جناب امروٽي
ڳڙهيءَ جي واسطي آهي عذاب امروٽي
سياهي خوب پکيڙيندي چوطرف آيو
سياهه چسمي جو پهري نقاب امروٽي
ريا جي، مڪرجي، فتني جي ڪند ڪاتيءَ سان
ڪهي ٿو شهر سڄي کي قصاب امروٽي
خسيس نفس ارذل ٿڪاڻو پاجي
شرارتي ۽ فسادي ڪذاب امروٽي
لڇي پڇي ۽ سڙي ٿو حسد جي آتش تي
پچي ٿو سيخ تي گويا ڪباب امروٽي
پسي خرابيءِ بسيار پنهنجي خاني ۾
ڪري ٿو خلق جو خانو خراب امروٽي
اگر ڏسي ٿو ڪٿي جنگ جدل جو امڪان
وڄائي شر جو اتي ٿو رباب امروٽي
نظر ۾ نقص، وڏو پيٽ ۽ پنيون ساڻيون
عجيب شيپ سان آهي جناب امروٽي
عطا ڳڙهيءَ ۾ ئي فرزند ارجمند ٿيس
هتي ئي پاڻ بڻيو بوتراب امروٽي
خوشا نصيب جو پيريءَ ۾ ٿيو امير مگر
پنڻ ۾ پنهنجو گنوايو شباب امروٽي
گناهگار آ هر ڪو مگر قهر ته ڏسو
گناهه ٿو ڪري سمجهي ثواب امروٽي
اڳيون جهان پري ٿي فساد جا باني
هتي ئي ترت تون ڏيندين حساب امروٽي
لٻاڙ ڊاڙ فحش گفتگو گلا گوئي
انهن جزن ۾ لکيل آ ڪتاب امروٽي
نظر سان پيءُ صراحيءَ کي مگر هٿ نه لڳي
هتان جو تند ٿي ڏاڍو شراب امروٽي
امروٽي: امير علي شاهه
***