان جي اولاد امان خان عرف امنو خان، نيڪ محمد خان جي اولاد نظام الدين خان ۽ الله ورايو خان، عزيز الله خان ۽ منور خان جي اولاد ۽ الحاج الله داد خان جي فرزند حڪيم حبيب الله خان جي اولاد احمد خان جج ۽ سلطان خان جي اولاد امير بخش خان جي جن جون جايون آهن هڪ ٻيو پڻ شاندار ڪوٽ الله بخش خان جي موڀي پٽ عبدالمجيد خان اڏ هيو. جنهن سندس فرزند خانبهادر در محمد خان هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت قائم آهي باقي منجهه در محمد خان جي آخري نياڻي رهائش پذير آهي خدايار خان کي ٻن پٽن جي اولاد هئي پهريون معزالدين خان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو جنهن کي عدل و انصاف جو پيڪر سڏيندا هئا کيس نرينه اولاد نه هيو سندس ٻيو پٽ محمد اعظم خان هو جنهن جي ڪبير خان جي نياڻي ۽ آغا شمس الدين خان جي ڀيڻ سندس عقد ۾ آئي کيس ٽن پٽن جي اولاد ٿي محمد انور خان، محمد شريف خان ۽ ممتاز حسين خان صاحب ڪتاب نالي هئا، جيڪي آغا صدر الدين خان ۽ آغا بدر الدين خان جا پڦاٽ ۽ ماروٽ ٿين عاليجاهه معزالدين خان ۽ محمد اعظم خان گڏجي ڳڙهي ياسين شهر منجهه هڪ شاندار عمارت اڏائي جنهن جو ڪم 1892ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1901ع ۾ ٺهي راس ٿيو جنهن کي ”خان جو بنگلو“ سڏيندا هئا. جنهن جو ڪجهه حصو اڃان به محفوظ آهي. جنهنجي مرمت ۽ تزئين آرائش جهڙي ثواب جو ڪم رفيق احمد خان چيف جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ ڪرايو آهي. ان منجهه ئي آغا ممتاز خان دراني جي لائبريري ”مڪتبه دراني“ قائم هئي.
عبدالله خان ولد جمعا خان کي چئن پٽن عطاءُ الله خان، ڪرم الله خان، الله بخش خان ۽ ڪبير خان جي اولاد هئي.
الله بخش خان جا ٻه پٽ هئا عبدالحميد خان ۽ عبدالمجيد خان ۽ الله بخش خان جو موڀي پٽ عبدالمجيد خان جنهن کي وراثت ۾ وڏو مال ۽ ملڪيت ملي. سندس پٽ خانبهادر درمحمد خان کي سڀ نياڻيون هيون ۽ عبدالمجيد خان جو پٽ قلندر بخش خان هيو جنهن جي اولاد اڄ ڏينهن سميت حال حيات آهي. خان صاحب شمس الدين خان هڪ سهڻي جاءِ ٺهرائي جنهن کي شمس محل سڏڻ لڳا شمس محل جي اڏاوت تي 6 سال لڳا جيڪو 1925ع ۾ ٺهي تيار ٿيو. شمس محل جي ٻن پاسن کان اتر ۽ اوڀر کان خان صاحب محمد اعظم خان جون زمينون هيون. شمس محل جي گيٽ پڻ محمد اعظم خان جي زرعي زمين تي سندس زباني اجازت بعد اڏيل آهي. ۽ باقي بچيل زرعي زمين تي پڻ چوڌاري ديوار ڏياري ڪوٽ دراني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شمس محل جي اولهه منجهه هڪ شاندار ديوانن جو اڏيل پڪو تلاءُ هيو جنهن ۾ عورتون ۽ مرد غسل ڪندا يا ڪپڙا ڌوئيندا هئا تلاءُ جي چواڌري نِم ۽ ٽالهي جا گهاٽا وڻ هيا جنهن سبب وڏي ڇانوَ هوندي هئي. جتي انسانن سان گڏ ڪيئي جانور ۽ هزارين پکي پکڻ پڻ آسيون وٺندا هئا. 1947ع جي ورهاڱي بعد خوبصورت تلاءُ اجڙي ويو ۽ 1965ع ۾ آغا بدر الدين خان جي رحلت کان پوءِ ته تنهان بي توجهيءَ سبب شهر جو گندو پاڻي ٽائون ڪاميٽي ان تلاءَ ۾ ڇوڙ ڪرائيندي رهي. جنهن سبب هڪ شاندار تلاءُ ڪني پاڻيءَ جي کڏ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. اهو پڻ 2013ع ۾ ڪوٽ دراني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي باني ميمبر محمد اشرف خان عرف لالا امير خان جي بقول ته ان تلاءَ تي آڙين ۽ نيرڳن جو مان پڻ شڪار ڪيو آهي. تلاءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي سلطان احمد خان جي اوطاق هئي جيڪا اڳتي هلي امير بخش خان جي نالي سان مشهور ماڻي. جتي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون جنهن ۾ مشهور ڳائڻا گويا ۽ ناچو ايندا هئا ۽ شڪاري پنهنجي شڪارن جا حوال ڪندا هئا ان اوطاق تي سيد احمد شاهه جيلاني راڻيپور وارو، سيد سخي صالح شاهه، سردار نيڪ محمد اوڍو، سرائي محمود سيال، چيف سردار سندر خان سندراڻي، غلام عمر انڙ، موسيٰ خان ٻگهيو وغيره ايندا هئا. خان صاحب شمس الدين خان جي اولاد ۾ بدر الدين خان ۽ صدر الدين خان هئا. هاڻوڪو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج الدين خان دراني پڻ آغا صدر الدين خان دراني جو پٽ آهي شمس محل جي ايراضي وقت سان گڏ وڌندي رهي. پر شمس محلس منجهه سم ۽ سيڪ سبب اڳيون جايون بوسيده ٿي جُهري پيون ۽ هاڻ اتي آغا سراج خان دراني هڪ وڏي ايراضي تي هڪ عاليشان عمارت 2013ع منجهه اڏائي آهي ۽ شمس محل جي جاءِ تي ڪوٽ دراني لکرايو ويو آهي.