شاعري

ميراث

ڪتاب ”ميراث“ ڳڙهي ياسين جي نامياري سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آغا ممتاز حسين خان دراني جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ آغا ممتاز جو لائق فرزند اسان جو دوست پروفيسر آغا وقار حسين دراني آهي.
Title Cover of book ميراث

آغا ممتاز دراني بحيثيت شاعر : منير سولنگي

آغا ممتاز دراني 17 مارچ 1924ع ۾ اک کولي، ان وقت ننڍي کنڊ تي انگريزن جو پوري طرح تسلط هيو. سنڌ جو صوبو بمبئي پريزيڊينسيءَ سان ڳنڍيل هيو، سنڌي قوم غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. ٻهراڙيءَ جو مسلمان طبقو اقتصادي طور بدحالي جو شڪار هيو، تعليم ۽ واپار هندن جي هٿن ۾ هيو. ان وقت جا پير، مير، جاگيردار ۽ زميندار، انگريزن جي خوشامد ۾ رڌل هئا. سنڌ جي زراعت جو دارو مدار کوهن، ٻوڏن ۽ برساتن تي هيو. لائيڊ بئراج جو منصوبو مڪمل ٿيڻ تي هيو هيڏانهن سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جي تحريڪ زورن تي هئي. سنڌ جي جدائيءَ تي ڪيترائي هندو ناراض هئا. جي ايم سيد، سرشاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، حاجي عبدالله هارون ۽ ٻيا سنڌ جي جدائيءَ ۾ تمام گهڻو سرگرم هيا.
محمد ايوب کهڙو صاحب (Sufferings of Sindh) لکي سنڌ جي جدائيءَ واري ڪيس کي نهايت مضبوط ڪيو، سنڌ جي علحدگيءَ جي مخالفت ۾ پروفيسر ڇٻلاڻي ۽ راءِ بهادر هيرانند اڳڀرا هئا. ان جي برعڪس ڄيٺل مل پرسرام ۽ سنت داس سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هئا ۽ اخلاقي مدد ڏيندا رهيا. آخرڪار پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ بمبئي کان جدا ٿي.
انهيءَ وقت آغا ممتاز دراني سنڌ مدرسته السلام ۾ زير تعليم هيو. آغا ممتاز دراني جي عمر جڏهن ڇهن يا ستن سالن جي مس هئي. تڏهن سنڌ جو مايه ناز عالم، انقلابي ليڊر ۽ انگريزن جو ڪٽر دشمن حضرت مولانا تاج محمد امروٽي صاحب جن نومبر 1929ع تي هن دنيا مان آخرت ڏانهن سفر ڪن ٿا. انگريزن سان قطع تعلقات جا لفظ سڀ کان اول حضرت مولانا امروٽي صاحب جي وات مان نڪتا هئا. جيڪي پوءِ سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويا. آغا ممتاز جي جنم کان 3 سال اڳ ۾ مير علي نواز ناز رياست خيرپور جي تخت تي ويهي ٿو ۽ پوءِ ستت ئي لاهور جي هيرا منڊي جي طوائف اقبال بيگم عرف باليءَ سان شادي ڪري ٿو ۽ پوءِ بالي جو ڀاءُ بگُو نوٽ ساڙڻ شروع ڪري ٿو. 1928ع ڌاري وڏا ماڇيون تپي ۾ هارين ۽ رياستي فوج ۾ ڍل تان تصادم ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪيترائي هاري شهيد ٿي وڃن ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري جو هارين جي سوڀ ٿئي ٿي. بٽئيءَ بجاءِ ڍل جو سرشتو چالو ٿئي ٿو. هارين جو اڳواڻ وڏيرو حاجي شفيع محمد سولنگي رياست مان رات جو پيٽ مان نڪري نئين ديري جي آس پاس ٻرڙن ۾ روپوشيءَ جا ڏينهن گذاري ٿو.
مسجد منزل گاهه جو جهيڙو، هيمو ڪالاڻيءَ جو شهيد ٿيڻ، ڪنور ڀوڳت رام جنونين هٿان شهيد ٿيڻ جهڙا واقعا به آغا ممتاز درانيءَ جي آس پاس ٿيندا رهيا. ممتاز دراني ان وقت جناح جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿئي ٿو، جڏهن آمريڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان جي ٻن شهرن هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ائٽم بم وسائي انسانيت جو قتل ڪري ٿو. ان واقعي جي پسمنظر ۾ ممتاز درانيءَ جو هڪ نظم”چنڊ جو ماتم“ لکي سامراج ۽ وحشي انسانن کي شرمايو آهي. نظم جون چند سٽون ڏجن ٿيون.
چنڊ ماتم ٿو ڪري
شرح ڪري ڪير سگهي
ڇا فرشتا هانميا تنهنجي اڳيان
تو وڌائي آزمين جي رونق
ائٽمڪ بام ۽ راڪيٽ تو ايجاد ڪيا،
ڪنهن سان تون ڪندين جنگ
يا ڪندين پاڻ کي تن سان تون تباهه
شاعري ڪنهن هڪ دور جي لاءِ ڪونه هوندي آهي، بلڪ ان منجهه ماضيءَ جو ماضي توڙي مستقبل جي مستقبل جو اولڙو نظر ايندو آهي، آغا ممتاز جي سياسي شاعري جيڪا منهنجي مطالعي هيٺ آئي آهي، سا 1940ع جي بعد جي آهي. سندس جو ادبي ڪردار بعد ئي سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ بعد هن آدرشي انسان جيڪي خواب ڏٺا هئا. سي سڀ چڪنا چور ٿيندي نظر اچن ٿا. مثلن هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
پاڪ جو وطن پر ڏسجي ته پليتي ٿي
اسلام جي پردي ۾ الحاد نظر آيو
اڄ سياست پنهنجي محور تي ٿي هر ڪنهن جي ڦري
پاڪ جو پيش نظر ڪنهن کي نه استحڪام آ.
جنهن انسان اهي خواب لڌا هئا ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ ۾ اسلام جو جهنڊو بلند ٿيندو. امن آشتي ٿيندي، انصاف پنهنجي جوڀن تي هوندو. هر ڪو سک ۽ سانت ۾ هوندو ليڪن اهي خواب ممتاز دراني جا اڌورا رهجي ويا. کيس اٿاهه مايوسي ويڙهي وڃي ٿي. چوي ٿو:
هئي اميد ٿيندو پاڪ ۾ انصاف پر ويتر
غريبن جي مٿان پادر اهو ئي آهي اڳ جهڙو.
چمن بدليو، فضا بدلي، زماني هوام بدلي
دقيانوسي مگر ڌمچر اهو ئي آهي اڳ جهڙو.
مسلم ليگ جدوجهد ڪري پاڪستان حاصل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ئي پاڪستان ۾ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويئي. پوءِ مغموم ٿي ممتاز دراني مسلم ليگ جي ليڊرن تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته:
پرواڊ جو وجهي پنجوڙ ڪوڙ ۾ کڙو ڪن ٿا
تڏهن ڀي ليگ جو ليڊر اهو ئي آهه اڳ جهڙو
ياد رهي ته محمد ايوب کهڙو به پرواڊ ايڪٽ هيٺ ڪشٽ ڪاٽيو هيو. ممتاز دراني هاريءَ کي وطن جو معمار سڏيو آهي. پر افسوس جو هاريءَ جي حالت پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ساڳي ئي آهي ۽ ان جي حالت زار تي هن طرح خيال آرائي ڪري ٿو.
سرمايه پرستن جي هاريءَ تي حڪومت آ.
معمار وطن جو اڄ ناشاد نظر آيو.
رشوت خوري، بداخلاقي ۽ ٻي ڪرپيشن کي ڏسي ڪري هن جي دل ڏکندي رهي ٿي.
مشغول رهيا عالم تحرير فتويٰ ۾
هر روز نئون تن جو ارشاد نظر آيو.
مصنوئي ۽ ٺڳ مرشد لاءِ چوي ٿو ته:
جهن کي ٿا چون مرشد ۽ رهنما و رهبر
اخلاق بگاڙڻ جو بنياد نظر آيو
رشوت خور آفيسرن لاءِ چوي ٿو ته:
آ دام اڏيل هر هڪ آفيس ۾ رشوت جو
ننڍو ۽ وڏو آفيسر صياد نظر آيو.
ادب برائي زندگي مرحوم جي شاعريءَ ۾ ايتري ته ارزان ٿي نظر اچي جو انسان دنگ ٿو رهجي وڃي. جهڙي طرح هن غزل جو بند:
پڄائي پير پيسو ٿو آس پنهنجي پڄارن جي
جي ناڻو شاهه اڄ مشڪل ڪشا ناهي ته ٻيو ڇاهي.
زندگيءَ منجهه اهڙي شاعري گهٽ نظر ايندي آهي جيڪا سمورن دورن جي ترجمان هوندي آهي. ڇا مرحوم جي هڪ غزل جو بند ان ڳالهه جو ساکي نه آهي.
تذڪرو بلبل ۽ گل جو باغبان اڄ فضول،
باغ جو گهر خير جيڪو ٿي رهيو نيلام آ
اسان تي نازل ٿيل حڪمرانن جا ڪُڌا ڪرتوت ڪنهن کان ڳجها ڪونه آهن انهن جي ڪردار کي وائکو ڪندي چوي ٿو.
هن اڏيا باغ باغيچا محل
هي به آخر ملڪ جو معمار آ
شاعر هڪ وڏي ٺٺول ڪندي حڪمرانن کي نندي ٿو ته توهان فقط پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن ۽ عوام ته اڄ به بک ۽ اڃ ۾ حيران ۽ پريشان آهي ته ٻئي طرف سياسي فوجي حڪمرانن جا محل ۽ ماڙيون ڪنهن کان ڳجهيون ڪين آهن. مرحوم آغا ممتاز دراني حضرت عبدالغفور همايوني جي مشهور غزل
” تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“
جي تتبيع تي آغا جو جڙيل هي غزل
”تنهنجي حسن نزاڪت ڇا چئجي،
تنهنجي سونهن لطافت ڇا چئجي
مستان هزارين مان نه رڳو“
جڏهن سامهون ٿو اچي ته دل مان آواز ٿو نڪري ته شاعر واهه جو حق ادا ڪيو آهي. هو ڪيڏو نه وڏو شاعر هيو.
شاعر ڌرتيءَ سان واڳيل ڪميٽيڊ ڪارڪنن جي ڪردار بابت خوب چيو آهي.
هزار بار دنيا جي مزن انهن کي سڏيو
خيال تنهنجي کان غافل ٿيا نه ديوان
شمع جي عشق ۾ جانيون ڏين ٿا پروانا.
اڪثر ڪري غزل ۾ حسن يار جون ڳالهيون هونديون آهن پر مرحوم جي غزلن جي اڀياس مان سونهن سچ ۽ نيڪيءَ جا سبق نظر اچن ٿا.
هو خاموشيءَ بدران تڙپ ۽ جنون جي ڳالهه ڪري جهڙي طرح:
هوا گهلي آ ته اهڙي جو خوف طاري آ.
جي ملڪ قوم جا ها ترجمان چپ آهن
نه ڪو آ ولولو تحريڪ نه جوش جنون
جنهن جي دم سان هئي سي آن بان چپ آهن
آغا ممتاز دراني پاڻ پنهنجي شاعري جي وضاحت ڪندي پاڻ ٻڌائي ٿو ته:
نوح گران عظمت انسان به رهياسون.

روزانو هلال پاڪستان ڪراچي 12 آگسٽ 2002ع